Posts

کروڑ پتی بننا قسمت کا کھیل نہیں

Image
اگر آپ سمجھتے ہیں کہ کروڑ پتی بننا قسمت کا کھیل ہے تو پھر آپ کبھی بھی کروڑ پتی یا ارب پتی نہیں بن سکتے۔ کیا یہ وارن بفیٹ کی خوش قسمتی تھی کہ: ·       وارن بفیٹ نے سرمایہ کاری کے درجنوں بہترین اور ذہانت مندانہ فیصلے کیے، جن کے باعث وہ دنیا کے امیر ترین افراد میں شامل ہوگئے؟ کیا یہ بل گیٹس کی خوش قسمتی تھی کہ: ·       بل گیٹس نے مائیکروسافٹ کے آئیڈیا کو عملی جامہ پہنایا اور دنیا کے امیر ترین افراد میں شامل ہوگئے؟ کیا یہ جیف بیزوز دنیا کے امیر ترین شخص کی خوش قسمتی تھی کہ: ·       جیف بیزوز کو کیا قسمت نے ایمازون لانچ کرنے کا کہا، جو بعد میں دنیا کی سب سے بڑی ای کامرس کمپنی بن گئی؟ دنیا کے ان تینوں امیر ترین افراد کی زندگیوں پر نظر دوڑانے سے اندازہ ہوتا ہے کہ تینوں میں کچھ کام کرنے کی صلاحیت تھی۔ ·       ان کے پاس کام کرنے کے لیے تھوڑا بہت سرمایہ بھی تھا۔ ·       ان کے ذہن میں ایک پراڈکٹ بھی تھی۔ ·       ان کے پاس ایک واضح بزنس پلان تھا۔ جو چند ہی برسوں میں ان کے لیے بے مثال کامیابیاں لے کر آیا۔

ﺩﻟﭽﺴﭗ ﻣﻌﻠﻮﻣﺎﺕ

Image
1.                                       ﮨﻤﻨﮓ ﺑﺮﮈ ( Heming Bird ) ﺩﻧﯿﺎ ﮐﺎ ﺳﺐ ﺳﮯ ﭼﮭﻮﭨﺎ ﭘﺮﻧﺪﮦ ﮨﮯ۔ 2.                                       ﻧﻮﺑﻞ ﭘﺮﺍﺋﺰ ﮐﺴﯽ ﺑﮭﯽ ﻓﺮﺩ ﯾﺎ ﺍﺩﺍﺭﮮ ﮐﻮ ﻓﺰﮐﺲ، ﮐﯿﻤﺴﭩﺮﯼ، ﻣﯿﮉﯾﺴﻦ، ﺳﺸﯿﺎﻟﻮﺟﯽ، ﻟﭩﺮﯾﭽﺮ، ﺍﻧﭩﺮﻧﯿﺸﻨﻞ ﺍﻣﻦ ﺍﻭﺭ ﺍﮐﻨﺎﻣﮑﺲ ﺳﺎﺋﻨﺴﺰ ﻣﯿﮟ ﺍﻧﺘﮩﺎﺋﯽ ﺍﻋﻠٰﯽ ﮐﺎﺭﮐﺮﺩﮔﯽ ﮐﯽ ﺑﻨﺎﺀ ﭘﺮ ﺩﯾﺎ ﺟﺎﻧﮯ ﻭﺍﻻ ﺍﯾﻮﺍﺭﮈ ﮨﮯ۔ 3.                                       ﻣﯿﻨﮉﮎ ﮐﯽ ﺯﺑﺎﻥ ﻣﯿﮟ ﺗﯿﻦ ﮔﻨﺎ ﺑﮍﺍ ﺷﮑﺎﺭ ﺩﺑﻮﭼﻨﮯ ﮐﯽ ﻃﺎﻗﺖ ﮨﻮﺗﯽ ﮨﮯ۔ 4.                                       ﻣﻮﭨﺮ ﮐﺎﺭ 1768 ﺀ ﻣﯿﮟ ﻓﺮﺍﻧﺲ ﻣﯿﮟ ﺍﯾﺠﺎﺩ ﮨﻮﺋﯽ۔ 5.                                       ﻣﺮﺍﮐﺶ ﮐﮯ ﺳﻠﻄﺎﻥ ﺇﺳﻤﺎﻋﻴﻞ ﺑﻦ ﺍﻟﺸﺮﻳﻒ ﺍﺑﻦ ﺍﻟﻨﺼﺮ ﺟﺲ ﻧﮯ ﻣﺮﺍﮐﺶ ﭘﺮ 1672ﺀ ﺳﮯ 1727ﺀ ﺗﮏ 55 ﺳﺎﻝ ﺣﮑﻮﻣﺖ ﮐﯽ ﺗﮭﯽ ۔ ﺍﺱ ﮐﮯ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺑﯿﻮﯾﻮﮞ ﺍﻭﺭ ﺑﺎﻧﺪﯾﻮﮞ ( ﮐﻨﯿﺰﻭﮞ ) ﺳﮯ 525 ﺑﯿﭩﮯ ﺍﻭﺭ 342 ﺑﯿﭩﯿﺎﮞ ﺗﮭﯿﮟ۔ 6.                                       ﻣﭽﮭﻠﯽ ﮐﯽ ﺁﻧﮑﮭﯿﮟ ﮨﻤﯿﺸﮧ ﮐﮭﻠﯽ ﺭﮨﺘﯽ ﮨﯿﮟ ﮐﯿﻮﻧﮑﮧ ﺍﺱ ﮐﮯ ﭘﭙﻮﭨﮯ ﻧﮩﯿﮟ ﮨﻮﺗﮯ۔ 7.                                       ﻟﻔﻆ ﯾﻮﻧﺎﻥ ﮐﮯ ﭘﮩﻠﮯ ﺩﻭ ﻟﻔﻆ ﻣﭩﺎﻧﮯ ﺳﮯ ﮐﮭﺎﻧﮯ ﻭﺍﻟﯽ ﭼﯿﺰ ﺑﻦ ﺟﺎﺗﯽ ﮨﮯ۔ ﻧﺎﻥ 8.                                       ﮐ

