سرد رات - راجه عمران ابڙو
مسز ايڊرسن هڪ پيرسن عورت هئي، هوءَ پنهنجي ور سان هڪ غريباڻي گهر ۾
رهندي هئي، ٻئي پيرسن زال مڙس اولاد نه هجڻ باوجود خوش زندگي گذاري رهيا هئا، سندن
والدين بنيادي طور تي هاري هئا، کين ورهاست ۾ زمين ملي هئي، اها زمين گهر جي بلڪل
ويجهو هئي، مسٽر اينڊرسن ۽ مسز اينڊرسن هم عمر هئا، پر مسٽر اينڊرسن ۾ ڪنهن جوان
مرد جو حوصلو هو، هو پنهنجي سڄي ٻني ٻاري جي سنڀال ۽ ان جو ڪم اڪيلو ڪندو هو ۽ ڪم ڪار
جي سلسلي ۾ ڳوٺ تائين به ويهارو ميل پنڌ ڪري سگهندو هو، انهن جو اهو واحد گهر ڳوٺ
کان ويهه ميل کن پري هو، جيڏانهن مسٽر اينڊرسن پنهنجون پوکيل ڀاڄيون وڪڻڻ ويندو هو
۽ اتان هفتي جو سودو سامان ۽ کائڻ پيئڻ جون شيون خريد ڪري ايندو هو، اهو هفتو آرام
ڪندو هو ۽ نيون ڀاڄيون ٿيڻ جو انتظار ڪندو هو. جڏهن ڀاڄيون مڪمل تيار ٿي وينديون
هيون ته هو وري ڳوٺ روانو ٿي ويندو هو.
اها سياري جي موسم جي سرد ترين رات هئي، مسز اينڊرسن اڪيلي گهر ۾ موجود
هئي، مسٽر اينڊرسن ڳوٺ ويل هو، هوءَ چادر ۾ ويڙهجي، باهه تي سندس انتظار ڪري رهي
هئي، سيءُ تمام گهڻو هو، ٽانڊن مان گرمي نه ٿي ملي، تنهن ڪري هوءَ اٿي ۽ گهر کان ٻاهر
اچي، اتان ڪاٺيون جمع ڪرڻ لڳي، جتي مسٽر اينڊرسن فارغ وقت ۾ وڻن جا ڏار ڪٽي ڪهاڙيءَ
سان ڪاٺيون ٺاهي اتي رکندو هو، جيڪي رڌ پچاءُ ۽ جسم سڪيڻ لاءِ ڪم اينديون هيون، هن
ٻه ٿلهيون ڪاٺيون کڻي ٻانهن تي رکيون ۽ ٽئين ۾ هٿ وڌائين ته پري کان کيس ڪنهن
جانور جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، جيڪو تمام زور سان رڙيون ڪري رهيو هو، هن جي گهر کان ٻيلو
پري ڪونه هو، اهڙي قسم جا، آواز اڪثر ايندا رهندا هئا، اهڙو آواز ٻڌڻ جا عادي ٿي
ويا هئا، اڪثر ائين به ٿيندو هو ته ڪو جانور بک کان هيڏانهن به هليو ايندو هو، هنن
جو گهر چئني طرفن کان کليل هو ڪوبه جانور اندر به هليو ايندو هو، هينئر به هن
سامهون ڏٺو ته هڪ بگهڙ آهستي آهستي هن جي طرف اچي رهيو هو، هن کي ڊپ ڪونه لڳو، هن
هڪ هلڪي ڪاٺي کنئي، بگهڙ جيئن ئي ويجهو پهتو، هن ڪاٺي ان جي طرف اڇلي، جيڪا هن جي
مٿي تي لڳي، هو رڙيون ڪندو ڀڄي ويو، هوءَ ڪاٺيون کڻي واپس وڃي رهي هئي ته اوچتو
اول هلڪا ۽ پوءِ چٽا گاڏين جا آواز اچڻ لڳا، ٿوري دير کان پوءِ هن کي پري کان ٽن
چئن گاڏين جون بتيون نظر آيون، جيڪي تيزيءَ سان هن طرف وڌي رهيون هيون، پوءِ اهي
گاڏيون هن جي گهر جي اڳيان قطار ٺاهي بيهي رهيون، اهي اجنبي ماڻهو ڏسي هوءَ حيران ٿي
ويئي. اهي سٺا ماڻهو نه ٿي لڳا، ڏوهاري ٿي لڳا نه ته هن آڌي ويل جو ائين نه اچن
