ون فور ٽوئنٽي سيون - راجه عمران ابڙو


هن جي نظر ۾ مسلسل روڊ جي ٻئي طرف ڊپارٽمينٽل اسٽور تي هئي، هو اسٽور مان ٻاهر ايندڙ هر شخص کي غور سان ڏسي رهيو هو. هن مائوزر جو ميگزين چيڪ ڪري چيمبر چاڙهي ور ۾ هنيو، پوءِ بيلٽ ۾ لڳل سن گلاسز ڪڍي اکين تي پهري.

جاني! اسٽور خالي ٿي چڪو آهي، هل ته هلون.“

جاني هن جي اسٽائيل تي رشڪ ڪندي چيو ”واهه ڇاته اسٽائيل آهي، توکي ته فلمن ۾ هجڻ کپي هان.“

مون کي فلمن سان ڪا دلچسپي ناهي، اهڙي بيهوده ڪم لاءِ مون وٽ نه وقت آهي ۽ نه شوق.“ هن رخو جواب ڏنو، هن اسٽور ڏانهن وک وڌائي.

عجيب انسان آهين.“ جاني حيرت ۾ ڪلها لوڏيا ”اهو ٻڌاءِ اسٽور ۾ ڇا آهي، ڇا اتي دهشتگرد لڪل آهن؟

تنهنجو اندازو گهڻي حد تائين صحيح آهي، اتي هڪ توجهڙي گهڻ ڳالهائو دهشتگرد موجود آهي.“ هن سپاٽ لهجي ۾ چيو.

هن دهشتگرد جو نالو ٻڌي جلديءَ ۾ مائوزر ۾ هٿ وڌو، پوءِ سوچيائين ”گهڻ ڳالهائو دهشتگرد ۽ اها به مون جهڙي ناٽ بيڊ!“

اهي ٻئي اسٽور ۾ داخل ٿيا، اسٽور خالي ٿي چڪو هو، هو ڪائونٽر ڏانهن وڌيا، اسٽور مالڪ لارا مائيڪ کي ڏسي پريشان ٿي ويئي. هوءَ ڳيتون ڏيڻ لڳي.

جاني هن جو پورو جائزو ورتو ۽ واهيات انداز ۾ سيٽي وڄائي چپن ئي چپن ۾ هن جي حسن جي تعريف ڪئي ”ٺيڪ آهي!“

مائيڪ هن کي نظر انداز ڪندي هن کان پڇيو ”لارا ڇا ٿيو؟

ڇاجي باري ۾؟“ هن ڄاڻي واڻي بي خبر ٿيندي چيو.

منهنجي ڪم جي باري ۾ جنهن لاءِ ڪافي ڏينهن کان تنهنجي گهٽين جا چڪر ڪاٽيندو رهيو آهيان، توکي بار بار ياد ڏياريندو رهيو آهيان.“

اهو ...... “ هوءَ ڪجهه چوندي بيهي رهي.

ڇا اهو، تون ڇا ٿي چوڻ چاهين، ڏس تو وٽ انڪار جي ڪابه گنجائش ناهي، تون پنهنجي مهلت کائي چڪي آهين، بس هاڻ ڪم ٿيڻ جو ٻڌاءِ.“

مان معذرت خواهه آهيان ......... دراصل .......“

ڇا دراصل؟

مون اهو ڪم ڪرڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي، پر ڪامياب نه ٿي سگهيس.“

ته پوءِ؟

ڪجهه ڏينهن وڌيڪ.“

وڌيڪ هڪ لمحو به نه، مون توکي چئي ڇڏيو هو ته هي تنهنجي آخري مهلت آهي، جيڪڏهن تون ڪم ڪرين ته ٺيڪ آهي، نه ته تون پنهنجي جان تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار رهجانءِ. تنهنجي اها مهلت ختم ٿي چڪي آهي.“ ائين چئي هن مائوزر هن تي سڌو ڪيو.

ان کان اڳ جو مائيڪ گولي هلائي يا لارا ڪجهه چئي جانيءَ جلدي ۾ چيو ”نه نه ترس هن تي گولي نه هلائجان.“

مائيڪ هن ڏانهن ڏٺو.

ايتري ننڍي ڳالهه تي ڪنهن جي جان وٺڻ سٺي ڳالهه ناهي، ۽ جڏهن اها وري اهڙي خوبصورت عورت هجي. ترس مان هن کي سمجهايا ٿو، ڏس لارا هي جڏهن پڇي رهيو آهي ته تون به هن کي صاف طور جواب ڇونه ٿي ڏين، هي آفر ڪري ٿو ته ها ڇونه ٿي ڪرين. منهنجي صلاح مڃ، فورن ها ڪري ڇڏ، مان هن کي چڱي طرح سڃاڻان ٿو، هي نهايت شريف ۽ ايماندار ڇوڪرو آهي، سٺي نوڪري به اٿس، وڏي ڳالهه ته هن وٽ پنهنجو گهر ۽ گاڏي به آهي، مان به هن وٽ رهندو آهيان، هن کي گهر جو سڄو ڪم ڪرڻ ايندو آهي، ماني پچائڻ، صفائي ڪرڻ ۽ ٻار ريجهائڻ ۾ هن کي مهارت حاصل آهي، توکي تمام گهڻو خوش رکندو، تون ڪجهه سوچ نه بس ها ڪري ڇڏ.“

ڇاجي ها؟“ لارا حيران ٿي هن کان پڇيو.

مائيڪ جي اکين ۾ اچرج هو.

اهو ته تون به هن سان پيار ٿي ڪرين ۽ هن سان شادي لاءِ راضي آهين.“

شٽ اپ“. لارا ڪاوڙ ۾ چيو.

بند ڪر پنهنجي بڪواس ۽ خاموشيءَ سان بيٺو رهه، نه ته تنهنجو منهن ڀڃي ڇڏيندس.“ مائيڪ چيو.

هن جيڪا بڪواس ڪئي آهي نه، منهنجي هٿ ۾ جيڪڏهن پسٽل هجي ها ته فورن کيس گولي هڻي ڇڏيان ها، تون هن کي گولي هڻي ڇڏ.“

هن کي مان پوءِ ڏسندس، پهرين توسان نبري وٺان، تون ڇا ٿي چئين ڪجهه ٻڌائيندينءَ يا هلايان گولي؟

ڏس مون تي گولي هلائڻ سان توکي ڪوبه فائدو نه ٿيندو.“

فايدي نقصان تي سوچڻ اسان تي ڇڏي ڏي، في الحال تون پنهنجي ڳالهه ڪر.“

مان ڪجهه به نٿي ٻڌائي سگهان.“

ٺيڪ آهي، مون کي افسوس ضرور ٿيندو، پهريون دفعو ڪنهن عورت تي گولي هلائي رهيو آهيان.“ هن ائين چئي لارا جي پيٽ ۾ ٻه گوليون هڻي ڪڍيون، ڌماڪي جو آواز ٻڌي جاني ڪنن تي هٿ رکي ڇڏيا، هوءَ هيٺ ڪري پئي.

هي .......... هي تو ڇا ڪيو ...........؟ تو هن کي ماري ڇڏيو؟ جاني حيران ٿي مائيڪ کي ڏسندو رهيو، هن جو وات پٽجي ويو، مائيڪ اسٽور کان ٻاهر هليو ويو.

اي مائيڪ بيهه مائيڪ!“ هو هن کي پويان سڏيندو رهيو. مائيڪ هن جي سڏ تي ڌيان نه ڏنو.

ٻڌين ڇو نه ٿو؟“ هو ڊوڙندو هن جي ڀرسان پهتو“ مون جڏهن توکي منع ڪئي تڏهن به تو هن کي گولي ڇو هنئين؟

ڇا تون منهنجو آفيسر آهين يا مون کان سينيئر آهين جو مون کان اهڙي طرح پڇاڻو ڪري رهيو آهين؟

پر مان ان جو سبب ته پڇي سگهان ٿو نه ته ايتري خوبصورت ۽ معصوم ڇوڪريءَ تي تو گولي ڇو هلائي؟

هوءَ ان گروهه متعلق ڄاڻي ٿي جنهن بابت اسان جاچ ڪري رهيا آهيون.“

ڪهڙي گروهه جي باري ۾، بهرحال هوءَ ڇا به هئي، ڪير به هئي، ڪجهه به ڪندي هجي، توکي هن تي گولي نه هلائڻ گهرجي ها.“

توکي ان ڇوڪريءَ سان ايتري همدردي ڇو آهي، ڇا هوءَ تنهنجي ڀيڻ آهي؟

ڀيڻ هوندي تنهنجي بلڪه تنهنجي ڀاڄائي، پنهنجي ڀاڄائيءَ تي گولي هلائيندي توکي شرم ڪونه آيو؟

مون کي ڪو ڀاءُ ڪونهي.“

تون انسان نه پر هڪ هلندڙ ڦرندڙ پرزو آهين، تو وڏو ظلم ڪيو آهي، مان توکي پوليس جي حوالي ڪندس.“

هو کلڻ لڳو ”تون ڇا مون کي پوليس جي حوالي ڪندين، تون پاڻ پوليس جي حوالي آهين.“

ڄاڻان ٿو ته تون هڪ پوليس وارو آهي، پر ڪنهن کي قتل ڪرڻ سهي ناهي.“

ته پوءِ ٺيڪ آهي، تون ڇاجو انتظار ٿو ڪرين، گهراءِ پوليس، ڪراءِ مون کي اندر، توتي يقين ڪير ڪندو، ڇا تو وٽ ڪو ثبوت آهي، ڪو شاهد اٿئي؟

هو خاموش رهيو.

ڏس جاني هوءَ سياڻي ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي، منهنجي ڪيترين ئي ڌمڪين ۽ مهلتن باوجود هن ڪجهه به ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.“

ان جو اهو مطلب ته نه ٿيو ته تون هن کي جان کان ماري ڇڏ.“

جان کان مارڻ جي نوبت اڃان نه آئي آهي، مون هن کي هڪ وڌيڪ موقعو ڏنو آهي، اميد آهي ته هن دفعي هن جي ڪارڪردگي رنگ لائيندي.“

ڇا هوءَ مرڻ کان پوءِ به اچي تنهنجو ڪم ڪندي؟

ٻڌ مون چيو نه اهڙي نوبت نه آئي آهي، هن کي سبق سيکارڻ لاءِ مون رٻڙ جي گولي استعمال ڪئي هئي.“

ڇا؟

ها تنهنجي ڀاءُ جي زال يعني تنهنجي ڀاڄائي زندهه آهي.“

هو اسٽور ڏانهن وڃڻ لڳو.

تون ڪيڏانهن وڃي رهيو آهين؟

هن ڇوڪريءَ ڏانهن.“

ڏس جاني مان وڃي رهيو آهيان، مان تنهنجي لاءِ بلڪل انتظار نه ڪندس.“

ها تون وڃ مان ٽيڪسيءَ تي اچي ويندس.“ هن اتان ئي لاپرواهيءَ مان ورندي ڏني. مائيڪ ڪار ۾ چڙهي هليو ويو.

هو اسٽور ۾ پهتو ته اتان اها ڇوڪري غائب هئي“ ڪٿي مون سان مذاق ته نه ٿي ڪري.“ اهو سوچي هو اسٽور ۾ هن کي ڳولڻ لڳو، پر هوءَ کيس ڪٿي به نظر نه آئي، ڪجهه منٽن جي تلاش کان پوءِ هو مايوس ٿي ٻاهر نڪري ويو، ٻاهر پهچي هن کي اهو ڏسي جهٽڪو لڳو ته روڊ تي هڪ به گاڏي موجود نه هئي، هو ڪجهه ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو ته ڪالهه رات ٽي ويءَ تي اعلان ٿيو هو ته ٽئين وڳي کان پنجين وڳي تائين ٽريفڪ بند رهندي، پوءِ هن ٽائيم ڏٺو ته ساڍا ٽي ٿي رهيا هئا، اهو ڏسي هو پريشان ٿي ويو.

اوهه ڪاش! مان ان ڇوڪريءَ جي چڪر ۾ نه پوان ها ته مائيڪ به، هٿ مان نه وڃي ها، هاڻ ڇا ڪندس.“

پوءِ هن کي ٽي ڪلوميٽر پنڌ ڪري گهر پهچڻو پيو، هو گهر پهتو ته هن جي حالت ڏسڻ وٽان هئي، مائيڪ هن جي حالت ڏسي دل ئي دل ۾ کليو.

واڪ ڪيئن رهيو تنهنجو؟

بلڪل بڪواس، هي سڀ تنهنجي ڪري ٿيو آهي، اڳ ۾ ٻڌائي نه پيو سگهين؟

مون کي ڪهڙي خبر، بهرحال تو هڪ ڳالهه سٺي ڪئي جو تو ان ڇوڪريءَ سان دوستي ڪري ڇڏي. هاڻ هوءَ سٺي طرح اسان جي ڪم اچي سگهي ٿي.“

خاڪ دوستي.“ هن منهن بگاڙيندي چيو ”جڏهن مان اسٽور ۾ داخل ٿيس ته اتان اها ڇوڪري غائب هئي، خبر ناهي ڪيڏانهن هلي ويئي هئي.“

ته ان جو مطلب ان کي ان گروهه اغواه ڪري ورتو.“

پر ڏک جي ڳالهه اها آهي ته انهن ان ۾ اک ڇو وڌي، جيڪا مون کي پسند هئي؟

تنهنجي قسمت خراب آهي ته مان ڇا ٿو ڪري سگهان، بهرحال مان پنهنجي لاءِ ڪافي ٿو ٺاهيان، ڇا تون پيئندين، يقينن تون ٿڪل ٿو لڳين.“ ائين چئي هو اٿي ويو.

ڪا ضرورت ناهي.“

تنهنجي مرضي.“ هو بورچيخاني ۾ هليو ويو، هو ڪافي ٺاهي واپس آيو ته جاني بيڊ تي ليٽيل هو، هن جو وات پٽيل ۽ ٽنگون ڦهليل هيون. هن جي ڀرسان وسڪي جي خالي بوتل پئي هئي.

هو اخبار کڻي ڪرسيءَ تي ويهي رهيو، فون جي گهنٽي وڳي، هن رسيور کنيو ”چيف ڳالهائي رهيو آهيان.“

سر!“

اڄ جي اخبار ڏٺي آهي تو؟

ڏسي رهيو آهيان سر! حيرت انگيز طور تي سخت ردِ عمل آهي، جڏهن ته ان ۾ اهڙي ڪا خاص ڳالهه ناهي!

خاص ڳالهه ڇو ناهي، آخر هالي ووڊ جي عزت جو سوال آهي.“

مان سمجهان ٿو سر.“

پر هاڻ اهو هالي ووڊ سان گڏ اسان جي ڊپارٽمينٽ جي عزت جو سوال بڻجي ويو آهي، توکي ان جي جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.“

سر مان جنهن ڇوڪريءَ کان اينٿوني گوسنز اليس جي ڪيس ۾ مدد وٺي رهيو هيس، تنهن کي اهو گروهه اغواهه ڪري ويو آهي.“

ها اسان کي خبر پئي آهي، ان کي پوءِ ڏسي وٺبو، پهرين هي ڪيس اسان لاءِ اهم آهي، اسان کي اڳ ۾ هن جو حل ڪڍڻ گهرجي، منهنجي خيال ۾ هن ڪيس ۾ جاني تنهنجي سٺي مدد ڪري سگهي ٿو.“

هو جوڪر منهنجي ڪهڙي مدد ڪري سگهندو؟

مائيڪ هو جوڪر نه پر ايڪٽر آهي.“

ڄاڻان ٿو سر فلمن ۾ ٻيو هوندو به ڇا آهي؟ رڳو ڪرتب بازيون ته هونديون آهن.“

هو جانيءَ کي ڏسندو رهيو، هن جي اڃان تائين اک نه کلي هئي، هن ٿڌي پاڻي جو جڳ کڻي هن جي مٿان هاري ڇڏيو، هو ڇرڪ ڀري اٿي ويهي رهيو.

جلدي تيار ٿي، اسان کي اهم ڪم لاءِ وڃڻو آهي.“

دنيا ۾ ڪو ڪم ننڊ کان به وڌيڪ اهم هوندو آهي؟

تو وٽ صرف ٻه منٽ آهن، ناشتو ڪرين، ڪپڙا مٽائين يا وهنجين، مان گاڏي ۾ تنهنجو انتظار ڪريان ٿو.“

صرف هڪ منٽ نه جاڳائين ها ته ٽوئر ڊي فرانس جو آخري مرحلو کٽي آرمسٽرانگ جا ڏند کٽا ڪرڻ وارو هيس.“

جيڪڏهن ٻن منٽن ۾ نه آئين ته گاڏي جي پويان رسيءَ سان ٻڌي، ٽوئر ڊي نيويارڪ ڪرائي ڇڏيندو سانءِ.“

هي ڪهڙي جانور مان ڦاسي پيو آهيان، اهڙيون هدايتون ته منهنجي ماءُ به نه ڏيندي هئي.“ هن شرٽ مٽائي ڪافي پي، منهن تي ڇنڊا هڻي ٻاهر اچي هن سان گاڏي ۾ ويهي رهيو، مائيڪ گاڏي اسٽارٽ ڪئي.

تون مون کي ڪيڏانهن وٺي وڃي رهيو آهين؟

مشن ون فور ٽوئنٽي سيون.“ هن هڪ فائيل هن جي جهوليءَ ۾ اڇليو.

ون فور ٽوئنٽي سيون ان مشن جو ڪوڊ آهي، جيڪو مون ان کي ڏنو آهي، ان ڪوڊ ورڊ جي سواءِ تنهنجي ۽ منهنجي، ڪنهن کي به خبر نه پوي.“

هي ڪهڙي مشن جو ڪوڊ آهي؟

ڪجهه عرصو پهرين هاءِ وي تي هڪ ٽرالر تي حملو ٿيو هو، ان ٽرالر ۾ آسڪر پيل هئا، جيڪي چورائجي ويا. اسان کي ان متعلق جاچ ڪري پتو لڳائڻو آهي ته اهي ڪنهن چورايا آهن ۽ ڪٿي رکيا ويا آهن؟

اهي ڪهڙي قسم جا ايوارڊ آهن؟“ جانيءَ سوال ڪيو.

هي ايوارڊ هالي ووڊ جي مختلف ڪيٽيگريز ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شخصيتن کي ڏنو ويندو آهي، جيئن ايڪٽر، سنگر، ڊائريڪٽر، پروڊيوسر وغيره.“

ها مان به هڪ ٻه اهڙن بانسري وڄائيندڙن کي سڃاڻان، جن کي اهڙو ايوارڊ مليو آهي.“

هي ايوارڊ مخصوص ڪيٽيگرين تي ڏنو ويندو آهي، بانسري وڄائڻ تي نه، خير تون ڇا ڄاڻين، توکي ڪيئن خبر پوي، تنهنجو ته پري پري تائين ان سان واسطو نه آهي؟

واسطو ڇو ناهي، هي اڃان منهنجي ايڪٽنگ جي شروعات آهي، ڏسجانءِ هڪ نه هڪ ڏينهن اهو ايوارڊ مون کي ضرور ملندو“.

هڪ ڏينهن آسڪر توکي ضرور ملندو، پر صرف صفائي ڪرڻ لاءِ.“

پر هن مهل هن جي صفائي ڪنهن ڪئي، مطلب ڪنهن چوري ڪئي؟

اسان جي ڊپارٽمينٽ جو خيال آهي ته ان چوري ۾ ڪنهن انتها پسند گروهه جو هٿ آهي.“

مطلب هاڻ آسڪر جي ڪري هڪ نئين جنگ ٿيڻ واري آهي؟

پندرنهن ڏينهن کان پوءِ ايوارڊ جي تقريب ٿيڻ واري آهي، تنهن ڪري ڪيئن به ڪري انهن پندرنهن ڏينهن ۾ اسان کي ايوارڊ هٿ ڪري هالي ووڊ پهچائڻا آهن، تون هن فائيل جو غور سان مطالعو ڪر ۽ ڪجهه پنهنجو دماغ به استعمال ڪر.“

جيڪڏهن مون کي ايوارڊ هٿ اچي ويا نه انهن مان هڪ مان پنهنجي ڌاڪ ڄمائڻ لاءِ رکي ڇڏيندس.“

جيڪڏهن تو ايوارڊ هٿ ڪري ورتا ته مان توکي ٻه ايوارڊ ڏياريندس.“

ڇو مان نه ٿو ڳولي سگهان، ياد رک منهنجي قبضي ۾ هڪ اهم فائيل آهي؟

تون هن فائيل جي ذريعي ان گروه تائين پهچندين، امپاسيبل هن فائيل جي هڪ يا ٻه نه پوريون ٻارنهن سو ڪاپيون ملڪ جي هر اهم پوليس اسٽيشن ۾ پهچي ويون آهن.“

پوليس وارن ۾ اهڙي ڳالهه ڪٿي جيڪا مون ۾ آهي.“

ڇو تو ۾ اهڙي ڪهڙي خاص ڳالهه آهي؟

مون ۾ هونئن ته تمام گهڻيون خوبيون آهن، پر منهنجو آءِ ڪيو مضبوط ۽ ڇهين حس طاقتور آهي، مان مجرم جي چهري کي ڏسي ٻڌائي سگهان ٿو هو مجرم آهي يا نه، يا پيدائشي مجرم آهي يا حالتن هٿان مجبور ٿي مجرم ٿي ويو آهي.“

تنهنجو پنهنجي متعلق ڪهڙو رايو آهي؟

مان تو سان شرط لڳائي سگهان ٿو ته مان اڪيلي سر ان خطرناڪ گروهه تائين پهچي، آسڪر حاصل ڪري سگهان ٿو.“

خالي بڪواس نه ڪر ۽ ڪجهه ڪم ڪري ڏيکار.“

انهن هاءِ تي وڃي ان هنڌ جو جائزو ورتو، جتان ٽرالر ڦرجي ويو هو، هاءِ وي جي ڀرسان هڪ گهاٽو جهنگ هو، جيڪو ٻن ٽن ڪلو ميٽرن تائين ڦهليل هو، جيڪڏهن ٽرالر ڊرائيور ٿوري مزاحمت ڪري ٽرالر ان جهنگ واري علائقي کان ڪڍي اچي ها ته ڦورن کي هاءِ وي کان سواءِ ڀڄڻ لاءِ ٻيو ڪو رستو نه ملي ها، ائين اهي هاءِ وي پوليس هٿان گرفتار ٿي وڃن ها، پوءِ انهن ٽرالر جي ڊرائيور کان بيان ورتا، پر پوليس ڪوبه پتو لڳائڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي، انهن کي ڪا نئين ڳالهه نه ملي، اهي ٻئي آفيس هليا آيا.

حيف آهي اهڙي ناڪاره ڪارڪردگي تي پوليس اهلڪارن کي بند ڪرڻ گهرجي ۽ کين گهر ڀيڙو ڪري ڇڏجي.“ جانيءَ چيو.

جيڪڏهن تو ڪجهه ڪري ڏيکاريو ته مان واعدو ٿو ڪريان ته سڀ کان پهرين مان استيعفا ڏيندس ۽ جيڪڏهن ناڪام رهين ته پوليس کي ڳالهائڻ تي اهڙا سچ پترا هڻندو سانءِ جو تنهنجي جسم تي هڪ وار به سلامت نه رهندو.“

ته پوءِ ٺيڪ آهي، تو سان ايوارڊ واري ڏينهن ملاقات ٿيندي.“

تون ڪيڏانهن ٿو وڃين؟

هڪ شرط پورو ڪرڻ، مون کي هاڻ تنهنجي ضرورت ناهي.“

خاموشيءَ سان ويهه.“

مون وٽ ويهڻ لاءِ وقت ناهي، تمام گهڻو ڪم ڪرڻو آهي.“ ائين چئي هو هليو ويو.

شڪر آهي ڪجهه گهڙين لاءِ ته هن جو منحوس چهرو اکين اڳيان ٽريو.“ هن سوچيو.

آخرڪار ڪجهه ته مليو هن ڪيس جي باري ۾.“ هن جو ڪليگ اسٽيون هن جي سامهون ڪرسي تي ويهندي چيو.

ڇا ڪو ثبوت مليو آهي؟

ڪجهه چئي نٿو سگهجي، ٻيلي ۾ موجود ٽيم کان هڪ خبر ملي آهي، اسان کي ٻيلي ۾ هلڻو پوندو، اتي سڀ خبر پئجي ويندي، پوءِ هلون؟

ٻئي آفيسر ڪجهه جوانن سان جهنگ جي ان حصي ۾ پهتا، جتي کين اچڻ لاءِ چيو ويو هو، اها ٽيم اڳ ئي اتي موجود هئي، اتي بوٽن ۽ گهاٽي جهنگ ۾ هڪ گاڏي ڦاٿل هئي، ان جو هڪ ٽائر پنڪچر ٿيل هو. ان گاڏيءَ ۾ هڪ باڪس پيل هو، انهيءَ ۾ آسڪر پيل هئا.

ڪاميابي ۽ ايترو جلد.“ مائيڪ چيو.

جيستائين اسان انهن کي پڪڙي نٿا وٺون، تيستائين اسان ڪامياب نه ٿا ٿي سگهون.“ اسٽيون چيو.

پر اسان آسڪر ته هٿ ڪري ورتا آهن.“

ڇا هيڏي ۽ وڏي ٽرالر ۾ صرف اهي ويهه آسڪر وڃي رهيا هئا؟

ڇا صرف ويهه؟!“

ها هن باڪس ۾ صرف ويهه آسڪر آهن، اهي ٻيا آسڪر کڻي فرار ٿي ويا آهن، اسان کي سڀ آسڪر هٿ ڪرڻا آهن، هيءَ ننڍي ڪاميابي اسان کي وڏي ڪاميابي طرف وٺي ويندي، انهن جي گاڏي هتي ڦاسي پئي آهي، اهي گاڏي ۾ اڳتي نه پئي وڃي سگهيا، تنهن ڪري اهي آسڪر کڻي پيدل ئي فرار ٿي ويا آهن، اڃان هتي ئي ڪٿي هوندا، اچو انهن جو پيڇو ڪيون.“

اهي انهن جو پيڇو ڪندي ٻيلي کان ٻاهر نڪري ويا، ان ٻيلي جي ڀرسان هڪ ننڍو شهر هو، انهن جي پيرن جا نشان ان شهر طرف پئي ويا. انهن اتان فون ڪري وڏي تعداد ۾ نفري گهرائي سموري شهر کي ڪڙو چاڙهي گهر گهر تلاشي شروع ڪئي، سمورا مقامي ۽ آسپاس جا شهري مددگار ثابت ٿيا، انهن سندن هر ممڪن مدد ڪئي پر اهي کين تلاش نه ڪري سگهيا، ڏيڍ ڪلاڪ کان پوءِ کين خبر ملي ته اهي هڪ گاڏيءَ ۾ هاءِ وي ڏانهن فرار ٿي ويا آهن، اها خبر ڏيڻ واري کي چيف جي آڏو پيش ڪيو ويو.

توکي ڪيئن خبر پئي ته اهي گاڏي ۾ هاءِ وي ڏانهن فرار ٿي ويا آهن؟“ هن کان چيف پڇيو.

ڇو ته سر انهن مون کان ئي اها گاڏي ڦر ڪئي هئي.“ ان شخص وراڻيو:

اهي گهڻا ڄڻا هئا؟

چار ڄڻا سر.“

هن کي اهو باڪس ڏيکاريو ويو.

ڇا انهن وٽ اهڙا باڪس هئا؟

جي ها.“

گهڻا باڪس هئن؟

منهنجي خيال ۾ ڏهه ٻارنهن ٿيندا، ڪنهن وٽ ٻه هئا، ڪنهن وٽ ٽي.“

تو ان وقت اطلاع ڇونه ڪيو، جنهن وقت توکان ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا؟

مان ان وقت بي هوش هئس، انهن مون کي مٿي ۾ ڌڪ هڻي بي هوش ڪري ڇڏيو هو.“

ٺيڪ آهي تون پنهنجي گاڏي جو نمبر، ڪلر ۽ ماڊل لکراءِ.“

ان شخص کي پوليس ڪسٽڊي ۾ رکيو ويو، پوءِ سموريون گاڏيون هاءِ وي ڏانهن ڊوڙڻ لڳيون، وائرليس تي ميسيج، معلومات ۽ حڪمن جي ڏي وٺ ٿيندي رهي، هڪ ڪلاڪ کان پوءِ اها گاڏي هڪ پوليس چيڪ پوسٽ جي ڀرسان ملي پر خالي ان ۾ ڪجهه به نه هو، اهي هڪ ٻي گاڏي ڦر ڪري فرار ٿي ويا هئا.



هن شرط ته رکيو، پر سوچيو به ڪونه هئائين ته ايتري قدر مونجهاري ۾ اچي ويندو، هن سڄي عمر ٻين جي چوڻ تي عمل ڪيو هو، هدايتڪار جي مرضي مطابق اداڪاري ڪئي هئي. پر هاڻ هن کي سڀ ڪجهه پاڻ ڪرڻو هو، زندگي ۾ پهريون دفعو هن کي ڪنهن ڪم لاءِ سوچڻو پيو هو. تنهن ڪري هو پريشان ٿي ويو. ان پريشاني جو حل کيس ڪنهن کان مدد وٺڻ نظر آيو. هو فائيل جون مٿيون عبارتون پنهنجي هٿ اکرن ۾ لکي ڪنهن مددگار جي تلاش ۾ نڪري پيو.

پهرين شخص جنهن اها عبارت پڙهي، کيس ٻڌايو ته ”هي ڪا ايڊريس ٿي لڳي.“

ڇا توهان کي خبر آهي ته هي ايڊريس ڪٿان جي آهي؟

سوري مون کي اها خبر ناهي.“ اهو چئي اهو شخص اڳتي وڌي ويو.

پوءِ هو هڪ پوسٽ آفيس پهتو، اتي هن جي مونجهاري جو مڪمل ۽ آسان حل نڪري ويو.

جناب هي ايڊريس شهر جي ڏاکڻي علائقي جي آهي، پر اڌوري آهي، تنهن ڪري ڪير سمجهي نه ٿو سگهي، مڪمل ايڊريس هن ريت آهي، ون فور جميڪا روڊ ٽوئنٽي سيون ڪوئين اسٽريٽ.“

توهان جي تمام گهڻي مهرباني.“

هو شهر جي ڏاکڻي علائقي جي هڪ بار ۾ هليو ويو، بار ۾ اسٽول تي ويهي پنهنجي لاءِ ڊرنڪ جو آرڊر ڏنائين، اهو شهر جو مشهور بار هو، بار سان گڏ اتي ڪيسينو به هو، جتي تمام گهڻي جوا هلندي هئي.

هتي ڪهڙي قسم جي جوا هلندي آهي؟“ هن بار مين کان پڇيو.

هر قسم جي، توهان کيڏندا؟“ هن کيس پيگ پيش ڪندي چيو.

نه منهنجي خيال ۾ مان سٺو جواري ناهيان، منهنجو پسنديده شغل صرف جام سان دل وندرائڻ آهي.“

هو ڪلها لوڏي هڪ طرف هليو ويو.

هن جام ختم ڪري بار جو جائزو ورتو ۽ هر هڪ ماڻهوءَ کي ڏسڻ لڳو، سڄو بار سگريٽ جي دونهين ۾ گم ۽ ماڻهن جي ٽهڪن سان گونجي رهيو هو، جوا کيڏندڙن ۾ عام رواجي به هئا ته امير ۽ معتبر ماڻهو به ڪي ته وري چهري مان صفا جاهل ۽ واهيات ٿي لڳا، اهڙن ماڻهن کي جوا ڪندي ڏسي هن جي دل ۾ به اهو خيال جاڳي پيو ۽ ٻه جام ٻيا به پي هو هڪ ٽيبل ڏانهن هليو ويو، هن سوچي سمجهي هڪ اهڙي ماڻهوءَ جي چونڊ ڪئي، جيڪو چهري مان جاهل يا بيوقوف لڳي رهيو هو ۽ هن اتفاق سان ڪافي پئسا کٽيا هئا.

ڇا تون مون سان هڪ راند کيڏندين؟

ان شخص اکيون کڻي هن جو جائزو ورتو پوءِ چيائين ”وڏي شوق سان پر اڳ ۾ پنهنجو تعارف ڪراءِ، تنهنجو واسطو پوليس سان ته ناهي؟

نه نه منهنجو پوليس سان ڪو واسطو ناهي.“ هن ڪرسي سوري ويهندي چيو.

ته پوءِ تون راند ڪري سگهين ٿو.“

هڪ ڳالهه ٻڌاءِ تون پوليس جي باري ۾ اهڙي طرح ڇو ٿو پڇين؟

ڇو ته مان پوليس کان سخت نفرت ڪندو آهيان، اهي جلاد جڏهن به منهنجي سامهون ايندا آهن ته منهنجو رت ٽهڪڻ لڳندو آهي، انهن منهنجو گهر ساڙي ڇڏيو ۽ ڪاروبار تباهه ڪري ڇڏين، مون کي محل ماڙين کان فٽ پاٿ تي آڻي بيهارين.“

پهريون دفعو مون کي پنهنجي طبيعت ۽ انداز وارو ماڻهو مليو آهي.“

مون کي به تو سان ملي خوشي ٿي.“

ته پوءِ شروع ڪيون؟“ ائين چئي هن پتا ورهائڻ شروع ڪيا.

جاني هن کي غور سان ٻڌندو ۽ جائزو وٺندو رهيو. هو شخص شڪل مان ته بيوقوف لڳي رهيو هو پر هو راند ۾ ڪنهن هوشيار رانديگر جيان رهي پيو، جيتوڻيڪ جاني کي راند جي گهڻي ڄاڻ نه هئي، پوءِ به پنهنجو دماغ استعمال ڪندي راند مٿان حاوي پئجي ويو ۽ هن کان راند کٽي ويو. هن جي دل خوشيءَ ۾ ڌڪ ڌڪ ڪري رهي هئي، هن ان شخص ڏانهن ڏٺو، هن جي چهري مان بيزارگي ظاهر ٿي رهي هئي.

هاڻ يقينن تون مون کي ٻي راند لاءِ چوندين؟“ هن پئسا پنهنجي طرف ڪندي چيو.

نه مون ته توکي بيوقوف سمجهي تو سان راند ڪرڻ جي ها ڪئي هئي، مون کي خبر هجي ها ته تون ماهر رانديگر آهين ته مان توسان ڪڏهن به نه کيڏان ها.“

هو پئسا کڻي ڪائونٽر تي پهتو، بار مين اهو ڏسي حيرت مان هن کي چيو ”تون ته وڏو رانديگر ٿو ڏسجين.“

ائين ناهي، اڄ ڪيئن خبر ناهي قسمت ساٿ ڏنو آهي.“

قسمت هميشه انهن جو ساٿ ڏيندي آهي، جن کي پاڻ تي ڀروسو هوندو آهي.“

مان هي پئسا تو وٽ رکڻ ٿو چاهيان.“

مون وٽ ڇاجي لاءِ ٿو رکڻ چاهين؟“ بار مين چيو.

امانت طور مان ڪنهن وقت اچي تو وٽان هي پئسا کڻي ويندس.“

هڪ مشورو ڏيانءِ هي پئسا تون پاڻ سان گڏ کڻي وڃ، مون وٽ هي پئسا غير محفوظ رهندا، هتي هڪ نه ٻئي ڏينهن غنڊن ۽ ڦورن جو حملو ٿيندو رهندو آهي، تنهنجا محنت سان ڪمايل پئسا ڪٿي برباد نه ٿي وڃن.“

ٺيڪ آهي تنهنجي صلاح صحيح آهي.“

هو ٻاهر پهچي هڪ ٽيڪسي روڪي ان ۾ ويهي رهيو، پوءِ ٽيڪسي اڳتي رواني ٿي ويئي.

