انسانيت ھدايت جي تلاش ۾ نور احمد لُنڊ صفحو 6

انسانيت ھدايت جي تلاش ۾
نور احمد لُنڊ
صفحو  6

ھن ضمن  سڀني کان اھم تحقيق درويش صفت انقلابي مفڪر ڪارل مارڪس ڪئي آھي، جنھن انساني تاريخ ۾ پھريون ڀيرو پيداوار جي نجي ملڪيت، نظامِ زر ۽ صنعتي سرمايھ داري نظام جي معاشري، انساني روح ۽ نفسيات تي خراب اثرن جو جذبو ڪندي ٻڌايو ته ھي ھن نظامِ معيشيت فرد کي پنھنجي محنت کان ۽ محنت کي ان جي پنھنجي پيداوار کان بيگانو ڪري ڇڏيو آھي. انسان کي ھڪٻئي سان نفرت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آھي ۽ فرد جي ان جي پنھنجي نوعي زندگي جي منفرد صفتن کي جيڪي انسان کي حيوان کان الڳ ڪن ٿيون، برباد ڪري ڇڏيو آھي، جنھن ڪري اھو پورھيت فرد انساني مرتبي کان ڪري گڏھ ۽ ڏان جي سطح تي اچي ويو آھي. پنھنجي پورھئي ۽ ان جي پيداوار کان بيگانگي ۽ علحيدگيءَ جي باعث ھُو زندگي جي ادنيٰ مادي ضرورتن جي تڪميل نه ٿيڻ جي ڪري علم جي حاصلات ۽ تربيت ذات (شخصيت) جھڙن اعليٰ انساني اخلاقن کان محروم ٿي ويو آھي. بيگانگيءَ ذات جي پيدا ڪردھ قباحتن ۽ محرومين جو جيڪو علاج ڪارل مارڪس طرفان ڏسيو ويو آھي، ان جو مرڪزي نقطو ھي آھي ته پورھيت پنھنجي تخليق ڪيل پيداوار جو مالڪ بڻجي وڃي، ان ڪري پورھيت کي ذاتي ملڪيت ۽ زر جي نظام کي مڪمل طور تي منسوخ ڪرڻو پوندو. ھن نظامِ معيشيت انسان کي ھَوَسِ زر ۽ حصول زر جي سرگرداني ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آھي حالانڪ ان جي سڄي ساري جدوجھد بحيثيت انسان جي پنھنجي ذات (روح) کي خوبصورت اخلاقي صفتن سان سينگارڻ لاءِ ھجڻ گھرجي ۽ اھا ئي جدوجھد ان جي ذات يا خوديءَ جي مڪمل تڪميل ۽ تحصيل جو سڌو رستو آھي ۽ اھو ئي مارڪس جي نزديڪ حياتِ انساني جو اولين مقصد آھي.
ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونھي ته مارڪس تاريخ انساني جو اھو عظيم دانشور ۽ فلسفي آھي جنھن معاشرتي واقعيب جي محض تشريح ڪرڻ جي بجاءِ ان کي تبديل ڪرڻ تي زور ڏنو آھي. ان ڪري ان جيڪ علاج تجويز ڪيو آھي، اھو بلڪل صحيح ۽ صادق آھي. قرآن پاڪ ۽ تاريخ جا سڀئي انبياء اڪرام پوءِ اھي سامي نسل سان تعلق رکندڙ ھجن يا آريائي ۽ زرد قومن سان، مارڪس سان ان حوالي سان مڪمل اتفاق رکن ٿا ته بيگانگيءِ ذات جي سڀني تخريبڪارين ۽ مصيبتن کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ شرط مقدم زر ۽ ذاتي ملڪيت جي ھن استحصالي نظام جو مڪمل خاتمو آھي ڇاڪاڻ ته نجي ملڪيت جو ھي جاگيردارانه ۽ سرمايادارانا استحصالي نظام انسان جي سڀني محرومين، اخلاقي تباھين، جنگ، فساد، نفرت ۽ ڦرمار جو سبب اول آھي.






Comments

Popular posts from this blog

وطن جي حب

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

محنت ۾ عظمت