ها، اهو سوچي کيس ڊپ ورائي ويو، اهي سڀ گاڏين مان لهي سندس ڀرسان بيهي رهيا، سندس
شڪ پڪ ۾ تبديل ٿي ويو، اهي واقعي ڏوهاري ماڻهو هئا، کين هٿن ۾ هٿيار به هئا، کين
سرديءَ جون جيڪٽون ۽ مفرل ويڙهيل هئا، ڏاڙهيون وڌيل هين ۽ عينڪون پاتل هين، اهي چوڌاري
گهورڻ لڳا ڄڻ ڪجهه ڳوليندا هجن پر ڪنهن ڪجهه نه ڪڇيو، پوءِ هڪ اڳتي وڌيل شخص ساڄي
پاسي کان پنهنجي پويان بيٺل ٻن ڄڻن کي هٿ جي اشاري سان ساڄي پاسي وڃڻ جو چيو، اهي ٻه
ڄڻا ڪنڌ ”ها“ ۾ لوڏي ساڄي پاسي هليا ويا، پوءِ هن کاٻي پاسي بيٺل ٽن ڄڻن کي کاٻي
پاسي اشارو ڪيو، انهن ٽن مان ٻه ڄڻا کاٻي پاسي هليا ويا، ٽيون بيٺو رهيو، انهن جي
وڃڻ کان پوءِ اهو پوڙهيءَ طرف وڌيو، هن کي ڪراس ڪري سڌو هن جي گهر اندر هليو ويو،
سڀ هيڏانهن هوڏانهن هليا ويا، اهو ڊگهو ۽ مضبوط شخص هيڏانهن هوڏانهن ڦيريون ڏيڻ لڳو،
هن جا هٿ خالي هئا پر هو ليسٽر ۾ ريوالور موجود هيس، چڪر ڏيڻ وقت هو جيڪٽ هٽائي ان
جو نماءُ ڪري رهيو هو.
هن کي تمام گهڻي حيرانگي ٿي، گڏوگڏ ڊپ به لڳو، هن کي ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو
ته اهي سڀ ماڻهو ڪير آهن ۽ ڇا پيا چاهين؟ منهنجي گهر ۾ اندر ڇالاءِ آيا آهن؟ ڇا ڳولي
رهيا آهن؟ هن ٻانهن تي رکيل ڪاٺيون واپس هيٺ رکي ڇڏيون ۽ هٿ ڇنڊي هن شخص ڏانهن وڌي
۽ ساڻس مخاطب ٿي ”توهان ڪير آهيو ...... هتي ڪيئن آيا آهيو؟“
ان شخص منهن ڦيري پوڙهيءَ ڏانهن ڏٺو ۽ سندس جائزو وٺڻ لڳو، پر خاموش
رهيو، هن کي ورندي ڪانه ڏنائين.
پوڙهيءَ وري پڇيو ”توهان ڪير آهيو؟ ڇا ڳولي رهيا آهيو؟ توهان جو مقصد ڇا
آهي؟ منهنجي گهر جي اندر ڇا لاءِ آيا آهيو؟ مان هتي اڪيلي آهيان ۽ مون وٽ ڪجهه به
ناهي.“
”تون
فڪر نه ڪر پوڙهي اسان جو مقصد توکي نقصان پهچائڻ يا گهر جي ڪا شئي کڻڻ ناهي.“ ان
شخص پنهنجي مٿي تان وڏي گول ٽوپي لاهيندي چيو“ اسان ڪير آهيون؟ ان سان تنهنجو ڪجهه
به نه وڃي، ڇا پيا ڪريون اهو ڏس ۽ جيڪو ڪجهه چئي رهيا آهيون، اهو ڪر.“
”پر
......... توهان ڇا ٿا چاهيو؟“
”ڏس
اسان سو ميلن کان سفر ڪري هتي آيا آهيون، هي رستو سڌو هن طرف اچي رهيو آهي، هن تي ڪجهه
ليڪا پاتل آهن، جيڪي اسان کي هيستائين وٺي آيا آهن، دراصل اهي موٽر بائيڪ جا نشان
آهن، جنهن تي اسان جو ساٿي اسان کي دوکو ڏيئي فرار ٿي ويو آهي، اسان هن جي ڳولا ۾
سندس پٺيان آيا آهيون، هن وٽ تمام گهڻو مال آهي، هتي رڪجڻ جو مقصد واضع آهي ته هتي
ويجهو ڪا آبادي ته ڇا، ڪو گهر به ڪونهي، صرف توهان جو گهر آهي.“
اها ڳالهه ٻڌي هوءَ سڀ ڪجهه سمجهي ويئي، بيشڪ اهي ڏوهاري هئا، پر هتي ڪنهن
واردات لاءِ نه پر پنهنجي ساٿيءَ جي تلاش ۾ آيا هئا.
