چوڻي آهي ته ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي
انسان دنيا ۾ جيڪي شيون هنر ۽ ڪاريگريءَ
سان پنهنجي لاءِ وجود ۾ آنديون آهن. اُهي ائين بنا ڪنهن مقصد جي لاءِ يا وندر لاءِ
نه، پر انهن شين جي سخت ضرورت محسوس ڪندي ايجاد ڪيون آهن. زماني گذرڻ سان گڏ، جيئن
انسان کي زياده ضرورتون محسوس ٿينديون رهيون. تيئن ضرورت مطابق نيون نيون ايجادون
عمل ۾ اينديون رهيون شروعات ۾ انسان جي زندگي سادي هوندي هئي، پهريان انسان پٿر جا
اوزار استعمال ڪيا پوءِ وڌيڪ ڪوشش سان لوهه جا اوزار ايجاد ڪيائين.
سردي، گرمي ۽ برسات کان بچڻ لاءِ ڀُنگين
يا جهوپڙين جي جاءِ تي پڪيون عمارتون اڏڻ شروع ڪيائن. بدن ڍڪڻ لاءِ بي ڊولا ٿلهن
ڪپڙن جي جاءِ تي ڊولائتا عمدا ڪپڙا اوڍڻ لڳو. انسان جيڪا اڄ ترقي ڪئي آهي، سا سڀ
پنهنجي ضرورت کي ذهن ۾ رکي ڪري ڪئي آهي.
جڏهن انسان محسوس ڪيو ته جهنگ جي ڏٿن،
گاهه ۽ پنن مان بک جو مسئلو حل ٿي نه سگهندو، انهي ضرورت کي محسوس ڪندي زمين کيڙڻ
جا اوزار ايجاد ڪيائين انهن سان زمين کيڙي اناج پوکڻ شروع ڪيائين، جڏهن کيس
بيمارين اچي وڪوڙيو، تڏهن بيمارين جي علاج جا نوان طريقا ايجاد ڪيا، سواري لاءِ
اُٺ گهوڙا ۽ ٻيا جانور ڪم آڻڻ جو خيال ڪيو. جنهن مان آهستي آهستي ترقي ڪري هاڻي ته
انسان وڃي ريل، موٽرن ۽ هوائي جهازن تائين پهتو آهي شايد هن کان پوءِ ڪا وڌيڪ
تجويز خيال ۾ اچي.
وقت معلوم ڪرڻ لاءِ واريءَ جي گهڙي، سج
جي ذريعي ۽ رات جو تارن ذريعي وقت معلوم ڪيو ويندو هو پوءِ ضرورت موجب گهڙيون ۽ گهڙيال
ايجاد ٿيا. اهي سڀ ايجادون تڏهن وجود ۾ آيون، جڏهن انهن جو احتياج ۽ ضرورت پيش آئي.
اڳي قاصدن جي ذريعي پري جون خبرون معلوم
ڪبيون هيون. پر هاڻي ان جي جاءِ ٽيليفون، وائرليس هاڻي ته موبائيل تائين انسان وڃي
پهتو آهي. مطلب ته جيئن جيئن وقت گذرندو
ٿو وڃي. وقت جي گهرجن مطابق ضرورتون آڏيون اينديون رهن ٿيون، تيئن تيئن انهن
جي پورائي لاءِ نيون تجويزون، انهن ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڳوليندا رهن ٿا. انهي
مان معلوم ٿيو ته اهو جيڪي ڪجه وجود ۾ آيو آهي. اهو سڀ ضرورت جي ڪري، انهي ڪري
چوڻي آهي ته )ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي(.
Comments
Post a Comment