توهان پنهنجي ايڏي  وڏي ڪاميابيءَ جي باري ۾ ڇا چوڻ چاهيندؤ؟“ هن جي آڏو ڪئميرائون چمڪا ڏيئي رهيون هيون، هر ڪو مائيڪ هن جي منهن ۾ هڻي سوال ڪري رهيو هو.

مان پنهنجي باري ۾ ته ڪجهه چوڻ نه چاهيندس، ها پر پوليس لاءِ ضرور چوندس ته عوام جو وقت ۽ پئسو برباد ڪرڻ بجاءِ انهن کي پنهنجي سر ڊيوٽي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، انهن جيڪو ڪم ايترن ڏينهن ۾ نه ڪري ڏيکاريو، اهو مون جهڙي هڪ ايڪٽر ڪري ڏيکاريو، جنهن کي ان مافيا بابت ڪا ڄاڻ نه هئي، نه ڪا اسپيشل ٽريننگ ٿيل هئي، بس پنهنجي قابليت کي ڪتب آڻي مون هڪ اهڙو طريقو آزمايو، جنهن سان انهن جي ۽ منهنجي وچ ۾ ڪا ڇڪتاڻ به نه ٿي ۽ ايوارڊ به هٿ اچي ويا.“

اسان ٻڌو آهي ته ان گروهه ايوارڊ جي بدلي هڪ تمام وڏي رقم گهري هئي ڇا اها انهن کي ملي؟“ هڪ صحافيءَ سوال ڪيو.

مون کي جيترو انهن جو حق لڳو، سو اهو مون انهن کي ڏنو.“

ان جو مطلب اها رقم توهان ڀري؟

ائين ئي سمجهو، پر ڪا وڏي رقم نه پر معمولي رقم.“

ڇا مطلب انهن معمولي رقم عيوض ايوارڊ واپس ڪيا؟

مان وڌيڪ سوالن جا جواب نه ٿو ڏيئي سگهان، مون کي دير ٿي رهي آهي.“

هڪ آخري سوال ڇا هالي ووڊ وارا اها رقم توهان کي ڏيندا؟

اها انهن جي مرضي آهي، منهنجو جيڪو فرض هو، مون ادا ڪيو، پر مان ايترو ضرور چوندس، مون کي ڪا رقم نه گهرجي پر جيڪڏهن هڪ ايوارڊ ملي ته مان پنهنجي محنت جو ڦل سمجهندس.“

هن جو انٽرويو ٽي ويءَ تي ڏسي مائيڪ حيران ٿي ويو، هن جي هٿ مان گلاس ڇڏائجي ويو، گلاس ڀڄڻ جي آواز تي سمورو اسٽاف هن جي طرف متوجهه ٿيو، هن کي خبر نه هئي ته هو جاسوسي فلمن جي ڪردار جهڙي ڪارڪردگي ڏيکاريندو نه ته هو هن کي پاڻ کان ڌار نه ڪري ها، ان وقت هن سان گڏ ٽي ويءَ تي سڄي قوم کي پنهنجي ڪارڪردگي بابت ٻڌائي رهيو هجي ها.

ٻئي طرف هالي ووڊ به هن جي ڪم کان متاثر هو. اڪثر ماڻهن جي زبان تي هن جو چرچو هو، هن کي خراج تحسين پيش ڪري رهيا هئا. هالي ووڊ وارن ايوارڊ واري ڏينهن خاص مهمانن ۾ هن جو به نالو لکي ڇڏيو ۽ ايوارڊ لاءِ بيسٽ ڪاميڊين طور نامزد به ڪري ڇڏيو.

هن کي ٻيو ڇا گهرجي ها، هن جي ٿوري محنت ايڏو وڏو رنگ لاٿو هو جو هو خوشيءَ ۾ نه پئي ماپيو، ڇو ته بار مان هن هڪ جواري کي گاڏي ۾ ويهندو ڏسي ٽيڪسي ۾ سندس پيڇو ڪندي، انهيءَ جڳهه تي پهتو جتي جواري لهي ڪنهن دوست جي گهر ويو هو، هو سندس گهر اندر داخل ٿيو، آهستي آهستي ڪمري طرف وڌڻ لڳو، جواري ۽ سندس دوست چورايل ايوارڊن جي باري ۾ پنهنجي حصي متعلق ڳالهه ڪري رهيا هئا.

هن جيئن ئي اهي لفظ ٻڌا ته هو انهن جي سامهون اچي بيهي رهيو.

تون ڪير آهين!؟“ انهن سڀني حيران ٿي هن کان پڇيو.

جيڪڏهن توهان کي حصو ئي گهرجي ته مان توهان کي مافيا کان وڌيڪ حصو ڏيندس.“

ڇا مطلب!“

مون کي ايوارڊن جي متعلق ڄاڻ گهرجي.“

هن جي طرفان وڌيڪ رقم ڏيڻ جي آڇ ڪرڻ تي انهن سڀني هن جو ساٿ ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو.

Comments

You May Like

You May Like

WhatsApp

Archive

Show more