وطن جي حب
وطن جي حب انسان جي فطري تقاضا آهي. وطن جي حب ايمان جو جزو آهي. جيئن ته حديث شريف ۾ آهي ته ) حب الوطن مِن الايمان ( وطن جي حب ايمان جي نشاني آهي. انسان کي الله تعاليٰ جن شين لاءِ پيار ۽ محبت عطا ڪئي آهي. انهن مان وطن لاءِ حب به هڪ لازوال نعمت آهي وطن جا سُڪل وڻ پرديس جي سهڻن باغن کان ڪئين دفعا وڌيڪ پيارا لڳندا آهن. وطن جو ن ڪکائيون جهوپڙيون پرديس جي اوچين ۽ رنگين محلاتن کان وڌيڪ راحت بخش هونديون آهن. وطن جي مٽي ٻئي مُلڪ جي عطر عنبير کان وڌيڪ خوشبودار ۽ عزيز لڳندي آهي. دنيا جي تاريخ جا ورق ورائبا ته اسان کي وطن جي قرباني لاءِ تمام گهڻا مثال ملندا جن پنهنجي وطن لاءِ تن، من ۽ ڌن قربان ڪيو. ايران جو بادشاهه شاهه پور جڏهن روم ۾ قيد ٿي ويو ته بيمار ٿي پيو، قيد ۾ روم جي شهزادي مٿس عاشق ٿي پئي، جا سندس تيمارداري ڪندي هئي ۽ عيش و آرام جو خيال رکندي هئي، پر شاهه پور ويو پوئتي ٿيندو. نيٺ مايوس ٿي شهزادي کائنس پڇيو ته تنهنجو علاج ڇا آهي، بادشاهه چيو ته جيڪڏهن مون کي ايران جو پاڻي ۽ ايران جي مٽي ملندي ته اهو ئي منهنجو علاج آهي، شهزادي جڏهن ٿورن ڏينهن ۾ پاڻي ۽ مٽي آڻي ڏنس ته ان کي سنگه...
زبردست ماشآءالله اوهان جو ڪم وڻيو,
ReplyDeleteThank you Sir
ReplyDelete