غريب جي عيد

Image
غريب لفظ جون ٻه معنائون آهن. هڪڙي معنيٰ آهي ڪنگال ۽ ٻي بي روزگار. ٻنهي معناعن م ساڳيو خيال سمايل آهي. جيڪو انسان ڪنگال ۽ بي روزگار آهي، سو پنهنجي وطن ۾ به ڄڻ بي وطن آهي. هو هر طرح سرنديءَ وارن جي همدرديءَ جو حقدار ۽ دل جوئي جو لائق آهي. عيد جي لفظي معنيٰ آهي خوشي، خوشي جو مدار آهي، جي دل گهرئي کاڌي پيتي تي ۽ عمدي صاف ڪپڙي لٽي پائڻ تي، عمدو کاڌو خورواڪ ۽ سٺو ڪپڙو لٽو، پئسي کان سواءِ ميسر ٿيڻ ناممڪن آهي. اها عيد جي معنيٰ دنيا ئي آهي نه روحاني. اسان جو هتي دنيا ئي معنيٰ سان مطلب آهي. عيد جي ظاهري ۽ رواجي معنيٰ موجب عيد جي ڏينهن عمدي خوراڪ کائي ۽ سٺو ڪپڙو لٽو پائي جا خوشي ڪرڻي آهي، سا ويچارو غريب ڪيئن حاصل ڪري سگهندو. جنهن جي هٿ ۾ سادي سودي خوراڪ ۽ ڪپڙي لٽي لاءِ ڪجهه به نه آهي. اهڙي حالت ۾ سڀڪو سمجهي سگهي ٿو ته غريب ويچاري جي عيد جي ڏينهن ڪهڙي حالت هوندي جڏهن هو پاڙي وارن جي گهرن مان خوشبودار طعام جي هٻڪار محسوس ڪري رهيو هوندو ۽ ٻين ماڻهن کي عمدن ڪپڙن ۾ گهمندو ڦرندو ڏسي رهيو هوندو. اهڙي حالت ۾ غريب ويچارو پنهنجي جهوپڙيءَ ۾ مٿي تي هٿ ڏيئي ڳڻتيون پيو پچائيندو رهندو ۽ پن

