جنرل ھوش محمد شيدي صفحو 7
Page # 7
مقابلي ۾ سامراجي
فوج ھئي، جنھن کي اڳيئي ڪيترن جنگين جو تجربو ۽ جديد ھٿيار ھو. دٻي واري جنگي ۾
بدلجندڙ حالتن کي ڏسڻ کان پوءِ مير شير محمد کي ھوشوءَ پاران، نڪري وڃڻ جي صلاح به
دشمن سان جنگ جاري رکڻ واري جذبي تحت ھئي. ھوشوءَ چاھيو ٿي ته پنھنجي جان قربان
ڪري مير شير محمد کي ايترو موقعو مھيا ڪجي ته جيئن ھو دشمن جي پھچ کان پري ھليو
وڃي. ھوشوءَ چاھيو ٿي ته مير شير محمد، وري وڃي پنھنجي طاقت کي گڏ ڪري، انگريز کي
للڪاري. ھوشوءَ جي انھيءَ قربانيءَ، مير شير محمد کي انھيءَ قابل بنايو جو ھن،
انگريز فوج سان گوريلا جنگ شروع ڪئي ۽ ايئن، سنڌين جي تاريخ ۾ گوريلا ويڙھ جو نئون
باب لکجي ويو.
مير شير محمد، دٻي
واري علائقي مان سڌو مير پور وڃي پھتو ۽ اتان ٻارن ٻچن کي وٺي عمر ڪوٽ ھليو ويو.
انگريز ليکڪ اليگزينڊر لکي ٿو، (مير شير محمد دلير ھو، پر ان مھل ھو ھراسجي ويو
ھو، ڇو ته ھو پنھنجو بھترين فوجي ماھر (ھوشو) دٻي جي جنگ ۾ وڃائي ويٺو ھو.)
انگريزن، عمر ڪوٽ تائين مير شير محمد جو پيڇو ڪيو، پر ھو اتان به نڪري ويو ۽ ڪٽنب
جي ڀاتين ۽ ڪجھ ساٿين سميت ٿر جي رڻ پٽ ۾ گم ٿي ويو. مير شير محمد گم ڇا ٿيو،
انگريزن ۾ بيچيني پکڙجي وئي ھنن کي ھر وقت خطرو رھڻ لڳو. ٻي پاسي مير شير محمد
واچوڙو بڻجي ويو. ھو ڪڏھن ڪٿي ته ڪڏھن ڪٿي اوچتو ظاھر ٿيندو ھو ۽ انگريزن تي حملا ڪري
ھليو ويندو ھو. ھن ھالا ۾ به انگريزن تي حملو ڪيو ۽ پوءِ ڪچي ۾ درياھ ڏانھن ھليو
ويو. انھن ڏينھن ۾ ھالا ۾ مير شير محمد وري حملو ڪرڻ وارو ھو ته سندس ھڪ برھمڻ
نوڪر، غداري ڪئي ۽ رات جو انگريزن کي اطلاع ڏنو ته مير شير محمد، 8 ھزار ماڻھن سان
مٿن حملو ڪندو. مير شير محمد وري به وڙھندو رھيو.
سيٺ نائون مل
ھوتچند، جنھن سنڌ تي قبضي ۾ انگريزن جو ساٿ ڏنو ۽ انھن جي مالي، فوجي ۽ ٻي ھر قسم
جي مدد ڪري سنڌ سان غداري ڪئي، تنھن پنھنجي ڪتاب (يادگيريون) ۾ لکيو آھي ته، (مياڻيءَ
جي جنگ کان ڏيڍ مھينو پوءِ، ٽڙيل پکڙيل ٻروچ، شير محمد جي جھنڊي ھيٺيان اچي گڏ ٿيا
۽ ھن انھن جي مدد سان حيدرآباد کان 8 ميل پري ٽنڊي الھيار واري رستي تي دٻاري
(دٻو) جي ڳوٺ وٽ سرچارلس نيپئر جو مقابلو ڪيو. ٻروچن وري به شڪست کاڌي ۽ شير محمد،
دودي مري علائقي جي جابلو لڪن ڏانھن ڀڄي
ويو. ھن جي ڀاءُ مير شاھ محمد، سپاھي ڀرتي ڪرڻ جي ارادي سان چانڊڪي ۽ ڪاڇي جو طرف
ورتو. سرچارلس کي ھن جي ارادن کان واقف ڪيو ويو، جنھن سندس پٺيان ھڪ فوجي دستو
روانو ڪيو. جو، کيس جھانگارن وٽ پھچي قيد ڪري وٺي آيو.)
Comments
Post a Comment