ميٽرڪ پاس ڪرڻ جي خوشيءَ جو هڪ هي به
سبب آهي ته هاڻي آزاد زندگيءَ جي شروعات ٿيندي. ڪاليج جو شاگرد هئڻ ڪري اسان کي گهڻي
عزت ڏني ويندي.
ميٽرڪ جو نتيجو آيو ته ڏٺم ته منهنجو
نمبر A-1
هو، آئون ڏاڍو خوش ٿيس ۽ گهر جا ڀاتي ۽ دوست به اها ڳالهه ٻڌي
خوش نظر پئي آيا، مون به ڪاليج جي زندگيءَ جي منصوبا بندي شروع ڪري ڇڏي، منهنجي
والدين منهنجي مرضي جي مطابق ٻن سٺن ڪاليجن ۾ فارم جمع ڪرائي ڇڏيو. خوش قسمتيءَ
سان منهنجو نالو ٻنهي ڪاليجن ۾ اچي ويو، دوستن سان صلاح ڪري مون ۽ منهنجي دوستن هڪ
ڪاليج ۾ داخلو ورتو.
ڪاليج ۾ اسان کي ايندڙ سومر کان وڃڻو هو،
سومر ڏينهن جو انتظار ڪرڻ لڳاسين، آخر اهو ڏينهن به اچي ويو. اسان صبح جو سوير اٿي
تياري ڪئي ۽ اٺين وڳي ڪاليج جي اندر پهچي وياسين. ڪاليج جي ٻاهران ڪاليج يونين جا
اسٽال نظر پئي آيا، پر اسان انهن ڏانهن ڌيان ڪونه ڏنو ڇو ته اهو سياست جو اکاڙو هوندو
آهي اسان هڪ فارم ڀريو هو جنهن ۾ اسان قسم کنيو هو ته اسان ڪاليج ۾ فقط پڙهنداسين
۽ ڪاليج جي ڪنهن به سياسي طلبه تنظيم ۾ شامل نه ٿينداسين.
اسان ڪاليج ۾ لڳل لسٽ ڏٺي جنهن ۾ اسان دوستن جو نالو B-1 ۾ هو. اسان کي پنهنجي ڪلاس ڳولهڻ ۾ ڪابه ڏکيائي نه ٿي ۽ وڃي ڪلاس ۾ ويهي رهياسين ٺيڪ ساڍي اٺين وڳي بيل وڳي ۽ اسان جي ڪلاس ۾ به معاشيات جو استاد آيو، جنهن سان اسان جو مختصر تعارف ٿيو ۽ هن ڪجهه پنهنجي سبجيڪٽ جي باري ۾ به مختصر طور تي ٻڌايو. اڃا اسان جي ڳالهه ٻولهه هلي رهي ته ٻاهران هڪ ٻيو استاد ڪلاس ۾ اندر آيو ۽ اسان جي استاد کي ڪجهه چئي ٻي ڪلاس ڏانهن هليو ويو. ٿوري دير بعد اسان جي استاد چيو ته هاڻي اوهان جي موڪل آهي. اصل ۾ اوهان جي پڙهائي سڀاڻي کان صحيح شروع ٿيندي.

ان ڏينهن اسان ڏاڍا خوش هئاسين، ڇو ته هاڻي
اسان کي چوڻ وارو نه هو ۽ زور زبردستي ڪم ڪرائڻ وارو به ڪونه هو.
Comments
Post a Comment