”پر
اهو ته هتي موجود ڪونهي نه هيڏانهن آيو هو، هنن کي غلط فهمي ٿي آهي، هو سمجهي رهيا
آهن ته اهو هيڏانهن آيو آهي.“ پوڙهيءَ دل ۾ سوچيو.
پوءِ هن چيو ”ڏسو هتي مون کانسواءِ منهنجو مڙس رهندو آهي، جيڪو هن وقت
هتي موجود ناهي، هو ڳوٺ ويل آهي، اسان کان سواءِ ٻيو ڪوبه نه رهندو آهي، توهان جو
ساٿي يا اهڙو ڪو شخص هيڏانهن ڪونه آيو آهي.“
”ڇا
تون اسان کي بيوقوف ٿي سمجهين؟ هي موٽر بائيڪ جي ٽائرن جا نشان ان ڳالهه جي تصديق ڪري
رهيا آهن ته مارڪ هتي موجود آهي، هن گهر کان هڪ وال به اڳتي ڪونه ويو آهي، مارڪ کي
توئي پناهه ڏني آهي.“
”نه
ائين ناهي، تون مون تي يقين ڪر مان بلڪل سچ ٿي چوان، مون ڪنهن کي به پناهه ناهي ڏني.“
پوڙهيءَ چيو.
”پوڙهي
تون اسان سان تعاون ڪر، نه ته هن کي پناهه ڏيڻ جو توکي خراب نتيجو ڀوڳڻو پوندو،
توکي ان جي سزا ملندي، صاف صاف ٻڌاءِ مارڪ ڪٿي آهي؟“
”هو
هتي ناهي.“
”ڪٿي
آهي؟“
”مون
کي خبر ناهي، هو هيڏانهن نه آيو آهي.“
”بڪواس
نه ڪر، اهو هنڌ ڏس جتي تو هن کي لڪايو آهي.“
”منهنجو
گهر ٽن کليل ڪمرن تي مشتمل آهي، هن ۾ ڪابه خفيه جڳهه ناهي.“
”ته
پوءِ ٺيڪ آهي اسان پاڻ ئي هن کي ڳولهي ڪڍنداسين، منهنجا ساٿي اندر ڳولا ڪري رهيا
آهن ......... هو موٽن ته سڀ خبر پئجي ويندي.“
”ٿوري
دير کان پوءِ جيمس ڳولا ختم ڪري واپس اچي ويو، هن کيس سواليه نظرن سان ڏٺو، هو هٿئين
خالي هو ۽ اڪيلو هو.“
”هو
مون کي نه ملي سگهيو.“ هن ٻڌايو
ان کان پوءِ رابرٽ به واپس آيو، هو به ناڪام ٿي موٽيو هو.
”مائيڪل
هو مون کي نظر نه آيو.“
ان کان پوءِ هڪ هڪ ڪري اينڊي ۽ ڊينئيل به واپس وريا، اهي به مارڪ کي هٿ ڪرڻ
۾ ناڪام ويا هئا، ڪنهن کي به مارڪ، موٽر بائيڪ يا مال ڪجهه به هٿ نه لڳو هو، هن
کين ڪاوڙ ۾ ڏٺو.
”هنن
سڀني کي هڪ ماڻهو نظر نه آيو آهي.“ هن چيو ”اها ڪهڙي جاءِ آهي جتي هو موٽر بائيڪ
سميت لڪي ويو آهي.“
انهن مان سام غائب هو.
”سام
ڪٿي آهي؟“ هن سڀني کان پڇيو.
”اندر
ئي هو اسان سان گڏ.“ ڊينيئل ٻڌايو
”تون
ٻڌاءِ پوڙهي تو هن کي ڪٿي لڪائي رکيو آهي؟ ”مائيڪل پوڙهيءَ کان پڇيو.
ان کان اڳ جو پوڙهي ڪجهه چئي سام ڊوڙندو آيو.
”موٽر
بائيڪ ملي ويئي آهي، اها اسٽور روم جي ڀت سان گڏ بيٺي آهي.“ هن ٻڌايو.
