منزل منزل خواب - راجه عمران ابڙو



سخت گرمي هئي، روڊ ويران لڳو پيو هو، ڪا سواري يا ڪو پيادل مسافر نظر نه ٿي آيو، هو پنڌ وڃي رهيو هو، هن کي خزانو حاصل ڪرڻو هو، اهو خزانو جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هن کي سفر ڪرڻو پيو هو، تمام گهڻو هو، ايترو گهڻو جو هو پنهنجي زندگي مزي سان گذاري ٿي سگهيو ۽ ان جي چاٻي هن وٽ هئي، ان جي حفاظت هن کي ڪرڻي هئي، اها هن جي ذميواري هئي، جيڪڏهن هن کان چاٻي وڃائجي ٿي ويئي ته خزاني تان هٿ ٿي ڌوئڻو پيس.

گرمي وڌندي ٿي ويئي، سج ٽانڊا وسائي رهيو هو، هن جي جسم مان پگهر وهي رهيو هو. هن کي سخت اڃ لڳي، هن جي ٿلهي ۾ سامان سان گڏ پاڻي جي بوتل به هئي، هو روڊ تي بيهي رهيو، هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳو، پوءِ ڪلهي تان ٿيلهو لاهي ان جي زپ کولي پاڻ جي بوتل ڪڍيائين پوءِ هڪ وڻ ڏسي ان جي هيٺان ويهي رهيو، ۽ ٻجي کولي بوتل وات تي چاڙهي ڇڏيائين، پاڻ پيء ڍؤ ڪيائين، پر پاڻي پيئڻ سان هن کي ويتر گرمي ٿيڻ لڳي، پگهر وهڻ لڳس. هن باقي بچيل پاڻي پنهنجي مٿي تي هاري ڇڏيو. ٿڌي پاڻي پوڻ سان هن ڪجهه راحت محسوس ڪئي ۽ پوءِ خالي ٿيل بوتل ٻجي ڏئي ٿيلهي ۾ وجهي زپ بند ڪري ڇڏيائين، هو ڪجهه دير اتي ئي ويٺو رهيو، پوءِ اٿيو ٿيلهو ڪلهي ۾ ڦاسائي روڊ تي سڌي طرف هلڻ لڳو، ڪجهه دير کان پوءِ هن کي ڪنهن گاڏي جي اچڻ جو آواز محسوس ٿيو. 

هر طرف خاموشي هئي تنهن ڪري پري کان ئي ان گاڏي جو آواز اچي رهيو هو پر گاڏي اڃان نظر نه پئي آئي، هو هلندو رهيو، ٿوري دير کان پوءِ آواز چٽو اچڻ لڳو، هن پوئتي لؤڻو هڻي ڏٺو ته هڪ اڇي رنگ جي گاڏي اچي رهي هئي، جيڪا ان روڊ تي تمام تيزي سان هلي رهي هئي، هو بيهي رهيو. ۽ ان گاڏيءَ طرف ڏسڻ لڳو، جڏهن اها گاڏي ٿورو ويجهو پهتي ته هن ڏٺو اها اڇي رنگ جي ڪرولا ڪار هئي، سج جي شعاعن تي چمڪندڙ روڊ تي ان گاڏي جو عڪس صاف نظر اچي رهيو هو، ڄڻ اها روڊ بدران شيشي تي هلي رهي هجي، جڏهن اها اڃان ڪجهه وڌيڪ ويجهو آئي ته هن محسوس ڪيو ته فرنٽ سيٽ ڊرائيور جي ڀرسان ڪوبه ويٺل نه آهي، ڊرائيور اڪيلو هو، هن ٻانهن اڳيان ڪري هن کي بيهڻ لاءِ اشارو ڪيو پر اها گاڏي نه بيٺي ۽ تيزي سان هن جي ڀر مان ائين گذري ويئي، ڄڻ ان ڊرائيور هن کي ڏٺو ئي نه هجي، جڏهن اها گاڏي هن کان تمام گهڻو پري هلي ويئي ته هن ڪاوڙ ۾ ٻانهن ڇنڊي چيو ”او شٽ.“

اها گاڏي هن جي نظرن کان اوجهل ٿي ويئي ته هو وري روڊ تي هلڻ لڳو. هو ان ڊرائيور جي باري ۾ سوچڻ لڳو ”اهو ڊرائيور انڌو هو الائي ڇا، هن کي هيڏو سارو ڇهه فٽ ماڻهو، اکين اڳيان لڏندڙ ٻانهن نظر نه آئي، ائين آساني سان نظر انداز ڪري هليو ويو، هن کي ڪو احساس نه ٿيو ته هڪ اڪيلو شخص ويران راهه تي سخت گرمي ۾ پيرين پنڌ وڃي رهيو آهي، هن کي ٿوري پنڌ لاءِ لفٽ ڏيان.“

