ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي


زماني جي مختلف مرحلن کي ويچار ڪندي معلوم ٿيندو ته انسان شروع کان وٺي پنهنجن گهرجن جي پوئواري لاءِ سرگردان آهي. ڪو وقت هو ته هو پٿر جا اوزار ٺاهي انهن سان شڪار ڪندو هو، غارن ۾ رهندو هو ۽ ڪچو گوشت کائي گذارو ڪندو هو. پوءِ لوهه جا اوزار ايجاد ڪيائين، کيتي باڙي ڪرڻ لڳو ۽ پنهنجا  گهر به اڏڻ لڳو. اهڙي طرح پاڻ کي آسودي رکڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪندو رهيو.

اڳيان هلي ڪري هو چوپائي مال مان کير حاصل ڪرڻ لڳو، انهن جو گوشت رڌي پچائي کائڻ ۽ کلن مان اڄ ڏينهن تائين بيشمار چمڙي جو سامان تيار ڪري ٿو. ڪو وقت هو ته ماڻهو اٺ، گهوڙي، گڏهه ۽ خچر تي سواري ڪندو هو ۽ سامان به کڻندو هو. پوءِ هاڻي موٽر ڪار، لاري، ريل ۽ جهاز ايجاد ڪري مهينن جو سفر ڪلاڪن ۾ ڪري ٿو.

جيئن جيئن وقت گذرندو ٿو وڃي ته انسان جون گهرجون به وڌنديون ٿيون وڃن. پهرين مٽيءَ جا ٿانو استعمال ڪندو هو ۽ هاڻي ڌاتن مان مختلف ٿانوَ ايجاد ڪيا اٿس.

دل کي وندرائڻ لاءِ پهرين ماڻهو نڙ وڄائيندا هئا، راڳ  ۽ ڪلام ڳائيندا هئا ۽ يڪتاري ۽ گهاگهر سان دل وندرائيندڙ هئا پوءِ موسيقيءَ جا هلڪا اوزار ايجاد ٿيا. اڄوڪي زماني ۾ ريڊيو، ٽي وي ۽ ڪيسٽون استعمال ٿين ٿيون.
گوشت، مڇي ۽ ڀاڄين کي ڪي ڏينهن تازي رکڻ لاءِ ريفريجريٽر ايجاد ڪيائين. اهڙي طرح رڌ پچاءُ لاءِ پهرين ڪاٺيون استعمال ٿينديون هيون، هاڻي انهن جي جاءِ تي سوئي گيس جو استعمال ڪري ٿو.

دوا درمل ۽ بيمارين لاءِ بيشمار ايجادون ڪيون ويون آهن، جن جي ذريعي موتمار بيمارين جو خاتمو آندو ويو آهي ۽ ان کان سواءِ عضون جي مٽاسٽا به هڪ وڏي ايجاد آهي.

موجوده سائنسي دور ۾ انسان پنهنجي ضرورت جون سڀ کان وڌيڪ شيون ايجاد ڪيون آهن. چنڊ تي پهچڻ، ڪمپيوٽر ٺاهي حساب ڪتاب ڪرڻ ۽ ڪتاب ڪمپوز ڪرڻ، لفٽ وسيلي سو منزله عمارت ۾ رهڻ، ايٽم بم سان سيڪنڊن ۾ لکين دشمنن کي مارڻ، فون جي ذريعي ميل پري دوستن ۽ مٽن مائٽن سان ڳالهائڻ وغيره. اهڙيون اچرج جهڙيون ايجادون ڏيکارين ٿيون ته ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي.

Comments

Popular posts from this blog

وطن جي حب

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

محنت ۾ عظمت