جنرل ھوش محمد شيدي صفحو 6
Page # 6
انگريزن، مير شير
محمد جي فوج جي صف بنديءَ جو اندازو لڳائي ورتو ھو. جنھن نموني سان صف بندي ٿيل
ھئي، ان انگريز فوج کي پريشان ڪري وڌو. مير شير محمد جي فوج جي صف بندي ھن طرح ڪيل
ھئي، جو کاٻي پاسي سپاھين جي جٿي پويان ڪيولري بيھاري وئي ھئي. ساڄي پاسي سپاھين
جي پويان دٻو ڳوٺ ھو، جتي پڻ ماڻھن کي گڏ ڪيو ويو ھو ۽ گھرن کي سوراخ ڪيا ويا ھئا.
کاٻي پاسي توبون ھيون، جيڪي ٻئي نمبر ناليءَ جي پٺيان ھيون. سڀني جي اڳيان سمورو
جھنگ ڪٽي صاف ڪيو ويو ھو.
اليگزينڊر لکي ٿو
ته، (صف بنديءَ ۾ انھيءَ کان وڌيڪ مھارت ٻي ڪابه ٿي نٿي سگھي ۽ ان جي پٺيان فقط ھڪ
ذھن ھو. اھا فوجي ذھانت ھئي ھڪ آفريڪي غلام جي، جنھن کي مير صوبدار آزاد ڪيو ھو ۽
اسان جي خوش قسمتي آھي، جو ھو جنگ ۾ ختم ٿي ويو.)
انھن جملن مان
اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته جنرل ھوش محمد جي جنگي مھارت ڪيتري ھئي ۽ انگريز کائنس
ايترو ته ڊنل ھئا، جو ھوش محمد جي شھادت کي ھنن پنھنجي لاءِ خوش قسمتي ٿي سمجھيو.
سر چارلس نيپئر،
مير شير محمد جي فوج جو اندازو لڳائڻ کان پوءِ حملي جو حڪم ڏنو ھو. انگريز فوج
پنھنجي پوري طاقت سان حملو ڪيو پر سنڌي سورمن، سندن حملي کي ناڪام ڪري ڇڏيو. ان
مھل انگريز فوج محسوس ڪيو ته سنڌي فوج کين کاٻي پاسي کان گھيري ۾ وٺڻ لاءِ جھنگ
اندران اڳتي وڌي رھي آھي. تڏھن انگريزن پنھنجي توبخاني کي، سنڌي فوج مٿان بارود جو
مينھن وسائڻ جو حڪم ڏنو. ان وقت جي لحاظ کان جديد ھٿيارن کان محروم سنڌي سپاھين،
بارود جي برسات کان بچڻ لاءِ پناھ ڳولڻ شروع ڪئي ته مٿن انگريزن جي سنڌ ھارس،
بمبئي ڪيولري ۽ بنگال ڪيولريءَ جھڙن سکيا ورتل رجمينٽن، حملو تيز ڪري ڇڏيو، ڇو ته انگريز
فوج سمجھيو ته شايد سنڌي فوج ۾ ڀاڄ پئجي وئي آھي. سنڌين جا سر ڪرندا رھيا. آخري دم
تائين وڙھندا رھيا، نيٺ اھو مرحلو به آيو، جڏھن سنڌي سپاھين انگريز فوج سان دوبدو،
ٻکين پھچي ويڙھ شروع ڪئي. سر ڌڙ کان ڌار ٿيندا رھيا، تلوارون ٽڪرائيبون رھيون.
سنڌي سورمن ايترو رت ڏنو جو سڪل ڦليليءَ جي پيٽ ۾ رت جو وھڪرو وھي ھليو. ھوشوءَ،
دشمنن جي حملن کي منھن ڏئي، پنھنجي امير، مير شير محمد کي نڪري وڃڻ جو موقعو ڏنو.
جان جيڪب جو چوڻ ھو ته ھن پاڻ، مير شير محمد کي ھاٿيءَ تي چڙھي ويندي ڏٺو ھو.
جنرل ھوشوءَ جي آخري
دم تائين دشمن سان وڙھي جان قربان ڪرڻ بيوقوفي ڪانه ھئي ۽ نه ئي مير شير محمد جو
جنگ جي ميدان مان نڪري وڃڻ بزدلي ھئي. سنڌي فوج باقاعده سکيا ورتل ڪانه ھئي ۽ نه ئي
وٽن جديد ھٿيار ھئا. ھو فقط سنڌ وطن جي آزاديءَ ڪارڻ ھڪ مقدس جذبي سان وڙھي رھيا
ھئا.
Comments
Post a Comment