گورک هل اسٽيشن



سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحدي پٽيءَ تي جبلن جي قطار آھي، جنهن کي کير ٿر جبل چيو وڃي ٿو. اھا پٽي ضلع دادو ۽ لاڙڪاڻي ۾ آھي. انهيءَ جابلو قطار جون شاخون ۽ ڇاڙون آھن ۽ انهن جي وچ ۾ ڪيتريون سھڻيون ۽ سرسبز ماٿريون آھن.

کيرٿر جي اترئين پاسي اوچيون چوٽيون آھن ۽ ڏاکڻي پاسي وڏيون نيون آھن. انهن مان مکيھ ”نئن گاج“ آھي جا منڇر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي ۽ نئن مھن ۽ نئن باران سنڌو درياء ۾ ڇوڙ ڪن ٿيون.





کيرٿر جبل جي ڏکڻ ۾ ٽي چوٽيون آھن، جن مان اوچي ۾ اوچي چوٽي گورک آھي. اھا چوٽي سمنڊ جي مٿاڇري کان 5 ھزار 600 فوٽ اوچي آھي. ھتي جي موسم خشڪ پر صحت بخش آھي. ھتي گرمي 7 کان 30 سينٽي گريڊ ٿئي ٿي ۽ سردي مائنس پنج سينٽي گريڊ ٿئي ٿي. (2006ع ۾ ته گورک تي 2 فوٽ برف پئي آھي.) ھن چوٽيءَ جو مٿاڇرو ناھموار آھي. جيڪو ٽن چئن سون ايڪڙن تي پکڙيل آھي. ھن چوٽيءَ تي قدرتي تلاء به آھن. گورک جي چوٽيءَ جي ڏکڻ ۾ ھينگڻ نالي واھي آھي، جيڪا سدائين پئي وھندي آھي ۽ ان جي پاڻيءَ مان پوک ٿيندي آھي.

مينهن پوڻ کان پوءِ وليون ۽ جڙيون ٻوٽيون نڪرنديون آھن، انهن جي خوشبوء جي ڪري سڄو ماحول معطر ٿيو وڃي. ھن چوٽيءَ تي وڻ به جام ٿين ٿا پر انهن جو ڦل گھڻو مٺو نه ھوندو آھي. ميدانن ۾ پوک ٿيندي آھي جن ۾ تر، ڪڻڪ، گوار ۽ جوئر شامل آھي.

جھنگلي جيوت جي لحاظ کان گورک چوٽي مالا مال آھي. ھتي ھر قسم جا جانور رھن ٿا پر شڪار تي پابندي نه ھئڻ ڪري انهن جو نسل ختم ٿيندو پيو وڃي.

گورک ۽ ٻين چوٽين تي الکاڻي، برفت، ڪلوئي، رند ۽ ٻين قبيلن جا ماڻھو رھندا آھن ۽ انهن جو عورتون به ھمت واريون ۽ گھڻو محنتي آھن. سياري جي مند ۾ اھي ماڻھو جابلو چوٽين تان لھي ھليا ويندا آھن ۽ سرد موسم ختم ٿيڻ کان پوءِ واپس چوٽين تي اچي رھندا آھن.

آڳاٽي دور ۾ ھتي جوڳي، سنياسي ۽ سامي ساڌو سنت اچي رياضتون ۽ عبادتون ڪندا ھئا. ھتي تيرٿ ”ڪنڀ“ ۽ تيرٿ ”قبي“ آھن پھرين تيرٿ ڪنڀ تي شيو جو ميلو به لڳندو ھو. انهيءَ چوٽيءَ تي اھو نالو به سنياسين، جوڳين ۽ سامين جي گرو ”گورک ناٿ“ جي نالي پٺيان رکيل آھي.

حڪومت گورک چوٽيءَ تي ھڪ جديد شھر اڏڻ جي رٿا تي ڪم ڪري رھي آھي. انهيءَ نئين شھر ۾ جديد ھوٽلون، تفريحي مرڪز، اسپتالون، سرڪاري آفيسون ۽ گيسٽ ھائوس ٺاھيا ويندا. جڏھن اھا رٿا مڪمل ٿي ويندي، تڏھن گورک ھل اسٽيشن کي سير وتفريح جي مرڪزي حيثيت ملي ويندي ۽ ھتي غير ملڪي سياح ايندا، انهن جي اچڻ سان نه رڳو ملڪ کي پر ڏيھي ناڻو ملندو، بلڪ مڪاني ماڻھن کي روزگار به ملي ويندو.

Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت