پڇن ٿا ان وڏي خبر جي باري ۾ - تفسير سورة نباء – تفسير عزيزي
تفسير سورة
نباء – تفسير عزيزي
﷽
عَنِ
النَّبَإِ الْعَظِيمِ ﴿٢﴾
پڇن ٿا ان وڏي
خبر جي باري ۾
جڏهن ڳالهه جو بنياد سوال جواب تي رکيو
۽ جواب بلڪل ظاهر ۽ پڌرو هو تنهن ڪري خود ئي فرمايائين ته ”عن النباء العظيم“ ته پاڻ ۾ هڪ وڏي خبر جي باري
۾ پڇا ڪن ٿا. حقيقت هيءَ آهي ته اها خبر پنهنجي مٿي ذاتي اعتبار سان به تمام وڏي
آهي ته جيڪي شيون ان ۾ ٿينديون اهي گهڻيون هولناڪ آهن. انهن کي نڪي ڪا اک ڏسڻ جي
طاقت رکي ٿي ته ڪن ٻڌڻ جي سگهه رکن ٿا ۽ سمجهه جي اعتبار سان به تمام وڏي آهي ته ڪنهن
بشري عقل کي طاقت ڪونهي ته هن جي حقيقت کي پوري طرح سمجهي سگهي.
Comments
Post a Comment