چوڻي آهي ته ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي

Image
انسان دنيا ۾ جيڪي شيون هنر ۽ ڪاريگريءَ سان پنهنجي لاءِ وجود ۾ آنديون آهن. اُهي ائين بنا ڪنهن مقصد جي لاءِ يا وندر لاءِ نه، پر انهن شين جي سخت ضرورت محسوس ڪندي ايجاد ڪيون آهن. زماني گذرڻ سان گڏ، جيئن انسان کي زياده ضرورتون محسوس ٿينديون رهيون. تيئن ضرورت مطابق نيون نيون ايجادون عمل ۾ اينديون رهيون شروعات ۾ انسان جي زندگي سادي هوندي هئي، پهريان انسان پٿر جا اوزار استعمال ڪيا پوءِ وڌيڪ ڪوشش سان لوهه جا اوزار ايجاد ڪيائين. سردي، گرمي ۽ برسات کان بچڻ لاءِ ڀُنگين يا جهوپڙين جي جاءِ تي پڪيون عمارتون اڏڻ شروع ڪيائن. بدن ڍڪڻ لاءِ بي ڊولا ٿلهن ڪپڙن جي جاءِ تي ڊولائتا عمدا ڪپڙا اوڍڻ لڳو. انسان جيڪا اڄ ترقي ڪئي آهي، سا سڀ پنهنجي ضرورت کي ذهن ۾ رکي ڪري ڪئي آهي. جڏهن انسان محسوس ڪيو ته جهنگ جي ڏٿن، گاهه ۽ پنن مان بک جو مسئلو حل ٿي نه سگهندو، انهي ضرورت کي محسوس ڪندي زمين کيڙڻ جا اوزار ايجاد ڪيائين انهن سان زمين کيڙي اناج پوکڻ شروع ڪيائين، جڏهن کيس بيمارين اچي وڪوڙيو، تڏهن بيمارين جي علاج جا نوان طريقا ايجاد ڪيا، سواري لاءِ اُٺ گهوڙا ۽ ٻيا جانور ڪم آڻڻ جو خيال ڪيو. جنهن مان آهستي آه

ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي

Image
زماني جي مختلف مرحلن کي ويچار ڪندي معلوم ٿيندو ته انسان شروع کان وٺي پنهنجن گهرجن جي پوئواري لاءِ سرگردان آهي. ڪو وقت هو ته هو پٿر جا اوزار ٺاهي انهن سان شڪار ڪندو هو، غارن ۾ رهندو هو ۽ ڪچو گوشت کائي گذارو ڪندو هو. پوءِ لوهه جا اوزار ايجاد ڪيائين، کيتي باڙي ڪرڻ لڳو ۽ پنهنجا   گهر به اڏڻ لڳو. اهڙي طرح پاڻ کي آسودي رکڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪندو رهيو. اڳيان هلي ڪري هو چوپائي مال مان کير حاصل ڪرڻ لڳو، انهن جو گوشت رڌي پچائي کائڻ ۽ کلن مان اڄ ڏينهن تائين بيشمار چمڙي جو سامان تيار ڪري ٿو. ڪو وقت هو ته ماڻهو اٺ، گهوڙي، گڏهه ۽ خچر تي سواري ڪندو هو ۽ سامان به کڻندو هو. پوءِ هاڻي موٽر ڪار، لاري، ريل ۽ جهاز ايجاد ڪري مهينن جو سفر ڪلاڪن ۾ ڪري ٿو. جيئن جيئن وقت گذرندو ٿو وڃي ته انسان جون گهرجون به وڌنديون ٿيون وڃن. پهرين مٽيءَ جا ٿانو استعمال ڪندو هو ۽ هاڻي ڌاتن مان مختلف ٿانوَ ايجاد ڪيا اٿس. دل کي وندرائڻ لاءِ پهرين ماڻهو نڙ وڄائيندا هئا، راڳ   ۽ ڪلام ڳائيندا هئا ۽ يڪتاري ۽ گهاگهر سان دل وندرائيندڙ هئا پوءِ موسيقيءَ جا هلڪا اوزار ايجاد ٿيا. اڄوڪي زماني ۾ ريڊيو، ٽي وي ۽ ڪيسٽون استع

هڪ حادثو

Image
وچين جي ويل هئي، سڀ دوست درياء جو سير ڪرڻ جي خيال سان نڪتاسين. سج آهستي آهستي اولهه طرف لڙي رهيو هو بس جي انتطار ۾ اسٽاپ تي بيٺا هئاسين. ايتري ۾ پريان بس به ايندي نظر آئي، اسان ان ۾ چڙهڻ لاءِ تيار ٿياسين. اڃا بس بيٺي نه هئي ته هڪ نوجوان اُٻهرائي ڪري هلندي بس مان لهڻ جي ڪوشش ڪئي. وري غلطي مٿان غلطي اها ڪيائين، جو لهڻ وقت پنهنجو مُنهن انهي طرف ڪيائين جنهن سمت کان بس اچي رهي هئي. نتيجي ۾ ٽپ اونڌي منهن ڀر وڃي پڪي روڊ تي ڪريو. وٺ وٺان ٿي ويئي. وٺو! جهليو! مڙس مري ويو! وغيره چوڻ لڳا. ايتري ۾ بس به بيهي رهي. ماڻهو بس مان لهي نوجوان ڏانهن وڌيا. اسين به ڊوڙي وڃي پهتاسين ويچارو بي هوش ٿي ويو. پيشاني مان رت وهي رهيو هئس، اڳيان ٻَه ڏند به ڀڄي پيس گوڏي جي ڍڪڻي به پنهنجي جاءِ تان هٽي ويس. سڄو بدن کرجي ويو هئس. هڪ شخص ڊوڙي وڃي پاڻي کڻي آيو جنهن سندس منهن تي ڇنڊا هنيا. ٿوري دير کان پوءِ کيس هوش آيو. هڪ   پوليس وارو ڀرسان ڊيوٽي تي بيٺل هو، اهو آيو کيس رڪشي م اسپتال ڏانهن کڻي ويو. پوءِ سڀ ماڻهو وري بس ۾ چڙهيا. اسين به بس ۾ سوار ٿياسين. بس ۾ حادثي بابت ماڻهن ۾ چوٻول شروع ٿي ويو. ڪو

گل جي زباني

Image
آءُ گل آهيان. مون کي الله سائين جنهن نعمت سان نوازيو آهي. تنهن جي هر بني بشر کي خبر آهي. مون تي مالهي به اهڙو مهربان آهن جو الله جا لک شڪر، جيئن ماءُ پنهنجي پياري ٻچڙي کي پيار ڪندي آهي، تيئن مالهي به مون سان ماءُ جيان محبت ڪري ٿو. آءُ حَسين نازڪ چهري سان گڏ نيڪ سيرت به آهيان. مون کي نازنين، نازڪ نوجوان ڏاڍو چاهيندا آهن. آءُ ناز ۽ نخري سان نوجوانن جي سيني جي سونهن بنجندو آهيان. نازنين جي هٿن ۾ نچڻ جي سعادت به مون کي ئي نصيب آهي. گهوٽ ۽ ڪنوار جي سيج کي آءُ ئي سينگاريندو آهيان. نازنين نازڪ بدن جي گلي جو هار بنجڻ لاءِ هزارها حيلا هلايا ويندا آهن، آءُ اُتي به بنا روڪ رنڊڪ جي محبوب جي گلي جو هار بنجي سندس سيني کي ڇُهڻ جو لطف حاصل ڪندو آهيان. بادشاهن، اميرن ۽ شاهوڪارن جي محلن جو سينگار به آهيان. مجلسن ۽ محفلن جي رونق کي روح به آءُ بخشيندو آهيان. شاعرن جي شاعري جو ڄڻڪ موضوع ئي مان آهيان. معشوق جي لعل لبن جي تشبيه منهنجي پکڙين سان ڏيندا آهن. محبوب جي لعل رخسارن جي تشبيه منهنجي ڳاڙهائڻ سان ۽ نازڪ بدنيءَ جي منهنجي نرم جسم سان ڏيندا آهن. مون کي نه رڳو انسانن وٽ اعليٰ عزت آهي، پر مون