گل جي زباني
آءُ گل آهيان. مون کي الله سائين جنهن
نعمت سان نوازيو آهي. تنهن جي هر بني بشر کي خبر آهي. مون تي مالهي به اهڙو مهربان
آهن جو الله جا لک شڪر، جيئن ماءُ پنهنجي پياري ٻچڙي کي پيار ڪندي آهي، تيئن مالهي
به مون سان ماءُ جيان محبت ڪري ٿو. آءُ حَسين نازڪ چهري سان گڏ نيڪ سيرت به آهيان.
مون کي نازنين، نازڪ نوجوان ڏاڍو چاهيندا آهن. آءُ ناز ۽ نخري سان نوجوانن جي سيني
جي سونهن بنجندو آهيان. نازنين جي هٿن ۾ نچڻ جي سعادت به مون کي ئي نصيب آهي. گهوٽ
۽ ڪنوار جي سيج کي آءُ ئي سينگاريندو آهيان. نازنين نازڪ بدن جي گلي جو هار بنجڻ
لاءِ هزارها حيلا هلايا ويندا آهن، آءُ اُتي به بنا روڪ رنڊڪ جي محبوب جي گلي جو هار
بنجي سندس سيني کي ڇُهڻ جو لطف حاصل ڪندو آهيان.
بادشاهن، اميرن ۽ شاهوڪارن جي محلن جو
سينگار به آهيان. مجلسن ۽ محفلن جي رونق کي روح به آءُ بخشيندو آهيان. شاعرن جي
شاعري جو ڄڻڪ موضوع ئي مان آهيان. معشوق جي لعل لبن جي تشبيه منهنجي پکڙين سان
ڏيندا آهن. محبوب جي لعل رخسارن جي تشبيه منهنجي ڳاڙهائڻ سان ۽ نازڪ بدنيءَ جي منهنجي
نرم جسم سان ڏيندا آهن. مون کي نه رڳو انسانن وٽ اعليٰ عزت آهي، پر مون تي جانور به
فدا آهن. بلبل جو ته مون سان جيءُ جڙيل آهي. ڀونر ته منهنجو اصل کان عاشق آهي.
پتنگ، پوپٽن جون ته مون وٽ محفلون متيون پيون هونديون آهن.
مون کي خلق خدا جي خدمت
لاءِ اوکا اڻانگا لڪ لنگهڻا پوندا آهن. پهريان ته ظالم مالهي مون کي بي درديءَ سان
پنهنجي جسم کان جدا ڪندو آهي. پوءِ گلفروش وري منهنجي نازڪ بدن ۾ ڀالا هڻي مون کي
چيري هار بنائيندو آهي. عطار ڪيترن ڏينهن جي چڪائڻ ۽ ٽهڪائڻ بعد مون کي عطر جي
صورت ۾ آڻيندو آهي. ماکيءَ جي مک به پنهنجي تکي، تيز سوئي منهنجي نازڪ ۽ نفيس بدن
۾ ٽنبي ماکي جهڙي اڻ لڀ نعمت تيار ڪندي آهي، بعد ۾ آءُ ماکي جي صورت ۾ اوهان جي
اڳيان پيش ٿي اوهان جي راحت ۽ صحت کي برقرار رکندو آهيان. انهن مشڪلاتن ۽ مصيتن جي
امتحان ۾ ڪامياب ٿيڻ بعد منهنجو قدر ۽ قيمت ٻيڻي ٿئي ٿي. منهنجي اعليٰ خدمتن جو
قدر ۽ قيمت وڃي عطارن ۽ حڪيمن کان پڇو.
اِها منهنجي ايتري هاڪ ۽ ناموس ڇا منهنجي
حُسن ڪري ٿي آهي ڇا؟ نه، نه! بلڪ ان سان گڏ مون ۾ ايثار ۽ قربانيءَ جو به جذبو آهي.
مون پاڻ کي فنا ڪري ٻين لاءِ راحت ۽ نفعي جو سامان مهيا ڪيو آهي. آءُ نيڪ صورت سان
گڏ نيڪ سيرت جو به ڌڻي آهيان. سيرت بنا صورت بيڪار آهي. ميوي کان سواءِ وڻ ڪهڙي ڪم
جو؟
Comments
Post a Comment