هن وارن تي هٿ گهمائي ڳڙندڙ پاڻي صاف ڪيو، ٿڌي پاڻي جو اثر ختم ٿي ويو هو، هن جو جسم گرم ٿي ويو، پگهر رڪجڻ جو نالو ئي نه ٿي ورتو، هن پينٽ جي کيسي مان رومال ڪڍي پگهر صاف ڪيو ته هن ڪجهه محسوس ڪيو هن جا قدم رڪجي ويا، هو پوئتي ڏسڻ لڳو، هن کي گاڏي جو آواز محسوس ٿيو هو، هن ڏٺو ته واقعي هڪ گاڏي اچي رهي هئي اها تقريبن ويجهو اچي پهتي هئي، ان ۾ تمام ٿورو آواز هو، اها سج جي روشني تي چمڪي رهي هئي، ان جي ونڊ اسڪرين جو عڪس هن جي اکين ۾ چڀيو، هو اکين اڳيان ٻانهن ڏيئي گاڏي طرف ڏسڻ لڳو، اها ڪاري رنگ جي لينڊ ڪروزر هئي، ان جي به رفتار تمام تيز هئي، هن روڊ تي هڪ ته ڪا گاڏي نه ٿي گذري، قسمتي جي ڪا گاڏي گذري ٿي ته تمام تيزيءَ سان. هو ٻڏ تر ۾ پئجي ويو ته اها گاڏي مون لاءِ بيهندي الائي نه، هن کي اشارو ڪجي يا نه؟اها تمام وڏي ۽ نئين گاڏي آهي ۽ ضرور ڪنهن تمام وڏي مالدار ماڻهوءَ جي هوندي، اهو مون کي لفٽ ڏئي الائي نه، پر ٽراءِ ڪرڻ ۾ ڇا آهي، متان ڀاڳ ساٿ ڏئي.
هن اهو خيال ڪري ٻانهن سڌي ڪري لفٽ جو اشارو ڪيو، هن گاڏيءَ جا شيشا ڪارا هئا، ان لاءِ پري کان اندران ڪجهه به نظر نه ٿي آيو، هو اشارو ڪندو رهيو، ان گاڏيءَ جي رفتار پهريان هتان گذري ويندڙ گاڏيءَ جي رفتار کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ تيز هئي، پر هن جي ويجهو پهچندي ان جون ڳاڙهيون بتيون ٻرڻ لڳيون ۽ رفتار ڍري ٿي ويئي، هن جي بلڪل ڀرسان پهچي اها بيهي رهي، هن ٿڌو ساهه کنيو ۽ گاڏيءَ طرف وڌيو، هن کي ڏسي ڊرائيور ڪارو شيشو لاهي ڇڏيو، هن سندس چهرو ڏٺو ته سمجهي ويو، بنا ڪنهن شڪ جي اهو شخص امير هو، هن کي قيمتي سوٽ، ڳلي ۾ سوني چين ۽ اکين تي مهانگي عينڪ پهريل هئي.
ڏي خبر نوجوان ڪيڏانهن نڪتو آهين؟“ هن همراهه هن کان پڇيو.
سر مون کي پنهنجي منزل جي تلاش آهي.“ هن وراڻيو.
ڪٿي آهي تنهنجي منزل؟
ان کي ته تلاش ڪرڻ لاءِ نڪتو آهيان.“ هن چيو.
منهنجي پڇڻ جو مطلب آهي ته ڪيستائين ويندين، تنهنجي منزل ڪٿي آهي؟
منهنجي منزل هڪ خواب آهي، اها خواب تائين محدود رهندي، جيستائين حقيقت ۾ نه ٿي بدلجي تيستائين مان ڪنهن کي به ٻڌائي نه ٿو سگهان، توهان جو عرض صرف مون کي لفٽ ڏيڻ جي حد تائين هجڻ گهرجي.“
منهنجو مطلب آهي ته تون هلندين ڪيستائين؟
ڪيستائين؟ اها مون کي خبر ناهي.“
ڇا ڪو خفيه معاملو آهي ڇا؟
نه پر توهان ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو؟
اها مون کي به خبر ناهي ته ڪيڏانهن وڃي رهيو آهيان، بس نڪري پيو آهيان.“
ته پوءِ اسان ٻئي هڪ ئي راهه جا مسافر آهيون، منزلون پوءِ به ملي وينديون.“
هن همراهه کلندي چيو. ”ها ٺيڪ ٿو چئين، هلي آ چڙهه گاڏي ۾ اسان سان هلندو رهه، جتي تنهنجي منزل آئي، ٻڌائي ڇڏجانء، توکي لاهي ڇڏيندس.“

هو پوئتي وڃي گاڏي جو دروازو کولي ان ۾ چڙهي پيو اندر گهڙندي ئي هن کي ٿڌين هوائن گهيري ورتو، هن کي سڪون مليو، گاڏي ۾ اي سي هلي رهي هئي، ان گاڏيءَ جي پوئين سيٽ تي هڪ عورت ويٺي هئي، جيڪا شايد ان همراهه جي گهر واري هئي، ان جي عمر چاليهه پنجيتاليهه جي لڳ ڀڳ هئي، هوءَ چڱي شڪل ۽ صورت واري هئي، هن کي قيمتي جوڙو پهريل هو، سڄي ڳهن سان ڀري پئي هئي، هن کي بيحد نامناسب حد تائين ميڪ اپ ٿيل هو.
