منزل منزل خواب - راجه عمران ابڙو
سخت گرمي هئي، روڊ ويران لڳو پيو هو، ڪا سواري يا ڪو پيادل مسافر نظر نه ٿي آيو، هو پنڌ وڃي رهيو هو، هن کي خزانو حاصل ڪرڻو هو، اهو خزانو جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هن کي سفر ڪرڻو پيو هو، تمام گهڻو هو، ايترو گهڻو جو هو پنهنجي زندگي مزي سان گذاري ٿي سگهيو ۽ ان جي چاٻي هن وٽ هئي، ان جي حفاظت هن کي ڪرڻي هئي، اها هن جي ذميواري هئي، جيڪڏهن هن کان چاٻي وڃائجي ٿي ويئي ته خزاني تان هٿ ٿي ڌوئڻو پيس . گرمي وڌندي ٿي ويئي، سج ٽانڊا وسائي رهيو هو، هن جي جسم مان پگهر وهي رهيو هو. هن کي سخت اڃ لڳي، هن جي ٿلهي ۾ سامان سان گڏ پاڻي جي بوتل به هئي، هو روڊ تي بيهي رهيو، هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳو، پوءِ ڪلهي تان ٿيلهو لاهي ان جي زپ کولي پاڻ جي بوتل ڪڍيائين پوءِ هڪ وڻ ڏسي ان جي هيٺان ويهي رهيو، ۽ ٻجي کولي بوتل وات تي چاڙهي ڇڏيائين، پاڻ پيء ڍؤ ڪيائين، پر پاڻي پيئڻ سان هن کي ويتر گرمي ٿيڻ لڳي، پگهر وهڻ لڳس. هن باقي بچيل پاڻي پنهنجي مٿي تي هاري ڇڏيو. ٿڌي پاڻي پوڻ سان هن ڪجهه راحت محسوس ڪئي ۽ پوءِ خالي ٿيل بوتل ٻجي ڏئي ٿيلهي ۾ وجهي زپ بند ڪري ڇڏيائين، هو ڪجهه دير اتي ئي ويٺو رهيو، پوءِ اٿيو ٿيلهو ڪلهي ۾ ڦاسا