مائڪل هو ٻڌي خوش ٿيو، ان پوڙهيءَ ڏانهن خار ۾ ڏٺو ۽ پوءِ ساٿين کي چيو
”هن کي پڪڙي رکو، چالاڪي ٿي ڏيکاري.“
”پوءِ
هو سام سان گڏجي ان جاءِ ڏانهن ويو، جتي موٽر بائيڪ بيٺي هئي، اسٽور روم ۾ روشني
بلڪل نه هئي، موٽر بائيڪ اوندهه ۾ بيٺي هئي، تنهن ڪري چڱي طرح نظر نه ٿي آئي، سام
اتان موٽر بائيڪ ڪڍي آيو.
اهي واپس پوڙهي ڏانهن آيا، ان کي رابرٽ ۽ ڊينيئل جهلي بيٺا هئا.
”هاڻ
ٻڌاءِ پوڙهي اسان هي ثبوت به هٿ ڪري ورتو آهي، وڌيڪ چالاڪيءَ جي ڪوشش ڪيئي ته
نقصان ۾ ويندينءَ.“ هن ريوالور ڪڍي هن ڏانهن سڌو ڪيو. ”ٻڌاءِ ڪٿي اهي مارڪ، نه ته
مان گولي هلائي ڇڏيندس.“
مسز اينڊرسن جي اکين ۾ موت جا پاڇا لهرائڻ لڳا، هوءَ هڪ ضعيف عورت هئي، ٻن
مضبوط مردن جي ٻانهن جي گرفت ۾ جڪڙيل هئي، ڪابه مزاحمت ڪري ها ته اهو نوجوان مٿس
گولي هلائي ڇڏي ها. هوءَ آهستي آهستي ڳالهائڻ لڳي.
”اها
موٽر بائيڪ هڪ نوجوان جي آهي، پر هو هتي ناهي.“
”ته
ڪٿي آهي؟“ مائيڪل ڪاوڙ ۾ پڇيو.
”مون
کي ڇڏيو مان آرام سان ٻڌايان ٿي.“ پوڙهيءَ چيو.
مائيڪل انهن کي اشارو ڪيو، انهن هن مان هٿ ڪڍيا.
”ٻڌاءِ
ڪٿي آهي مارڪ؟“ مائيڪل هن کان پڇيو.
هوءَ ٿوري دير لاءِ خاموش رهي ۽ سڀني ڏانهن ڏسڻ لڳي.
”اهو
هتي ناهي.“ هن ٻڌايو ”اها موٽر بائيڪ ڏسي مان پاڻ حيران رهجي ويئي آهيان، ستر جي لڳ
ڀڳ اچي ٿي آهيان، ياداشت صفا ڪمزور ٿي ويئي آهي، هاڻي اها ڏسي ياد اچي رهيو آهي،
ان ڳالهه کي ٻه ڪلاڪ ٿي ويا آهن، موٽر بائيڪ هڪ نوجوان جي آهي، پر مون کي هن جي
نالي جي خبر ناهي، ٻه ڪلاڪ پهرين هتان گذري رهيو هو ته منهنجي گهر جي بلڪل سامهون
هن جي موٽر بائيڪ بيهي رهي، هن مون کان مدد گهري، پر مون لاچاري ڏيکاري ته ”مون وٽ
ڪا گاڏي ناهي.“ پوءِ هن چيو ”پوءِ مان هتي بيهاريان ٿو، توهان خيال رکجوس، مان پيٽرول
وٺي موٽي ايندس.“ مون چيو ”هتي ويجهو ڪو به پيٽرول پمپ ڪونهي ۽ ڪا سواري به نه
ملندئي.“ هن چيو ته ”مان ڊوڙندو ٿو وڃان اڌ ڪلاڪ ۾ موٽي ايندس.“ ائين چئي هن
پنهنجي موٽر بائيڪ اندر آڻي بيهاري ۽ پاڻ هليو ويو، ان ڳالهه کي ٻه ڪلاڪ ٿي ويا
آهن، ڳالهه منهنجي ذهن مان ئي نڪري ويئي هئي پر هاڻي ياد ٿو اچي ته اهو نوجوان اڃان
واپس ئي نه آيو آهي.“
مائيڪل خوش ٿيندي چيو ”پوءِ تون هاڻ ڇا ٿي چئين؟“
”مان
ته اها ئي ڳالهه چونديس، هن مون کي ٿورڙي مدد لاءِ چيو هو، مون هن کي پناهه ته ڪانه
ڏني آهي.“
”اسان
هن جو انتظار ڪنداسين، توکي ڪو اعتراض ته ناهي؟“
”نه
مان اعتراض ڇو ڪنديس.“
”سام!
