انسانيت ھدايت جي تلاش ۾ نور احمد لُنڊ صفحو 5
انسانيت
ھدايت جي تلاش ۾
نور
احمد لُنڊ
صفحو 5
انھيءَ تصور حيات
تحت جن قومن، معاشرن، طبقن ۽ فردن ۾ ذاتي، گروھي، نسلي مفادن جو شعور بيدا ھوندو آھي ته پوءِ اھي ٻين قومن،
معاشرن، طبقن ۽ ماڻھن لاءِ عذاب بڻجي ويندا آھن ۽ جن ۾ اھو شعور به باقي نه رھيو
ھوندو آھي، اھي ته اھڙي حالت ۾ مبتلا ٿي ويندا آھن جو پنھنجو پاڻ کان به بيزار
ھوندا آھن ته دنيا به کانئن نفرت ڪري ٿي. مادي تھذيب جي متعلق (J.W. Mason) پنھنجي ڪتاب (Creative
Freedom) ۾
لکي ٿو ته: (اسان زندگيءَ جي ابتدا سائنس جي ڪاريگريءَ سان ڪئي، ان يقين سان ته مادي
ڪامرانيون زندگيءَ جي رازن کي حل ڪري ڇڏينديون پر اسين ڏسي رھيا آھيون ته اسين
غلطيءَ ۾ ھئاسين. زندگيءَ جا مسئلا ايترا آسان نه آھن). ان حوالي سان ئي ھڪ ٻيو
ناميارو مغربي محقق (G.A. Dorsey) پنھنجي ڪتاب (Civilization) ۾ لکي ٿو تھ: (اسان جي موجوده تھذيب پنھنجي قومي، معاشي، عائلي،
اخلاقي، مذھبي ۽ ذھني نظام جي ھر شعبي ۾ حماقت، جھالت ۽ فريب ۽ ظلم جو مستقل
مظاھرو آھي).
مادي تھذيب جو
خوفناڪ نتيجن بابت پروفيسر جوڊ (Jodd) جو چوڻ آھي ته: (اسان جيتوڻيڪ مادي ترقي ته
تمام گھڻي ڪئي آھي پر روحاني ۽ اخلاقي لحاظ کان ذرو به اڳتي نه وڌيا آھيون. اڄ
ماتم به صرف انھيءَ ڳالھ جو آھي ۽ سموري ضرورت به اھا ئي آھي ته اسين پنھنجي اندر
روحاني ۽ اخلاقي عقل پيدا ڪريون نه ته ھيءَ طاقت انساني زندگيءَ جي لاءِ مصيبت
ثابت ٿيندي).
حقيقت جي نگاھن
سان ڏٺو وڃي ته موجودھ دور ۾ انسان جو سڀني کان اھم مسئلو ٽيڪنالاجيءَ جو حصول
ناھي پر مغربي تھذيب جو اخلاقي ۽ روحاني بحران (Crisis) آھي. ھي بحران صنعتي سرمايه داري نظام جي اجارادار سرمايھ داري ۽
سامراج جي صورت اختيار ڪري وڃڻ جي ڪري معاشري، انساني شعور ۽ نفسيات ۾ ان صورت کان
پيدا ٿيڻ واري بيگانگي يا لاتعلقي جي عمل جيت خريبي اثرن سبب پيدا ٿيو آھي. اھو ھن
جديد دور جو وڏي ۾ وڏو الميو آھي جو ترقي يافته قومن تمدن ۽ رياست جي پيڙھ بي خدا
نظرئي ۽ عقل ۽ رڳو عقل تي رکي آھي ۽ انسان جي اجتمائي زندگيءَ جي تشڪيل خالص ماده
پرست بنيادن تي ڪئي آھي. جنھنجي نتيجي ۾ ٽين دنيا جو نوجون نسل پنھنجي قديم علمي،
اخلاقي ۽ مذھبي ثقافت کان علحيده ٿي چڪو آھي. مشرق جي ڌرتي جيڪا عظيم نبي سڳورن،
سنتن، ولين، درويشن ۽ الاھي حڪيمن جي اخلاقي ۽ روحاني تعليمات جي نور سان منور
ھئي، ھاڻي بي نور ٿي چڪي آھي. انسان جي حقيقي مسئلن متعلق ڪجھ بنيادي سوال جھڙوڪ
انسان ڪٿان آيو آھي ۽ ڪيڏانھن وڃي پيو؟
ڪائنات جنھنجو ھڪ
باشندو انسان به آھي، پنھنجي ماھيت ۾ روحاني آھي يا مادي، زندگيءَ جو ڪھڙو فلسفو ۽
ضابطو انسان جي روحاني ارتقا لاءِ مفيد آھي ۽ ڪھڙو غير مفيد ۽ نقصانڪار؟ مغربي
تھذيب وٽ انھن سوالن جو ڪوبه مطمئن ڪرڻ جوڳو جواب ڪونھي ۽ ڪنھن واضع ۽ صاف جواب نه
ھجڻ ڪري تھذيب جو ھي قافلو پنھنجي اخلاقي ۽ روحاني ارتقا کي قائم رکڻ جي بجاءِ
مادي ۽ نفساني خواھشن ۽ ترغيبن جي اسفل سافلين ۾ وڃي ڪريو آھي. اتي الميو اھو به آھي
جو انھيءَ ناڪامي ۽ بي راھ روي ۾ اشتراڪي فلسفھ حيات (Socialism) ۽ ان جي تھذيب به پنھنجي ماديت پسند اساس جي سبب مغربي تھذيب سان
گڏ ھمسفر آھي، ۽ ان جي تباھ ڪندڙ ۽ تخريبي نتيجن جو پڻ شڪار آھي. تاري ٻڌائي ٿي ته
لاتعلقي يا بيگانگي (Alienation) جو عمل زرعي دور جي ابتدا کان ئي شروع ٿي
چڪو ھو جڏھن انساني معاشرو پنھنجي سلاميت وڃائي ٻن منخارب ۽ متناقص معاشي طبقن ۾
تقسيم ٿي چڪو ھو ۽ پيداوار جا ذريعا عوام جي بجاءِ چند فردن جي ملڪيت ۾ اچي ويا
ھئا، جتان غلامي (Slavery) جو ادارو قائم ٿيو. جنھن اڳتي ھلي زرعي
غلامي (Serkdom) ۽ اُمرتي غلامي (Wage Slavery) جي شڪل اختيار ڪري ورتي. اھڙيءَ ريت جيئن جيئن محنت ۽ پورھئي جي
استحصال ۽ ڦرلٽ جو عمل عريان ٿيندو ويو، بيگانگيءَ جا اثر به شدت ۽ وضاحت اختيار
ڪندا ويا، ايتري تائين جو صنعتي سرمايھ دارانه نظام ۾ ھي اثر پنھنجي عروج تي پھچي
ويا.
Comments
Post a Comment