آئون گهر ۾ ويهي، سنڌ جي قديم تاريخ
بابت ڪتاب پڙهي رهيو هوس. هن کان هڪ ڏينهن اڳ دوستن چيو هو ته پڪنڪ ڪرڻي آهي، پر
ڪٿي وڃجي؟ هر هڪ دوست کي چيو ويو هو سڀاڻي پنهنجي پنهنجي راءِ کڻي اچي.
مون کي ڪتاب پڙهندي ڪيتريون قديم ۽ جديد
جايون نظر آيون جن ۾ موهن جو دڙو، گورک هل اسٽيشن، ڪارونجهر جو جبل، کيرٿر جبل،
مڪلي، ڀنڀور، هالائي، خدا آباد، سکر بئراج ڪينجهر ڍنڍ وغيره.
اتي منهنجي دل ڇڪ ڏني ته اتي وڃڻ مناسب آهي.
ايتري ۾ دوست اچي ويا هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي راءِ ڏني، پر آخر مون واري ڳالهه تي
سڀ متفق ٿيا. هڪ سوزڪيءَ ۾ سامان رکي سوار ٿياسين. اٽڪل ٽن ڪلاڪن کان پوءِ ڪينجهر
ڍنڍ تي پهتاسين.
پهرين راءِ اها هئي ته ٻيڙيءَ ۾ چڙهي
ڍنڍ جو سير ڪجي سو هڪ پوڙهي ناکئي جي ٻيڙي ۾ چڙهياسين. اهو ڏاڍو هوشيار ٿي ڏسڻ ۾ آيو.
رستي ۾ اسان کي هر شيءِ جي باري ۾ ٻڌائيندو ٿي ويو. سڄي ڍنڍ جو سير ڪرائڻ کان پوءِ
اسان کي نوريءَ جي مزار تي کڻي ويو، جتي اسان فاتحه ڪئي. ڪجهه وقت کان پوءِ ٻيڙي
واري وري هاڪاريو ۽ اچي پنهنجي ساڳي جاءِ تي لاٿائين اسان کي ڏاڍو مزو ۽ لطف آيو.
ٿڌڙي ۽ وڻندڙ هوا لڳڻ ڪري اسان کي بک
کيرو ڪري وڌو، پوءِ اچي جو ماني کي لڳاسين ته خبر نه پئي ته ماني الائي ڪيڏانهن
وئي! اسان کاڌو پيتو ٻيڻو آندو هو پر بک جو ٽيڻي لڳي ته سڀ چٽ ڪري وياسين.
ماني کائڻ کان پوءِ پيرين پنڌ هلي ڍنڍ
جو نظارو ڪرڻ لڳاسين، اتي ڏيڏرن جا حيرت وجهندڙ آواز، مڇين جا پاڻي مٿان بل ۽ پکين
جا مڇين جهلڻ لاءِ لامار ڏسي ڏاڍا خوش ٿياسين. شام ٿيڻ واري هئي اسان ساڳي سوزڪي ۾
چڙهي رات جو اٺين وڳي پنهنجي پنهنجي گهر پهتاسين.
Comments
Post a Comment