تون هي موٽر بائيڪ انهي ئي ساڳي جاءِ تي بيهار اسان سڀ لڪي ٿا وڃون، جيئن هن کي
نظر نه اچون، ان مقصد لاءِ اسان پوڙهي جي گهر جو پويون حصو استعمال ڪنداسين.“
سام موٽر بائيڪ ڪاهي روانو ٿي ويو.
”توهان
جي مرضي آهي، توهان ڀلي ڪٿي به هن جو انتظار ڪيو.“ پوڙهي کين چيو ”توهان چاهيو ته
اندر به اچي سگهو ٿا، ٻاهر سردي تمام گهڻي آهي، توهان هن جو اندر ويهي انتظار ڪيو،
هو توهان کي نه ڏسي سگهندو.“ مائيڪل کيس حيرانگيءَ ۾ ڏٺو.
”توهان
چاهيو ته انڪار به ڪري سگهو ٿا، توهان جي مرضي آهي، پر مون ان لاءِ پئي چيو ته ٻاهر
سردي تمام گهڻي آهي.“ پوڙهيءَ جي صلاح کين سٺي لڳي، اهي اندر هليا ويا.
پوڙهيءَ کين اندر آڻي ڪرسين تي ويهاريندي چيو ”توهان هتي ويٺا رهو، مان ٻاهر
ئي بيٺي هونديس، هو جيئن آيو مان توهان کي ٻڌائي ڇڏيندس ...... توهان کي ڪجهه
گهرجي ته نه، ڪافي وغيره؟“
کين پوڙهي سٺي عورت لڳي پر هنن انڪار ڪيو، چيائون ”اسان کي ڪنهن شئي جي
ضرورت ناهي.“
پوڙهي ٻاهر هلي ويئي، اهي آس پاس جو جائزو وٺڻ لڳا، هي ڪافي پراڻو گهر
هو، ڇتين تي ڄارا لڙڪي رهيا هئا، ڀتين جو رنگ به لهي ويو هو، سامهون ڀت تي انهيءَ
پوڙهي جي هڪ پوڙهي مرد سان گڏ تصوير لڳل هئي، جيڪو شايد سندس مڙس هو، تصوير ۾ ٻئي ڀوائتي
انداز ۾ مسڪرائي رهيا هئا.
ڪجهه دير کان پوءِ اها پوڙهي هڪ نوجوان سان اندر آئي، اهو شخص سنهڙو سيپڪڙو
هو، مٿي تي ٽوپي ۽ بدن تي جرسي پهريل هيس، هٿ ۾ هڪ دٻو هيس ”هي وٺو توهان جو دوست
اچي ويو.“ پوڙهي ان نوجوان ڏانهن اشارو ڪندي کين چيو.
هن کي ڏسندي سڀ ائين ٽپو ڏيئي اٿي پيا، ڄڻ ڏنڀ لڳو هجين، حيرت مان هڪ ٻئي
کي گهوريندا رهجي ويا.
هنن جي اڳيان هاڻ اوندهه هئي، کين ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو ته مارڪ کي ڪٿي ڳولهين،
پر پوڙهي کين اڌ رات گذري وڃڻ جو چئي آرام ڪرڻ لاءِ چيو، پوڙهيءَ کين صلاح ڏني ته
رات في الحال هتي گذاريو.
ڊينيئل جي دل به ائين ئي چاهيو ٿي پر هن کي خبر هئي ته مائيڪل نه مڃيندو،
هو لاڳيتو هن جو پيڇو جاري رکڻ جو چوندو، تنهن ڪري هن چيو ”نه پوڙهي اسان هتي گهڻو
وقت نه ٿا ترسي سگهون، اسان بنا وقفي جي لاڳيتو هن کي ڳولهيو آهي، هن جي ڳولا ۾
اسان کي اڃان به سفر ڪرڻو آهي، اسان تو وٽ نه ٿا ترسي سگهون، اسان کي وڃڻو آهي.“
”نه
ڊينيئل.“ مائيڪل هن جي ڳالهه ڪٽيندي چيو“ انڪار نه ڪر، اسان رات هتي ترسون ٿا، مون
فيصلو ڪيو آهي ته رات هتي گذاريون، صبح جو ڪو پروگرام جوڙي هن جي ڳولا ۾ روانو ٿيڻو
آهي.“
سڀئي ڍرا ٿي ويا، ٻه ڄڻا ويا، ۽ گاڏين مان سمورو سامان ڪڍي گاڏيون لاڪ ڪري
سامان اندر کڻي آيا.
