جنرل ھوش محمد شيدي صفحو 4
Page # 4
ھوشوءَ، سنڌ ديس
تي پنھنجو ساھ صدقو ڪيو. ھو ھڪ سو ساٿين سميت پوين پساھن تائين وڙھندو رھيو، پر ھڪ
انچ پوئتي ھٽڻ لاءِ تيار نه ٿيو. وطن لاءِ پنھنجي آخري جنگ ۾ ھوشوءَ جنھن بھادريءَ
جو مظاھرو ڪيو ھو، ڪيترن انگريز تاريخ لکندڙن ان کي ساراھيو آھي. انھن سنڌ متعلق
پنھنجي ڪتابن ۾ ھوشوءَ ۽ سندس بھادريءَ جو ذڪر نمايان طور تي ڪيو آھي.
ھونئن ته انگريزن،
1843ع ۾ سنڌ تي قبضو ڪيو ھو، پر ڏٺو وڃي ته صدين کان يورپي قومن جي اک سنڌ تي ھئي.
ٽالپرن جي زماني ۾ انگريزن، دوکيبازيءَ سان ٽالپر حڪمرانن سان ڪيترائي ٺاھ ڪري کين
ڄار ۾ ڦاسايو ھو ۽ سنڌ ۾ پير ڄمائڻ شروع ڪيا ھئا. ھنن، ٽالپر حڪمرانن کي ايترو ته تنگ
ڪيو جو جنگ ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه رھيو. 17 فيبروري 1843ع تي حيدرآباد کان
ست ميل پري مياڻيءَ وٽ مير نصير خان ۽ چارلس نيپئر جي فوج جي وچ ۾ مقابلو ٿيو،
جنھن ۾ انگريزن کي فتح حاصل ٿي. ميرن ڀڄي وڃي حيدرآباد جي قلعي ۾ پناھ ورتي. چارلس
نيپئر سندن پيڇو ڪري مير خان جي ٽنڊي ۾ وڃي ديرو ڄمايو. مير وڃي وٽس پيش پيا. ميرن
جا ڪٽنب ڦليليءَ پار ھليا ويا ۽ انگريزن قلعي تي قبضو ڪري ورتو. اھا ئي گھڙي ھئي
جڏھن ھڪ سورمي، تاريخ ۾ پاڻ کي امر بنائڻ جو فيصلو ڪيو. حاڪمن انگريزن جي آڻ مڃي
ورتي پر ديس جا سچا سپاھي، ضمير جو سودو ڪرڻ لاءِ تيار نه ھئا. ٽالپر حڪمران،
ھٿيار کڻي ھڪ نئين جنگ جي تياريءَ لاءِ نڪري پيا. 23 مارچ 1843ع تي ھنن مير شير
محمد ملڪاڻيءَ سان گڏجي وطن لاءِ تاريخي ويڙھ ڪئي ھئي. اھا تاريخي جنگ حيدرآباد
کان 8 ميل پري ٽنڊي الھيار واري رستي تي (دٻو) نالي ھنڌ تي ٿي.
سر چارلس نيپئر جي
ڀاءُ وليم نيپئر، پنھنجي ڪتاب (دي ڪانڪيوسٽ آف سنڌ) (سنڌ جي فتح) ۾ جنرل ھوش محمد
قمبراڻيءَ جو ذڪر زبردست نموني ڪيو آھي. ان ڪتاب ۾ وليم نيپئر لکيو آھي ته، (جنگ ۾
انگريزن جي شڪست ويجھي ھئي ۽ سرچارلس نيپئر ميدان ڇڏي ڀڄڻ وارو ھو ته اوچتو، ڪنھن،
مير شير محمد سان دغا ڪري، ناريجن جي ڳوٺ ۾ ميرن جي بارود خاني کي باھ ڏئي ڇڏي.
اھا حالت ڏسي انگريزن جا حوصلا بلند ٿيا. جنرل ھوش محمد، مير شير محمد کي ميدان
مان نڪري وڃڻ جي صلاح ڏئي ۽ پاڻ آخري دم تائين وڙھندو رھيو ۽ شھيد ٿيو.)
وليم نيپئر لکي
ٿو، (ھوشو شيدي نھايت منظم طريقي سان جنگ ڪري رھيو ھو ۽ ھو جنگ جي فن ۾ ڪنھن به انگريز
جرنيل کان گھٽ نه ھو.) ھڪ ھنڌ لکي ٿو، (ھوش محمد شيديءَ جي بھادري بي مثال ھئي ۽
جنگ ڪرڻ توڙي ٻين کي ھمٿائڻ ۾ ھو ڪنھن انگريز کان گھٽ ڪونه ھو. جنرل جان جيڪب،
جنھن جيڪب آباد جو شھر آباد ڪيو ھو، تنھن سنڌ ۾ سمورين لڙائين ۾ حصو ورتو ھو. دٻي
واري جنگ ۾ پڻ شريڪ ھو. جنرل جيڪب پاڻ ھوشوءَ جي بھادري اکين سان ڏٺي ھئي. ھڪ ھنڌ
ھو لکي ٿو، (مان سترھن جنگين ۾ وڙھيو آھيان، پر مون ھوشوءَ جھڙو بي ڊپو ۽ سرڪش
جرنيل نه ڏٺو آھي.)
Comments
Post a Comment