گاڏي هلڻ لڳي، هو ان عورت جي باري ۾ سوچڻ لڳو. ”شايد هن جو مڙس جاگيردار آهي يا ڪو ڪروڙ پتي بزنس مين آهي، ڇو ته هن صرف پنهنجي هار سينگار تي ايڏو خرچ ڪيو آهي، عام زندگي ۾ ته الائي ڇا هوندو.“ هن کي تعجب ٿيو ته ”هوءَ اهڙي ويران علائقي جي سفر تي ايڏي فيشن سان نڪتي آهي جو ڪو ملي ويس ڦورو ته ڪندس چٽ.“
هن سوچيو ته ”شايد هن پويان هن سان گڏ ويهي غلطي ڪئي آهي، اڳيان واري سيٽ به خالي هئي، اتي به ويهي سگهيو ٿي، ڪٿي اهو شخص ۽ سندس گهر واري غلط نه سمجهن.“ پر اهڙي ڪابه ڳالهه نه ٿي، ان عورت اهڙو ڪو تاثر نه ڏنو ۽ اهو شخص به مطمئن نظر آيو ٿي.
گاڏي پنهنجي پهرين رفتار کان به وڌيڪ تيز هلڻ لڳي، هو ٿيلهو پنهنجي ۽ عورت جي وچ ۾ رکي دري ڏانهن منهن ڪري مطمئن انداز ۾ ويٺو رهيو، اها عورت هن کي گهوري ڏسڻ لڳي، اها ڳالهه هن محسوس نه ڪئي، پر هن عورت جي مڙس سامهون لڳل آئيني ذريعي سندس اها حرڪت ڏسي ورتي، اها کيس ناگوار لڳي، هن سندس چوري پڪڙڻ لاءِ چيو. ”ٽينا!“
جي.“ هوءَ هن ڏانهن متوجهه ٿي.
ڇا ڪري رهي هئينء؟
ڇا وري ڇا ڪري رهي هيس، ڪجهه به ته نه، ائين ويٺي آهيان، هتي ڪري به ڇاٿو سگهجي.“
هڪڙي ڳالهه ته ٻڌاءِ.“
ها پڇ.“
توکي مٿي ۾ اڇا وار آهن، مون کي ته ڏاڍا پئجي ويا آهن.“
اهي ڪهڙيون ڳالهيون ٿو ڪرين، منهنجي عمر اڃان ايڏي ته ناهي.“
پوڙهي ٿي ويئي آهين ٻه ٽي ڏينهن بيوٽي پارلر نه وڃ ته خبر پئجي وينديئي.“
اهي ڪهڙيون ڳالهيون اچي کنيون اٿئي، مان پارلر پنهنجي ميڪ اپ لاءِ ٿورئي ويندي آهيان پر وار ڪرلي ڪرائڻ لاءِ ويندي آهيان.“
ساگر ٻنهي جي ڳالهين تي ڌيان نه ڏنو.
اهي ڳالهيون ته توکي خراب لڳنديون نه، نيت کوٽي عورت!“ هن دل ۾ سوچيو.
اهو شخص خاموش ٿي ويو ۽ هن به سيٽ تي ڪنڌ رکي ڇڏيو، نه ته ڳالهه وڌي وڃي ها، هوءَ چور اکين سان ساگر کي ڏسڻ لڳي، هو هن کي ڪاليج جي زماني جو اهو هينڊسم نوجوان لڳو، جنهن کي هن چاهيو هو، هن جي اڳيان پنهنجي دل هاري هئي، اهو اڄ تائين هن جي يادن ۾ هو، هر رات هن جي خواب ۾ ايندو هو، اڄ حقيقت ۾ مليو هيس، تنهن ڪري هوءَ هن کي ڏسندي رهجي ويئي هئي.
هن شخص وري آئيني ۾ ڏٺو، پر هوءَ ٿوري ليٽيل هئي، تنهن ڪري سندس اکيون نظر نه ٿي آيون، هن آئينو ڦيرائي هن جي اکين تائين آندو، اهي نوجوان ڏانهن نهاري رهيون هيون.
هن عورت جي اکين ۾ حياءُ ئي ڪونهي، اڇو مٿو اٽو خراب.“ هن سوچيو ”ڪٿي هي ڇوڪرو ئي ته اڳواٽ ڪا غلط حرڪت نه ڪري رهيو آهي.“
اهو سوچي هن آئينو ڦيرائي نوجوان ڏانهن ڪيو، هو ڇرڪي پيو، اهو ڇوڪرو به ٽينا ڏانهن ڏسي رهيو هو، هن کي اها ڳالهه وڻي ته نه پر اهو ڇوڪرو هڪ مسافر هو، ان لاءِ هن کي زهر جو ڍڪ پيڻو پيو، پر هن کي پنهنجي گهر واريءَ تي ڏاڍي ڪاوڙ اچي رهي هئي، هن خار مان گاڏيءَ جي اسپيڊ وڌائي ڇڏي.