هن کين ڪاٺين جو وڏو مچ ٻاري ڏنو، اهي ان جي چوڌاري گڏ ٿي ڪچهري ڪري رهيا
هئا.
”مان
وري به چوندس، هو پنهنجي ڏاڏي وٽ ويو هوندو، جيڪو سندس واحد عزيز آهي، اهو پوڙهو
هن کي ڪافي خط به لکندو هو، جنهن ۾ کيس ڳوٺ اچڻ لاءِ چوندو هو، هو اڪيلو آهي، کيس
لالچ ڏيندو هو ته هن وٽ تمام گهڻي جائداد آهي ۽ هاڻ ان جو مالڪ هو آهي، توهان به
ان ڳالهه تي سوچيو.“ رابرٽ ساٿين کي چيو.
”تون
غلط آهين رابرٽ! تون اها ڳالهه بار بار ڪري چڪو آهين، اسان کي ان ۾ غور ڪرڻ جهڙي ڪابه
شئي نظر نه ٿي اچي، هو موٽر بائيڪ تي ڀڳو آهي، جهاز ۾ نه، هن جو ڏاڏو جنهن ڳوٺ ۾
رهندو آهي، اهو ڪيليفورنيا رياست ۾ آهي ۽ ڪيليفورنيا هتان کان سوين ميل ڏور آهي،
اسان هن جو چاليهه ڪلاڪن کان تيز رفتار گاڏين ۾ پيڇو ڪري رهيا آهيون، تقريبن سمورن
رستن جي هڪ کان وڌيڪ دفعا چڪاس ڪري چڪا آهيون، هو ڪيليفورنيا ويندڙ رستي تي وڃي ها
ته اسان کي ضرور خبر پئجي وڃي ها.“ جيمس چيو.
”ٺيڪ
ٿو چئين جيمس!“ ڊينيئل چيو ”ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن هو پنهنجي ڏاڏي وٽ ويندو ته
هو هن جي باري ۾ چڱي نموني ڄاڻيندو هوندو، تنهن ڪري هو ائين ڪڏهن به نه ڪندو.“
”پر
هو کيس سمجهائي پنهنجو بڻائي سگهي ٿو، ظاهر آهي هن جو ڏاڏو هن جو ئي ساٿ ڏيندو نه
.........“ رابرٽ چيو.
”توهان
سڀ خاموش رهو.“ مائيڪل وڏي آواز ۾ چيو ”مون جيڪو فيصلو ڪيو آهي اهو ٻڌو، صبح ٿيندي
اسان کي ان وٽ وڃڻو آهي جتي اسان کي هن جي موجودگيءَ جو شڪ آهي، ان جي ڏاڏي وٽ، هن
جي ڪنهن مائٽ وٽ، هن تازو تازو پنهنجو دوست ٺاهيو هو.“
پوءِ مائيڪل کين ڪا جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي سلسلي ۾ تجويزن جي صلاح ڏني،
پوءِ سڀئي گفتگو ۾ مصروف ٿي ويا.
موٽر بائيڪ وارو پوڙهيءَ جو ٿورو مڃي پنهنجي موٽر بائيڪ ڪاهي روانو ٿي
ويو، هوءَ ڪچن ۾ سندن لاءِ کاڌو تيار ڪري رهي هئي. کاڌا مختلف قسمن جا هئا، کيس
خبر هئي ته اهي ڪافي ٽائيم کان سفر تي نڪتل هئا، کين ضرور بک لڳي هوندي، هوءَ اهو
سڀ انسانيت جي بنياد تي ڪري رهي هئي، ٻيو ته انهن کيس ڪو نقصان به نه پهچايو هو،
هوءَ مطمئن ۽ پرسڪون هئي، اهي ڏوهاري هئا، مجرم هئا،ڪير به هئا؟ پر هتي ڪنهن
واردات لاءِ نه پر ٻئي مقصد لاءِ آيا هئا، سندن هڪ ساٿي سندن مال کڻي فرار ٿي ويو
هو، اهي سندس تلاش ۾ نڪتا هئا، هلندي هلندي هيستائين پهچي ويا هئا، بعد ۾ اهي هتي
ترسيا ۽ بي چيني سان ان موٽر بائيڪ واري جو انتظار ڪرڻ لڳا پر سندن ڀاڳ خراب هئا،
موٽر بائيڪ وارو نوجوان ٻيو نڪري پيو، جيڪو آڌيءَ ويل سردي ۾ نڪرڻ تي مجبور هو، هن
پوڙهيءَ کي ٻڌايو هو ته هو ڳوٺ ۾ رهندو آهي، سندس جهوني پيءُ جي طبيعت خراب هئي،
ان لاءِ ٻئي ڳوٺ مان دوائن جو بندوبست ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو هو ته سندس موٽر بائيڪ جو
پيٽرول ختم ٿي ويو هو.
