ماڻهون هڪ ٻئي کان ڪهڙي ڳالهه پڇن ٿا. تفسير عزيزي




تفسير سورة نباء – تفسير عزيزي


عَمَّ يَتَسَاءلُونَ ﴿١﴾
ماڻهون هڪ ٻئي کان ڪهڙي ڳالهه پڇن ٿا.
·      ڪهڙي شئي جي باري ۾ هڪ ٻئي کان پڇن ٿا ڇا اها شئي پڇڻ جهڙي آهي؟
·      ڇا هن کي سمجهڻ جي هنن ۾ قابليت آهي؟
·      ته گهڻي پڇا ڳاڇا ڪرڻ سان انهن جي سمجهه ۾ اچي ويندي؟
·      ڇا اها اهڙي شيءِ آهي جنهن جي باري ۾ گهڻي پڇا ڪئي وڃي!
·      يا ته اهڙي شئي آهي جنهن جي باري ۾ گهڻي پڇا ئي نه ڪرڻ گهرجي جي نه ته اصل مقصد کان دوري ٿي ويندي.
قرآن مجيد جو هي انداز ته ”ڪنهن شئي جي باري ۾ پڇي رهيا آهن“. هن ۾ اشارو آهي ته عقلمند ماڻهوءَ کي سوچي سمجهي ڪنهن شئي جي تحقيق ڪرڻ گهرجي. اڳ ۾ هي ڏسي وٺي ته هيءَ ڳالهه منهنجي سمجهه ۾ اچي به سگهي ٿي يا نه. جيڪڏهن سمجهه ۾ اچي ته هٿ وجهي ورنه هيئن نه ڪري جو پوءِ محنت ئي ضايع ٿي وڃي ۽ ڪو فائدو به نه ٿئي جيئن مثال مشهور آهي ته محتنت برباد گناهه لازم.

”عم“ لفظ جي تحقيق
”عم“ جو لفظ اصل ۾ ”عما“ هو تخفيف ۽ گهڻي استعمال جي ڪري الف ڪيرايو ويو.
نحوي قاعدو:
عرب جو قاعدو آهي ته ”ما“ موصوله جي ”الف“ کي اٺن حرفن کان پوءِ ڪيرائي ڇڏيندا آهن اهي هي حرف آهن. عن، من، با، لام، في، علي، الي، حتيٰ.

Comments

  1. ھي ڪتاب ملي سگھندو پي ڊي ايف ۾

    ReplyDelete

Post a Comment

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت