جنرل ھوش محمد شيدي صفحو 5
Page # 5
ھڪ ٻيو انگريز
مصنف اليگزينڊر انس شانڊ پنھنجي ھڪ ڪتاب ۾ سنڌ تي انگريزن جي قبضي جو سڄو داستان
لکيو آھي. ان ڪتاب جو ھڪ باب دٻي واري جنگ متعلق آھي. الگزينڊر لکي ٿو، (مير شير
محمد، مياڻيءَ واري جنگ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ فوج وٺي روانو ٿيو، پر سندس پھچڻ کان اڳ
جنگ جو فيصلو ٿي چڪو ھو. سرچارلس نيپئر، ھڪدم حيدرآباد پھچي ڀاڄوڪڙ ميرن کي پيغام
موڪليو ته توھان کي فيصلي ڪرڻ لاءِ 12 ڪلاڪن جي مھلت ڏيان ٿو. ان وچ ۾ مان مئل
فوجين کي پورائي وٺندس.) ڊنل ڇھ شھزادا، ھڪدم اچي سندس ڪئمپ ۾ پھتا ۽ تلوارون ڦٽيون
ڪيائون. 19 فيبروريءَ تي چارلس نيپئر شھر ۾ گھڙيو ۽ قلعي تي قبضو ڪري ورتائين.
بلوچ فوج، قلعي جي حفاظت لاءِ تيار ھئي. مياڻيءَ ۾ ھارائڻ کان پوءِ به اتي وري ڏھ
ھزار سپاھي گڏ ٿي ويا ھئا، پر سندن حڪمران وڙھڻ لاءِ تيار نه ھئا. اھا حالت ڏسندي دلير
سپاھي، اتان مير شير محمد ڏانھن ھليا ويا.)
اليگزينڊر لکي ٿو ته
مير شير محمد جنگي طور طريقن جو ڄاڻو ھو، پر شڪر آھي جو سندس سپاھين ۾ نظم ضبط ۽
سندس سردارن ۾ صلاحيت نه ھئي، ان ڪري ھو پنھنجي پلان تي عمل نه ڪري سگھيو. سندس
پلان ھو ته حيدرآباد جي قلعي تي حملو ڪندو. ڏينھون ڏينھن سندس ڪاروايون وڌي رھيون
ھيون. ھو قلعي جي در تائين اچي تباھي مچائي ويندو ھو ۽ انگريز چوڪين جي ڀرسان
چراگاھن ۾ بيٺل اٺ ڪاھي ويندو ھو. 18 مارچ تي ھن چتاءُ موڪليو، (ھيءُ ملڪ ڇڏي وڃو ته
توھان جون جانيون ۽ سموري ملڪيت توھان کي بخش ڪنداسين.) اھو چتاءُ، شام جو انگريز
توبخاني مان گولو ڇوڙڻ وقت مليو ھو. چارلس نيپئر، مير شير محمد جي ايلچيءَ ڏانھن
پٺي موڙي چيو، (اھو آواز ٻڌئي! تنھنجي سرواڻ لاءِ منھنجو اھو جواب آھي.)
ان جواب مان صاف
ظاھر ھو ته انگريز سنڌ مان ھٿ نه ڪڍندا ۽ انھن سان جنگ اڻٽر ٿي چڪي آھي. مير شير
محمد، پنھنجي جنرل ھوش محمد جي مدد سان جنگي حڪمت عمليون ٺاھيندو رھيو. سنڌ جي ھنن
سورمن، انگريزن تي چوڪسي رکي ۽ سندن فوجين جي چرپر کي جاچيندا رھيا. ھڪ ڏينھن جڏھن
انگريز فوجي دستن جي پريڊ ھلي رھي ھئي، ته مير شير محمد جا ڪجھ ايلچي وري تي پھتا
۽ پيغام پھچايو ته انگريز فوج ھٿيار ڦٽا ڪري. انگريزن وري به جواب ڏنو ته، (سڀاڻي
اسان پيش قدمي ڪنداسين. مير شير محمد جيڪڏھن بنا شرطن جي ھٿيار ڦٽا ڪري ته کيس جان
جي امان ڏبي ۽ سندس سردار جيڪڏھن گورنر جنرل سان وفاداريءَ جو قسم کڻن ته ھي پنھنجي
ساٿين سميت واپس ڳوٺن ڏانھن سلامتيءَ سان وڃي سگھندا ۽ سندن مال ملڪيت کي به ھٿ نه
لائبو.)
اليگزينڊر پنھنجي
ڪتاب ۾ لکي ٿو ته (صبح ٿيڻ شرط 5 ھزار فوج ھٿيار بند ٿي چڪي ھئي، جن وٽ سترھن
توبون ھيون. اطلاع مليا ته شير محمد پنھنجي فوج، حيدرآباد کان 8 ميل اتر اولھ ۾
دٻي واري ھنڌ گڏ ڪئي آھي. ان علائقي ۾ رڳو باغ، شڪار گاھ ۽ پاڻيءَ جا نالا ھئا،
جتي ميرن جي فوج سولائيءَ سان لڪي سگھي ٿي. انگريزن طرفان جنرل جان جيڪب کي اڳتي
وڌايو ويو. ھو پنھنجي فوج وٺي ڏھ ميل اڳتي وڌي آيو، تڏھن جاسوسن ٻڌايس ته مير شير
محمد جي فوج، کاٻي پاسي ٻن ميلن جي پنڌ تي دٻي وٽ موجود آھي.
Comments
Post a Comment