ساگر الائي ڪٿي وڃائجي ويو هو، ڪهڙي سحر ۾ قابو ٿي ويو هو، هن کي خبر ئي نه ٿئي پئي ته ڪٿي آهي، هن عورت اک چورائي ته هو هوش ۾ آيو، هن کان پري هٽي وري وچ ۾ ٿيلهو رکي ڇڏيائين، هن محسوس ڪيو ته گاڏي رود ڇڏي ڪچي ۾ هلي رهي آهي.
هي توهان ڪيڏانهن هلي رهيا آهيو؟“ هن ان شخص کان پڇيو.
پنهنجي منزل ڏانهن.“ ان شخص وراڻيو.
اوهه ......... ٺيڪ آهي.“
توهان کي ڪيڏانهن وڃڻو هو؟
منهنجي منزل به توهان جي منزل سان گڏ آهي، اسان جي منزل هڪ آهي.“
ساجهر ته توهان چيو هو ته توهان جي منزل الڳ آهي.“
مون ائين نه چيو هو، مون چيو هو ته منهنجي منزل هڪ خواب آهي.....“
۽ اها خواب تائين محدود رهندي، ائين نه، پر هينئر توهان ان کي حقيقت پيا بڻايو، توهان منهنجي منزل کي پنهنجي منزل پيا چئو، جڏهن ته اها توهان جي نه پر منهنجي منزل آهي.“
هو سندس ڳالهه نظر اندار ڪري ساڳي حرڪت ڪرڻ لڳو، هو هن کي تمام گهڻي دير کان برداشت ڪري رهيو هو، هن جي صبر جي حد پار ٿي ويئي، هن تڪڙ ۾ بريڪ هنئي، گاڏي وڏو آواز ڪري بيهي رهي، ساگر حيرانگيءَ مان ان شخص ڏانهن ڏٺو.
نوجوان هيڏانهن فرنت سيٽ تي اچ، پويان ڪجهه ٺيڪ نه ٿو لڳين.“ هن شخص کيس چيو.
هن انڪار نه ڪيو، پنهنجو ٿيلهو کڻي گاڏي مان لهي، اڳئين سيٽ جو دروازو کولي ان تي ويٺو.
گاڏي ٻيهر هلڻ لڳي.
ڪجهه لمحن بعد ان عورت ٻيهر هن طرف ڏسي، مسڪرائي ۽ اک ڀڳي، ساگر به ان شخص کي نظر انداز ڪري ائين ئي ڪيو. هن جي اندر جيترو به صبر ۽ برداشت جو حوصلو هو جواب ڏيئي ويو، هن هڪ بي حد ويران علائقي ۾ گاڏي روڪي، کيس لاهي ڇڏيو ۽ هن جو ٿيلهو هن طرف اڇلي گاڏي اڳتي وڌائي ڇڏيائين، هو پريشان ٿي ويو، گاڏي هن جي نظرن کان اوجهل ٿي ويئي.
هي ڪٿي پهچي ويس مان، هيء ته منهنجي منزل ناهي.“ هن زور سان زمين تي لت هنئي ۽ ٿيلهو ڪلهي ۾ ڦاسائي هڪ طرف هلڻ لڳو، ”زندگي جي ڪنهن به موڙ تي، ڪنهن به لمحي، ڪڏهن به ڪٿي به اهو شخص نظر آيو ته گوليءَ سان اڏائي ڇڏيندو سانس، مون کي رڻ ۾ رولي ڇڏيائين، هي ڪهڙو علائقو آهي؟ ڪا آبادي ئي نظر نه ٿي اچي.“
هو آهستي آهستي ٿڪل قدمن سان هڪ طرف هلڻ لڳو، گهڻو پرتي نه ويو هو ته اوچتو مٽي جو طوفان لڳو، هن کي لڳو ته طوفان زوردار آهي، هن جي چوڌاري مٽي اڏامڻ لڳي، ۽ زوردار طوفان کيس زمين تي ڪيرائي وڌو، هن جي منهن ۾ مٽي ۽ سنها پٿر لڳا، هن جي اکين ۽ وات ۾ مٽي پئجي ويئي، هو پيٽ ڀر ليٽي پيو ۽ منهن ٻانهن ۾ لڪائي، اکيون بند ڪري ڇڏيائين، هن جون اکيون مٽي پوڻ ڪري سڙي رهيون هيون، طوفان هو جو وڌندو رهيو هو، تمام گهڻو تيز ٿي ويو هو، هن جي جسم سان سنهڙا پٿر ٽڪرائيندا رهيا. هن محسوس ڪيو ته اهو طوفان جند ڇڏڻ وارو ناهي، هلندو رهندو، خبر ناهي ڪيستائين، پر ٿوري کان پوءِ ان جو زور ختم ٿيڻ لڳو، اهو گهٽ ٿيڻ لڳو، گهٽ ٿيندي ٿيندي اهو بلڪل ختم ٿي ويو، هن منهن مٿي ڪري اکيون صاف ڪري ڏٺو ته مٽي نه پر صاف هوا هلي رهي هئي، هو اٿي بيٺو، سندس سڄو جسم مٽيءَ ۾ لٽجي ويو هو، هن پنهنجي جسم تان مٽي صاف ڪئي ۽ ڪپڙا ڇنڊي هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳو. ڪجهه دير پهرين ئي هي علائقو بلڪل ويران لڳو پيو هو. هينئر هن ڏٺو ته پريان ڪو ڳوٺ نظر اچي رهيو هو، هو ڳوٺ طرف هلڻ لڳو، ان ڳوٺ کان ٿورو پرڀرو هن کي ڪجهه ماڻهو نظر آيا، جيڪي کوهه مان ڀري رهيا هئا، هن کي سخت اڃ لڳي هئي، پاڻي ڏسي هو کوهه طرف وڌيو، هو کوهه جي ڀرسان پهتو ته اتي هڪ پيرسن کوهه مان پاڻي ڪڍي کليءَ ۾ وجهي رهيو هو، هن جي جسم تي رڳو گنجي ۽ گوڏ هئي.
هي هن سان وڃي مخاطب ٿيو ”چاچا مان هتي پرديسي آهيان، رستو ڀلجي هيڏانهن اچي ويو آهيان، اڃ لڳي آهي، ڪجهه پاڻي ملي سگهي ٿو؟
هن شخص هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيو ”ها مون توکي پريان ئي ڏسي ورتو هو ته تون پرديسي آهي، رستو وڃائي هيڏانهن اچي ويو آهين، تون ڪو فڪر، اڳتي هلندو ويندين ته رستو آهي، ٿورو اڳتي پڪي سڙڪ به آهي، توکي اڃ لڳي آهي، اچي هي وٺ پاڻي پيءُ.“
پوءِ هن کلي هن ڏانهن وڌائي، هو ان جي آڏو ٻُڪ جهلي پاڻي پيئڻ لڳو، ان کوهه جو پاڻي ٿڌو ۽ مٺو هو، هن جي اڃ اجهامي ويئي، پوءِ هن منهن تي ڇنڊا هڻي منهن ڌوتو ۽ مٿي تي پاڻي هاريو.
پوءِ هن ان شخص کي چيو ”چاچا توهان جي وڏي مهرباني مون کي ٿورو هن بوتل ۾ پاڻي کپندو.“ هن اهو چئي ٿيلهو لاهي، بوتل ڪڍي ان ۾ پاڻي ڀريو، بوتل ٿيلهي ۾ وجهي هن چيو ”توهان جي وڏي مهرباني ڇا اڳيان رستو آهي؟
ها ها سڌو هلندو رهه اڳيان رستو اٿئي.“ هن شخص وراڻيو.
هو اڳتي وڌي ويو، اهو پيرسن هن کي ويندي ڏسندو رهيو، هو هن جي ٻڌايل ڏس تي پڪي سڙڪ طرف هلڻ لڳو. ڳوٺ کان ٿورو ٻاهر ئي پهتو ته اوچتو وري طوفان آيو، ان جي شدت به پهرين واري طوفان وانگر هئي، هو اڳ وانگر وري زمين تي ليٽي پيو، هن جي جسم تي مٽي، هوا ۽ سنهڙا پٿر لڳڻ لڳا، ٿوري دير کان پوءِ طوفان هليو ويو، پوءِ ان جو زور ٽٽو ۽ اهو طوفان ٿڌي هِير ۾ تبديل ٿي ويو، هو اٿيو ۽ ڳوٺ طرف ڏسڻ لڳو ته ايتري شديد هوا سان ڪکاون گهرن کي ڪو نقصان ته نه پهتو، هن کي اهو ڏسي جهٽڪو لڳي ويو ته ان هنڌ ڳوٺ موجود ئي نه هو، هو ان کان ايترو پري به نه ويو هو جو نظر نه اچي، پر ان وقت هن کي اهو نظر نه آيو، سمورو ڳوٺ ان هنڌان غائب ٿي چڪو هو، نه هئا اهي ڪکاوان گهر نه کوهه وٽ بيٺل ماڻهو.
هو اڳتي وڌڻ لڳو، گرميءَ جي شدت ۾ گهٽتائي اچي ويئي هئي، ٿڌي هوا لڳي رهي هئي. ٿورو اڳتي ويو ته هن ڏٺو واقعي اڳيان روڊ هو، جيڪو ان رڻ جي وچ مان گذري رهيو هو. هو روڊ طرف وڌيو. اهو بلڪل ويران هو اتان ڪابه سواري نه ٿي گذري، هو ٿڪل هو تنهن ڪري روڊ جي بلڪل ڀر ۾ هڪ گهاٽي بڙ جي هيٺان ٿيلهو اڇلي ان جي ڇانو ۾ ويهي رهيو.
رومال ڪڍي پگهر اگهي، چهري ۽ مٿي کان مٽي صاف ڪيائين، ٿوري دير کان پوءِ هن هوائن جي زوڪاٽ سان گڏ هڪ ٻيو به آواز ٻڌو، ڪنهن گاڏيءَ جو. ٿوري دير کان پوءِ هن ڏٺو ته روڊ تي اها ئي ڪاري لينڊ ڪروزر اچي رهي هئي، اهو ڏسي هو خوش به ٿيو ۽ حيران به هن سوچيو ”ممڪن آهي ته ان ئي عورت هن همراهه کي مون ڏانهن واپس اچڻ جو چيو هجي ۽ اهو همراهه ترس کائي مون کي کڻڻ لاءِ واپس ٿيو هجي.“
اها گاڏي هلندي روڊ تي هن جي ڀرسان بيهي رهي.
هو ٿيلهو کڻي گاڏي طرف وڌيو، جڏهن هو ان جي ڀرسان پهتو ته ان جو فرنٽ دروازو کلي ويو، هو خوش ٿي اوڏانهن وڌيو، اتي پهچي هن اندر ڏٺو ته کيس تعجب ٿيو، ڇو ته ٻئي فرنٽ سيٽون خالي هيون، هن پويان وارو دروازو کولي ڏٺو ته پويان به ڪير به ويٺل نه هو، جڏهن ته گاڏي اسٽارٽ هئي، هو پويون دروازو بند ڪري اڳيان ٿيلهو اڇلي ڊرائيونگ سيٽ تي ويهي رهيو. ۽ دروازو بند ڪري ڇڏيائين.
هيءَ ڇا ماجرا آهي، گاڏي ۾ ڪير به موجود نه آهي، هو ٻئي ڪيڏانهن ويا؟“ هن سوچيو.
پوءِ هن چاٻي گهمائي انجڻ بند ڪري ڇڏي. ماحول ۾ پوري طرح ماٺار چائنجي ويئي، ڪو به آواز نه آيو، هن ڪجهه سوچي انجڻ اسٽارٽ ڪئي، گيئر تبديل ڪري ان کي وچ روڊ تي آڻي ان کي ڊوڙائڻ لڳو ”واهه ڇا ته گاڏي ملي آهي، منهنجي سفر ۾ وڌيڪ آسانيون پيدا ٿي پيون.“ هو بي حد خوش ٿيو.
هو آئيني ۾ پنهنجي شڪل ڏسڻ لڳو، هن جو چهرو مٽيءَ ۾ بگڙي ويو هو، هن آئيني تان نظرون هٽائي روڊ تي ڄمائي ڇڏيون ۽ پوري طرح گاڏي جي ڊرائيونگ جو مزو وٺڻ لڳو، ٿوري دير کان پوءِ هن گيئر مٽايو ته شايد غلطي سان هن جو هٿ ڊيڪ جي بٽڻ تي لڳو، ڊيڪ وڄڻ لڳي، ان جو آواز فل هو، تنهن ڪري سڄي گاڏي گونجڻ لڳي، هن جي ڪنن جا پردا ڦاٽا ٿي، هن هڪدم هٿ وڌائي ڊيڪ آف ڪري ڇڏي.
پوري طرح ماٺار ڇانئجي ويئي، ٿوري دير کان پوءِ ڊيڪ از خود آن ٿي پئي، ان جو آواز ڌماڪا ڪرڻ لڳو، هو پريشان ٿي ويو، هن جا ٻئي هٿ اسٽيئرنگ تي هئا، هن ڊيڪ آن نه ڪئي هئي، پوءِ پاڻ ڪيئن آن ٿي؟ هن سوچيو.
ڪجهه منٽن کان پوءِ هن سامهون واري شيشي تي نظر وڌي، سندس نظر اتي ئي ڄمي ويئي، هن کي پنهنجي اکين تي اعتبار نه آيو، جسم ۾ ڪرنٽ ڊوڙي ويس، اسٽيئرنگ تان ڪنٽرول ڇڏائجي ويس، گاڏي روڊ تي ڦيرا ڏيڻ لڳي.
هي ڇا ٿو ڪرين نظرون سڌيون روڊ طرف رک، اسٽيئرنگ کي سنڀال نه ته پاڻ سان گڏ مون کي به مارائيندين.“ سارتر هن سان مخاطب ٿيو.
هن جا لؤڻا ڦري ويا، ذهن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنس. ”هي ڪٿان آيو؟ ڪٿي لڪل هو، اڳ ته گاڏي خالي هئي.“ هن چهري تي هٿ ڦيري ڳڙندڙ پگهر صاف ڪيو، پر هو اڃان پاڻ کي سنڀالي نه ٿي سگهيو.
هي ڇا ٿو ڪرين، هوش ڪر اڳ ۾ ڪڏهن گاڏي ڪانه هلائي اٿئي ڇا؟“ هن کيس چيو.
هن ڪوشش ڪري پاڻ تي قابو ڪيو، گاڏيءَ کي سنڀالي وچ روڊ تي آندو.
ڇا ٿيو هن کي ڇو ٿو ڌڙڪا ڏين، گاڏي ٺيڪ طرح ته هلائي پيو.“ هن ڪنڌ ڦيرائي پنهنجي ڀر واري فرنٽ سيٽ ڏانهن ڏٺو، هن کي جهٽڪو لڳو، اتي ان همراهه جي گهر واري ويٺي هئي.
هن ۾ تازو رت آهي، ڪٿي حادثو ٿي پيو ته هن مان رت وهي ويندو ته پوءِ اسان لاءِ ڪجهه نه بچندو.“ سارتر چيو.
هن جي ڪنن مان دونهان نڪري ويا، اکين اڳيان ترورا نچڻ لڳس.
لڳي ٿو هن کان ٺيڪ طرح سان گاڏي نه هلندي.“ سارتر چيو.
ته پوءِ انتظار ڇو ٿو ڪرين؟“ ٽينا چيو.
ٺيڪ آهي تون گاڏي هلاءِ مان هن کي ڏسي ٿو وٺان.“
نه مان گاڏي نه هلائيندس، مون کان هلندي به نه، مان گهڻن ڏينهن کان پياسي آهيان ............ ڪنهن جي تازي رت جي!“ هن ايترو چيو ته هن جي هٿن جا ننهن ۽ ڏند وڏا ٿي ويا، هن جو جسم بدلجڻ لڳو.
ها لڳي پيو تون واقعي تمام گهڻي پياسي آهين.“ سارتر چيو ۽ هن جي ڪلهي ۾ هٿ وجهي پاڻ ڏانهن ڇڪيائينس، هن ۾ بي پناهه طاقت هئي، ساگر پوري طرح هن ڏانهن هليو ويو.
گاڏي روڊ کان لهي واريءَ تي هلڻ لڳي، هلندي هلندي دڙي تي چڙهي ويئي، اتان ڦيرو ڏيئي ڪلٽيون کائيندي هيٺ ڪري پيئي، ساگر کي تمام گهڻا ڌڪ لڳا، رت وهڻ لڳس، ٽينا پوري طرح بدلجي چڪي هئي، تنهن ڪري هن ساگر جي ڪنڌ ۾ جتي کيس ڌڪ لڳڻ سان رت وهي رهيوهو چڪ وجهي هن جو رت پيئڻ لڳي، سارتر به ٿوري کان پوءِ هن سان شامل ٿي ويو، ٻئي هن جي جسم کي پٽڻ لڳا ۽ پوءِ گم ٿي ويا.
هو رڻ ۾ تمام گهڻو اڳتي هليو ويو، هلندو پئي ويو هن کي ڪنهن جون رڙيون ٻڌڻ ۾ آيون، ڪو زور سان پڪاري رهيو هو، هن هيڏانهن هوڏانهن نهاريو ته هن کي پري کان هڪ ماڻهو نظر آيو، جيڪو واريءَ تي ليٽيل هو، هو هن ڏانهن وڌي ويو. ان جي ڀرسان پهچي هن ڏٺو ته اهو کوهه مان پاڻي ڀرڻ وارو پيرسن هو، هن جي حالت خراب هئي، هو پاڻي پڪاري رهيو هو، هن سندس اڃ اجهائي هئي، هن وقت هو پاڻ تڪليف ۾ هو، تنهن ڪري هن هڪدم ٿيلهو لاهي ان مان بوتل ڪڍي. ٻُجي کولي هن جو مٿو مٿي ڪري هن جي وات ۾ بوتل وجهي ڇڏيائين، پوڙهي جون اجهامندڙ اکيون کلي پيون، هو آهستي آهستي پاڻي پيئڻ لڳو.
نه ڄاڻ پوڙهو هيستائين ڪيئن پهتو ۽ ان جي حالت ايتري بري ڪيئن ٿي؟“ ساگر کي ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو.
تيسائين هو بوتل جو سمورو پاڻي پي چڪو هو، هن کي ڏک يا افسوس نه ٿيو، هن کي سندس حالت بهتر ڏسي خوشي ٿي، هن جي جان ۾ جان آئي، اکيون کڻي هن طرف ڏٺو.
تنهنجي مهرباني جوان!“ پوڙهي هلڪي آواز ۾ ڳالهايو.
توهان ڪيئن آهيو چاچا ۽ هتي ڪيئن پهتؤ؟
مون وٽ وقت ناهي، توکي هڪ راز ٻڌائڻ چاهيندس.“
راز ڪهڙو راز؟
تو اهو نالو ٻڌو آهي پارڪرست رڻ، ملي خزانو مڻ؟
ها چاچا مون اهو نالو ٻڌو آهي ۽ ان خزاني جي ڳولا ۾ نڪتو آهيان.“
مان به توکي ان خزاني جي باري ۾ ٻڌائڻ چاهيان ٿو.“
ان خزاني جي باري ۾ توهان ڇا ٿا ٻڌائڻ چاهيو، توهان کي ان جي ڪهڙي خبر آهي؟“ هن بي يقيني مان پڇيو.
مون کي ان جو رستو معلوم آهي، ڇو ته مان به ان خزاني جي تلاش ۾ نڪتو هئس.“
پر چاچا رستو ته مون کي به معلوم آهي، ۽ مون اڌ منزل طئي ڪري ورتي آهي، باقي به منزل آسان آهي.“
نه جوان تو هن وقت اڌ منزل نه پر ان جو چوٿون حصو به طئه نه ڪيو آهي، تو هن وقت صرف ٻه صحرا پار ڪيا آهن، اڃان ڪافي ڪرڻا اٿئي، هينئر توکي سارتر جو به منهن ڏسڻو آهي، اڃان ان جهڙيون ۽ ٻيون وڌيڪ ڏکيائيون ۽ خطرناڪ رستا باقي آهن.“
چاچا مون ٽي رڻ پار ڪيا آهن ۽ سارتر جي به هٿ لڳي چڪو آهيان، هو ۽ هن جي گهر واري مون کي قتل ڪري کائي چڪا آهن، باقي چار رڻ آهن، انهن متعلق توهان ڪجهه ڄاڻو ٿا ته مون کي ٻڌايو؟
ها مان انهن چئن رڻن متعلق گهڻو ڪجهه ڄاڻان ٿو، مون تنهنجي عمر کان اهو سفر شروع ڪيو هو، هن عمر تائين ست ئي رڻ پار ڪري منزل تائين رسيو هيس، اهو مڻ خزانو مون اکين سان ڏٺو هو، جيڪو باهه جي درياءَ جي هن پار پيو هو، پر ان تائين رسي نه سگهيس، بس باهه جو درياءُ ڏسي همت نه ڪري سگهيس، تنهن ڪري واپس موٽي ويس.“
ان جو مطلب مان به جڏهن توهان جي عمر تائين رسندس تڏهن خزاني تائين پهچندس؟
نه تون پنهنجي هن ئي عمر ۾ ۽ تمام جلد ان خزاني تائين پهچي ويندي، ڇو ته تو ۾ جذبو آهي، سچائي ۽ همت آهي، مان آخر ۾ ڀاڙيو ٿي پيس ۽ ان خزاني تائين نه پهچي سگهيس، آخري لمحي ۾ مون کي ان خزاني تائين پهچڻ جو ڳجهو رستو مليو هو، جنهن جي ذريعي باهه جو درياءُ ٽپڻ کانسواءِ ئي ان خزاني تائين پهچي ٿو سگهجي، پر ان وقت تائين دير ٿي چڪي هئي، هينئر مون وٽ وقت ناهي، تنهن ڪري ان ڳجهي رستي متعلق مان توکي ٻڌائڻ ٿو چاهيان.“
توهان ٻڌايو.“
تون اهو سڀ ياد ڪري سگهندين؟
مان ڪوشش ڪندس ته مون کي اهو سڀ ياد رهي.“
اهو ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، نه ياد ٿي سگهيئي ته نوٽ ڪري ڇڏ ۽ رستي جو نقشو ٺاهي ڇڏ، تو وٽ ڪاغذ ۽ قلم آهي؟
ها آهي.“
ڪڍ جلدي ڪر.“
هن ٿلهي ۾ هٿ وجهي ان کي کولي، ان مان ڪاغذ ۽ قلم ڪڍيو، تيستائين ان پوڙهي هڪ هلڪي هِڏڪي ڏني ۽ سندس ساهه  جي تند ٽٽي پئي، هن جو ڪنڌ هڪ پاسي لڙي پيو، هن اهو ڏٺو ته کيس تمام گهڻو ڏک ٿيو، هن هٿ وڌائي پوڙهي جون کليل اکيون بند ڪري ڇڏيون، ٿوري دير کان پوءِ اوچتو هن جو جسم مٽجڻ لڳو. اهو ڏسي ساگر جون اکيون پٽجي ويون، پوڙهي جو جسم مِٽيءَ مان ٺهيل مجسمي وانگر ٿي ويو، ٿوري دير کان پوءِ اهو مٽيءَ جي ٿانوَ وانگر ڀڃي ڀورا ٿي ويو ۽ مٽي ٿي مٽيءَ ۾ ملي ويو. اتي اڀريل ڍير ٿي پيو، هو اهو ڏسي حيران ٿي ويو.
ڇرڪ ڀري ننڊ مان سجاڳ ٿي پيو، هن پاڻ کي گهاٽي بڙ جي ڇانوَ ۾ پيل ڏٺو. اتان ٿورو پري روڊ گذري رهيو هو، جتان اڃان تائين ڪابه گاڏي نه گذري هئي، هن آرس ڀڃي اکيون مهٽيون ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳو، پوءِ ٿيلهو کڻي بڙ جي ڇانوَ مان نڪري آيو.
ٿوري دير کان پوءِ هو روڊ تي بيٺو هو، هيڏانهن هوڏانهن ڏسي سوچي رهيو هو، ته ڪا گاڏي اچي ته ان کان لفٽ وٺجي، شام ٿي رهي آهي جلد کان جلد ڳوٺ پهچان، هو منزل جي ڳولا ۾ نڪتو هو پر ملي نه سگهي هيس، هينئر هن کي اهو به ياد نه رهيو هو ته منزل هئي ڪهڙي؟ هن کي ڪجهه به ياد نه رهيو هو.

Comments

You May Like

You May Like

WhatsApp

Archive

Show more