هوءَ کاڌو تيار ڪري هڪ وڏي ٽري تي رکي هنن ڏانهن کڻي آئي، اهي سڀ الائي ڪهڙن
خيالن ۾ گم هئا، هر هڪ جي مک تي نراسائي هئي.
”توهان
ڪهڙن خيالن ۾ گم آهيو، مايوسيءَ کي ڇڏيو توهان ضرور ڪامياب ٿيندؤ، هٿ ڌوئي اچو کاڌو
تيار آهي.“ هن چيو.
ڊينيئل اٿندي چيو ”اسان مايوس ناهيون، اسان هن دوکيباز کي ڳولهي لهنداسين.“
اهو ٻڌي پوڙهي مسڪرائيندي کيس چيو ”منهنجون نيڪ خواهشون توهان سان گڏ
آهن، واش روم سامهون آهي.“
اهو ٻڌي ڊنيئل سامهون واري ڪمري جو دروازو کولي اندر هليو ويو، سڀني هٿ
منهن ڌوئي ماني کاڌي، پوڙهيءَ کين ڪافي به پياري، پوءِ کين اتان اٿاري هڪ ٻئي ڪمري
۾ وٺي آئي، جتي هن اڳي ئي سڀني لاءِ بسترا وڇائي هنن جي آرام ڪرڻ جو بندوبست ڪري ڇڏيو
هو، اهي سڀئي جوتا لاهي بسترن تي ليٽي پيا.
”گڊ
نائيٽ“. پوڙهي ائين چئي ٻاهر هلي ويئي، ٻاهر اچي هن دروازو بند ڪري ڇڏيو، رابرٽ ۽
سام کي جيڪي پيئڻ جا عادي هئا، سخت طلب ٿي رهي هئي، پر هنن پوڙهيءَ کان اهڙي
فرمائش نه ڪئي هن سان اهڙو ذڪر ڪرڻ به فضول هو، ڇوته ائين پئي لڳو ڄڻ سندس مڙس ڪڏهن
شراب ڏٺو به نه هجي، اهي پريشان ٿي ويا ته خبر ناهي ننڊ ايندي يا نه؟ پوءِ آهستي
آهستي سندن اک لڳي ويئي، ڄڻ سڀ غشيءَ ۾ اچي ويا هجن.
”رابرٽ!
تون هيڏانهن وڃ ڊينيئل تون هيڏانهن وڃ، جلدي ڪريو سڄو گهر ڳوليو، ڪا ڪنڊ نه ڇڏيو،
ان پوڙهيءَ کي ڳولي ڪڍو.“ مائيڪل وڏي آواز ۾ سڀني کي چوندو رهيو، سڀئي گهر جي ڪنڊ ڪڙڇ
ڳولهڻ لڳا، اهي سڀ حيران ۽ پريشان هئا، رات جي گهري ننڊ ۽ صبح جو دير سان اٿڻ جو
کين تمام گهڻو نقصان ٿيو هو، هنن جو سمورو سامان جيڪي اهي پاڻ سان کڻي آيا هئا، ڪو
چورائي ويو هو، ان سان گڏ پوڙهي به غائب هئي.
انهن سڀني گهر جي هر ڪنڊ کي ڳولهي ڏٺو.
مائيڪل جيمس سان گڏ گهر جي سموري سامان کي چڪاسي ڏٺو، پر سندن سامان ڪٿي
به موجود نه هو، گهر جو سامان فالتو قسم جو هو، جيڪو صرف ڪراڙا ماڻهو استعمال ڪري ٿي
سگهيا، هو جيمس سان گڏ اسٽور روم ۾ بيٺل هو، رابرٽ ۽ اينڊي آيا هنن ٻڌايو ”مائيڪل
هوءَ ڪانهي.“
”هوءَ
جن ڀوت ته ڪونه هئي جو هڪدم غائب ٿي ويئي، هتي ڪٿي موجود هوندي، ڳولهيو هن کي ڳولهي
ڪڍو.“ هن ڪاوڙ ۾ کين چيو ”پوڙهيءَ کي ڳولهي هٿ ڪيو، هوءَ ئي اسان جو مال کڻي ويئي
آهي.“
اهو ٻڌي اهي اسٽور روم مان نڪري ويا، هن جي خيال ۾ ان چوريءَ ۾ پوڙهيءَ
جو هٿ هو ڇو ته رات هنن جيڪو کاڌو هو ان ۾ نشي آور شي مليل هئي، جيڪا کائيندي اهي
سڀ ڍير ٿي ويا ۽ پوڙهي رات وچ ۾ سامان کڻي ڪيڏانهن هلي ويئي.
