انسانيت ھدايت جي تلاش ۾ نور احمد لُنڊ صفحو 7
انسانيت
ھدايت جي تلاش ۾
نور
احمد لُنڊ
صفحو 7
مارڪس جي فلسفي جي
بنيادي ڪمزوري اھا آھي ته مارڪس پنھنجي ان سڄي انقلابي فلسفي ۽ عمل جي اساس ارادي
۽ شعور کان عاري غير ذي حيات مادي (Matter) کي حقيقت مطلقه جي حيثيت سان قطعيت (Finality) جو درجو ڏيئي ڇڏيو. دراصل مارڪس ان حقيقت تي غور ناھي ڪيو ته معيشت
جو اشتراڪي تصور ۽ فلسفهءِ ماديت، پوءِ چاھي ان کي جمليات جي تعارف سان محترڪ ئي
ڇونه ڪيو ويو ھجي، باھمي طور تي متضاد تصورات آھن. اشتراڪي معيشيت جيئن ته نالي
منجھان ئي ظاھر آھي ته فرد کان پنھنجن ھم جنسن جي حق ۾ ايثار ۽ قرباني جي تقاضا
ڪندڙ آھي. جيستائين فرد پنھنجي انفرادي مفاد کي ٻين انسانن جي اجتمائي مفادن جي حق
۾ قربان نٿو ڪري، اشتراڪيت جو مطالبو پورو ٿي نٿو سگھي. ان جي برعڪس فلسفهءِ ماديت
جا منطقي جزا (Contents) جڏھن فرد جي قلب ۽ ذھن تي قبضو ڪري وٺن ٿا
۽ يقين ۽ ايمان جو درجو حاصل ڪري ڇڏن ٿا، تڏھن ان جو لازمي نتيجو فرد ۾ خود غرضي،
جنسي آوارگي، ذراندوزي جي ھَوسَ، فرديت پسندي، طبعي عيش و آرام ۽ افادي (Hedonistic) نقطئه نظر پيدا ڪن ٿا. اھو ئي سبب آھي جو ماديت پرست فلسفي جي
اساس ھيٺ انقلابي انسان دوست اشتراڪي معاشري جو قيام ناڪام ثابت ٿيو آھي.
اھا ھڪ ناقابلِ
ترديد حقيقت آھي ته فلسفهءِ ماديت جي ڏڍ تي اھڙو لاطبقاتي معاشرو يا توحيدي معاشرو
(Classless Society) ڪڏھن به قائم نٿو ٿي سگھي ڇاڪاڻ ته مادو وجود جو اھڙو تصور آھي
جيڪو بي بصر، بي شعور وارادا ۽ مقصديت کان عاري آھي. زندگي جي مادي تصور ھيٺ ڪنھن به
اعليٰ معاشرتي تنظيم جو بنياد نٿو اڏي سگھجي ۽ اھڙي معاشري ۾ انسان پنھنجي فطرت جي
الوھي عنصر (Divine Element) جي ترڪيد ۽ نشونما جي بغير پنھنجي شخصيت جي
تڪميل کان محروم ٿو رھي. مادو دراصل روح مطلق (Absolute) جو اھو حصو آھي جنھن کي انساني ذھن ھن زمان و مڪان جي محسوسات ۾
پنھنجي گرفت ۾ آڻي ٿو ۽ پنھنجي حواسن سان ان کي محسوس ڪري سگھي ٿو پر انسان جو
وجدان کيس ٻڌائي ٿو ته وجود جو ھي محسوس ۽ مشھود صورت يا مرحلو روحِ مطلق جي اڻ
ڳڻين مظھرت يا مرحلن مان ادنيٰ ترين حيثيت رکي ٿو. تنھن ڪري ڪوبه سماج اعليٰ
اخلاقي ۽ روحاني قدن سان سينگاريل شخصيت محض پنھنجي معاشي ۽ سياسي تنظيم جي بدولت
حاصل نٿو ڪري سگھي بلڪ ان خاطر ھڪ بلند ۽ عظيم ترين نصب العين جي لاءِ تزڪيئه نفس،
تصفيه قلب، اخلاقن جي تھذيب ۽ سماج جي غير اخلاقي ۽ استحصالي قوتن جي خلاف جدوجھد
جي ضرورت ھوندي آھي. ان کانسواءِ تعلق بالله، مضبوط ارادو، ڪثرتِ عبادت، ضبطِ نفس
خاص طور تي جنسي لحاظ کان پڻ بيحد ضروري آھي. انبياءِ ڪرام، درويش، ولين، صوفين،
سنتن ۽ قرآن پاڪ جو پڻ اھو ئي رستو ۽ طريقه ڪار رھيو آھي.
Comments
Post a Comment