مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“
مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ صاحب
ھالا ۾ 4 آڪٽوبر 1919ع ۾ ڄائو. سندن والد جو نالو مخدوم غلام محمد آھي. پاڻ حضرت
مخدوم نوح رح جن جي گاديءَ جا سورھان سجادھ نشين ھئا ۽ سروري جماعت جا مرشد ھئا.
سندن علمي، ادبي ۽ سياسي خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آھن. طالب الموليٰ ھاسٽل، ھالا ۽
طالب الموليٰ ھاءِ اسڪول، دادو سندن علمي خدمتن جا يادگار آھن.
پاڻ اعليٰ پايي جا شاعر ھئا. نثر توڙي
نظم ۾ سندن ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آھن، جن ۾ ديوان طالب، ڪافي ۽ ڇپر ۾ ڇڙيون ته گھڻو
مشھور آھن. پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جا پھرين ميمبر ۽ پوءِ چيئرمين ٿي رھيا. ان کان سواءِ
قومي اسيمبليءَ جا ميمبر، جميعت الشعراء سنڌ جا صدر، بزم طالب الموليٰ جا سرپرست ۽
لطيف يادگار ڪميٽيءَ جا ميمبر پڻ رھيا. پاڻ 11 جنوري 1993ع تي وفات ڪيائون.
مخدوم طالب الموليٰ فرمائي ٿو ته:
سو ھمسفر
ڪھڙو
لھي ٿو جيڪو
اڀرڻ بعد سو شمس و قمر ڪھڙو!
دوام آھي نه
جنهن کي سو ڀلا شام و سحر ڪھڙو!
اھو سج ۽ چنڊ ڪھڙو آھي، جيڪو اڀري وري لھي ٿو وڃي ۽ وري اھا شام ۽ سحر
ڪھڙي آھي جيڪا ھميشھ نٿي رھي.
پڙھڻ کان بعد
جو وسري سو الفت جو اکر ڪھڙو!
جو منزل کان
اڳي وڇڙي وڃي سو ھمسفر ڪھڙو!
محبت جو اھو اکر ڪھڙو آھي جيڪو پڙھڻ ۽
پرورڻ کان پوءِ وسري ٿو وڃي ۽ اھو وري ساٿي ۽ سنگتي ڪھڙو آھي جيڪو منزل اچڻ کان
پھرين ئي ساٿ ڇڏي جدا ٿي ٿو وڃي.
خوشامند تي
رھي راضي ملامت کان ڊڄي ھردم،
انهيءَ انسان
بزدل جو ڀلا چئبو جگر ڪھڙو!
جيڪو ماڻھو چاپلوسي تي خوش ٿيندو آھي ۽
جٺ ۽ ڦٽڪار کان ھر وقت ڊڄندو رھي ٿو انهي ڊڄڻي ماڻھوءَ جو جگر وري ڪھڙو آھي.
اھا بيڪار آ،
بيڪار آ، جا چشم نم ناھي،
وسڻ کان اڳ
وڃي موٽي اھو چئبو ڪڪر ڪھڙو!
اھا اک ڪنهن ڪم جي ناھي، جنهن ۾ ڳوڙھي
جو نالو نشان ناھي. اھو وري ڪڪر ڪھڙو آھي جو ڀرجي اچي ۽ وسڻ کان پھرين واپس موٽي
وڃي ٿو.
نه جنهن کان
سنگدل بي چين ٿئي اي ”طالب الموليٰ“،
پو تنهنجي
درد واري دانهن ۾ چئبو اثر ڪھڙو!
جنهن کان پٿر دل بي چين ۽ پريشان نه ٿئي
پوءِ ڀلا ان کي درد واري دانهن ڪيئن چئبو، جنهن جو ڪوبه اثر نه ٿيو. (حقيقت ۾ درد
واري دانهن ۾ اثر ھوندو آھي. سسئي جڏھن درد جي دانهن ڪئي ته ڏونگر ڏري پيا ۽ زمين
۾ ٿرٿلو اچي ويو.)
Comments
Post a Comment