اسان جو ڪاليج


انسان جي فطرت آهي ته جتي هو ڪجهه عرصو رهي ٿو ته صرف اتي جي انسانن سان بلڪه جڳهن، هنڌن، درن درين ۽ ڀتين سان به سندس چاهه ٿي وڃي ٿو. اهڙي طرح اسان ٻن سالن جو وقت پنهنجي ڪاليج ۾ گذاريو آهي. اتي اسان پنهنجي مستقبل لاءِ به سوچيو آهي ته علم ۽ اخلاق جهڙين نعمتن سان پنهنجو دامن ڀريو آهي. اهو ئي سبب آهي ته اسان کي پنهنجي ڪاليج ان جي استادن سان محبت آهي، ڇو ته انهن استادن ئي اسان کي اخلاق ۽ انسانيت جو رستو ڏسيو آهي.

اسان جي ڪاليج جو نالو ا  ب  ج آهي. اهو ڪاليج مشهور باغ جي سامهون آهي. اسان جي ڪاليج ۾ شاگرد ۽ شاگردياڻيون پڙهن ٿيون پر انهن جون ڪلاسون ڌار ڌار آهن. ڪاليج جو انتظام گهڻو ڪري پرنسپال جي پاليسي تي منحصر آهي. اسان جو هاڻوڪو پرنسپال صاحب شرافت ۽ اخلاق جو نمونو آهي. هو پنهنجي اخلاق سان استادن ۽ شاگردن تي حاوي آهي. اهو انتقام وٺڻ واري پاليسي کي سٺو نٿو سمجهي، بلڪ معاف ڪرڻ واري پاليسيءَ تي عمل پيرا آهي. اهو شاگردن  ۽ شاگردياڻين سان شفقت وارو سلوڪ ڪندو آهي. ڪاليج ۾ ڪم ڪرائي رهيو آهي ۽ شاگردياڻين لاءِ وڌيڪ ڪلاسون ٺاهڻ لاءِ جاءِ تعمير ڪرائي رهيو آهي. ڪاليج ۾ محفل ميلاد، نعت ۽ حمد جا مقابلا ڪرائيندو آهي ۽  شاگردن ۽ شاگردياڻين کي هر سال پڪنڪ تي وٺي ويندو آهي جنهن ۾ مڙئي استاد به شريڪ ٿيندا آهن.

اسان جا استاد نهايت شريف ۽ محنتي آهن. اهي پنهنجن پنهنجن مضمونن تي مڪمل عبور رکن ٿا، جڏهن اهي پڙهائين ٿا ته ائين محسوس ٿئي ٿو علم ۽ فضل جو درياءَ وهڻ لڳو آهي. استاد فقط پنهنجو مضمون نٿا پڙهائين، بلڪ انهن ڳالهين جو ذڪر به ڪندا آهن، جن جو واسطو شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ايندڙ زندگيءَ سان هوندو آهي. استاد اها عظيم هستي آهي، جيڪو شاگردن کي عظيم ۽ اعليٰ هستي بنائي ڇڏي ٿو.

Comments

You May Like

You May Like

WhatsApp

Archive

Show more