غريب جي عيد
غريب لفظ جون ٻه معنائون آهن. هڪڙي
معنيٰ آهي ڪنگال ۽ ٻي بي روزگار. ٻنهي معناعن م ساڳيو خيال سمايل آهي. جيڪو انسان
ڪنگال ۽ بي روزگار آهي، سو پنهنجي وطن ۾ به ڄڻ بي وطن آهي. هو هر طرح سرنديءَ وارن
جي همدرديءَ جو حقدار ۽ دل جوئي جو لائق آهي.
عيد جي لفظي معنيٰ آهي خوشي، خوشي جو
مدار آهي، جي دل گهرئي کاڌي پيتي تي ۽ عمدي صاف ڪپڙي لٽي پائڻ تي، عمدو کاڌو
خورواڪ ۽ سٺو ڪپڙو لٽو، پئسي کان سواءِ ميسر ٿيڻ ناممڪن آهي. اها عيد جي معنيٰ
دنيا ئي آهي نه روحاني. اسان جو هتي دنيا ئي معنيٰ سان مطلب آهي.
عيد جي ظاهري ۽ رواجي معنيٰ موجب عيد جي
ڏينهن عمدي خوراڪ کائي ۽ سٺو ڪپڙو لٽو پائي جا خوشي ڪرڻي آهي، سا ويچارو غريب ڪيئن
حاصل ڪري سگهندو. جنهن جي هٿ ۾ سادي سودي خوراڪ ۽ ڪپڙي لٽي لاءِ ڪجهه به نه آهي.
اهڙي حالت ۾ سڀڪو سمجهي سگهي ٿو ته غريب
ويچاري جي عيد جي ڏينهن ڪهڙي حالت هوندي جڏهن هو پاڙي وارن جي گهرن مان خوشبودار
طعام جي هٻڪار محسوس ڪري رهيو هوندو ۽ ٻين ماڻهن کي عمدن ڪپڙن ۾ گهمندو ڦرندو ڏسي
رهيو هوندو. اهڙي حالت ۾ غريب ويچارو پنهنجي جهوپڙيءَ ۾ مٿي تي هٿ ڏيئي ڳڻتيون پيو
پچائيندو رهندو ۽ پنهنجي ڪم نصيبي تي گرم ڳوڙها پيو ڳاڙيندو. غريب به اهڙو ئي
انسان آهي جهڙو شاهوڪار.
انهي ڪري سرندي وارن کي غريب جو خيال
ڪرڻ گهرجي. اهو ئي سبب آهي، جو اسلام سڀ ڪنهن عيد جي ڏينهن غريبن سان همدردي ڪرڻ ۽
انهن جي دلجوئي ڪرڻ شاهوڪارن تي واجب ڪيو آهي، عيد رمضان تي سج اڀرڻ شرط شاهوڪار،
غريبن کي فطرو ڏين، حج واريءَ عيد تي قرباني جي گوشت جو ٽيون حصو خاص غريب کي ڏين.
انهي اسلامي حڪم جي مراد فقط اها ئي آهي ته عيد جي سڳوري ڏينهن غريبن کي به خوشيءَ
۾ حصو ملڻ گهرجي.
Comments
Post a Comment