قومي غيرت
قومي غيرت هر مرد ۽ هر عورت کي هڪ جيتري هوندي آهي، انهيءَ ۾ جنس جي ڪا تخصيص نه ٿيندي آهي.
شاهـ صاحب هڪ سنڌي عورت جا غيرتمندانه خيال هن طرح ٿو چٽي:
”ڀڳو“آءُ نه چوان،”ماريو“ته وسهان
ڪانڌ مُنهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سُنهان
ته پڻ لڄ مران، جيڪر هو ونس پٺ ۾.
هن بيت ۾ هڪ سنڌي عورت ساهيڙين کي ٿي چوي، ته:
آءُ اهو ته ڪڏهن به نه مڃينديس ته ڪو منهنجو ڪانڌ جنگ جي ميدان مان ڀڄي آيو آهي. باقي جيڪڏهن ڪو چوي ته جنگ جي ميدان ۾ مارجي ويو آهي ته انهيءَ ڳالهه تي مان اعتبار ڪنديس.
منهنجي ڪانڌ کي جيڪڏهن مُنهن ۾ ڌڪ لڳل آهن ته انهن کي فخر منجهان گرم ڪپڙي سان پيئي سيڪينديس، پر جي جنگ جي ميدان مان پٺي ڏيئي ڀڳو آهي ۽ کيس پٺ ۾ ڌڪ لڳل آهن ته لڄ وچان مري وينديس.
Comments
Post a Comment