هڪ حادثو
وچين جي ويل هئي، سڀ دوست درياء جو سير
ڪرڻ جي خيال سان نڪتاسين. سج آهستي آهستي اولهه طرف لڙي رهيو هو بس جي انتطار ۾ اسٽاپ
تي بيٺا هئاسين. ايتري ۾ پريان بس به ايندي نظر آئي، اسان ان ۾ چڙهڻ لاءِ تيار
ٿياسين. اڃا بس بيٺي نه هئي ته هڪ نوجوان اُٻهرائي ڪري هلندي بس مان لهڻ جي ڪوشش
ڪئي. وري غلطي مٿان غلطي اها ڪيائين، جو لهڻ وقت پنهنجو مُنهن انهي طرف ڪيائين جنهن
سمت کان بس اچي رهي هئي. نتيجي ۾ ٽپ اونڌي منهن ڀر وڃي پڪي روڊ تي ڪريو.
وٺ وٺان ٿي ويئي. وٺو! جهليو! مڙس مري
ويو! وغيره چوڻ لڳا. ايتري ۾ بس به بيهي رهي. ماڻهو بس مان لهي نوجوان ڏانهن وڌيا.
اسين به ڊوڙي وڃي پهتاسين ويچارو بي هوش ٿي ويو. پيشاني مان رت وهي رهيو هئس،
اڳيان ٻَه ڏند به ڀڄي پيس گوڏي جي ڍڪڻي به پنهنجي جاءِ تان هٽي ويس. سڄو بدن کرجي
ويو هئس.
هڪ شخص ڊوڙي وڃي پاڻي کڻي آيو جنهن سندس
منهن تي ڇنڊا هنيا. ٿوري دير کان پوءِ کيس هوش آيو. هڪ پوليس وارو ڀرسان ڊيوٽي تي بيٺل هو، اهو آيو کيس
رڪشي م اسپتال ڏانهن کڻي ويو.
پوءِ سڀ ماڻهو وري بس ۾ چڙهيا. اسين به
بس ۾ سوار ٿياسين. بس ۾ حادثي بابت ماڻهن ۾ چوٻول شروع ٿي ويو. ڪو پيو چوي ته
نوجوان جي غلطي هئي. ڪو وري پيو چوي ته ڊرائيور جي غلطي هئي جو هن بس هڪدم نه
روڪي، پر درحقيقت غلطي ان نوجوان جي هئي جيڪو هڪ ته هلندي بس مان لٿو پئي ٻيو وري
الٽي طرف منهن ڪري لٿو جنهن ڪري منهن ڀر اونڌو وڃي روڊ تي ڪريو.
Comments
Post a Comment