”عجيب
ڳالهه آهي، دعوت ڏيئي رات ٽڪائي، پوءِ ڪم تمام ڪيو وڃي ٿو ۽ پنهنجو گهر ڇڏي فرار ٿي
ٿو وڃجي، وڏي چالباز پوڙهي هئي، مون کان اها وڏي غلطي ٿي ويئي جو مون هتي رهڻ جو
فيصلو ڪيو هو، مون کي جيڪڏهن هن جي اصليت جي خبر هجي ها ته گولي هڻي ڇڏيانس ها، ڪمبخت!“
هو بڙ بڙ ڪرڻ لڳو.
”مائيڪل
ڇا تو ڪجهه چيو؟“ جيمس پڇيو
”نه
ڪجهه به نه تون پنهنجو ڪم ڪر.“
”هتي
ڪجهه به ناهي، اسان کي ٻئي هنڌ ڳولا ڪرڻ کپي.“
”ٺيڪ
آهي ٻاهر هل.“
هو جيمس کي وٺي گهر جي ٻاهران چوڌاري پيرن جا نشان ڏسڻ لڳو، پر کيس ڪٿي
به اهڙا نشان نظر نه آيا، جنهن مان خبر پوي ته پوڙهي ڪهڙي طرف ويئي آهي.
اهي اڃان اتي ئي بيٺا پيرا ڏسي رهيا هئا ته رابرٽ آيو ۽ چوڻ لڳو ”اسان
ميون جي باغ ۾ هڪ دروازو ڏٺو آهي، جيڪو زمين جي اندر وڃي ٿو.“
”ڪٿي
آهي اهو دروازو؟“ مائيڪل جلديءَ ۾ پڇيو.
”هيڏانهن
اچو.“
رابرٽ کين گهر کان ڪجهه وکون پري هڪ ميون جي باغ ۾ وٺي ويو، اتي ڊينيئل
اينڊي ۽ سام اڳي ئي بيٺل هئا، رابرٽ هنن کي اهو دروازو ڏيکاريو، اهو دروازو سيمينٽ
سان ٺهيل هو، جيڪو عام طور تي نظر نه اچي ها ڇو ته اهو گاهه ۽ ٻوڙن ۾ لڪيل هو پر جڏهن
رابرٽ باغ ۾ تلاشي وٺي رهيو هو ته ان جي ڪڙي سان سندس پير اٽڪي پيو ۽ هو ٿاٻڙجي ڪري
پيو هو، پوءِ هن اٿي اهو ڏٺو ته اهو ڪو دروازو هو.
انهن ان جي ڪڙي کان وٺي زور سان مٿي ڇڪيو ته دروازو کلي ويو، اندر سوڙهو
رستو پئي ويو، ڄڻ ڪا سوڙهي چر هجي، اهي سڀئي واري واري سان ڏاڪڻ جي ذريعي هيٺ لهي
ويا.
اهي هيٺ پهتا اتي گهري اونداهي ڇانيل هئي ۽ کين هلڪي بدبوءِ محسوس ٿي،
انهن ٽارچ ٻاري ڏٺو ته سامهون پٽ تي ٻه لاش پيا هئا، انهن مٿان چادر پيل هئي، جيمس
اڳتي وڌي انهن مٿان چادر هٽائي ٽارچ جي روشني ۾ ڏٺو ته اهو ان پوڙهيءَ جو لاش هو،
هن جي ويجهو هڪ ٻيو لاش پوڙهي مرد جو هو، اهو مسٽر اينڊرس هو، بدبوءِ مان لڳي رهيو
هو ته لاش گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڏينهن پراڻا هئا.
”مائيڪل!“ جيمس حيرانگي مان کيس ڏٺو ۽ پوءِ کائنس پڇيو ”ته پوءِ اهو ڪير
هو؟“
Comments
Post a Comment