بهار جي مند ۾ باغ جو نظارو


الله پاڪ جي ٺهيل سڄي ڪائنات تمام گهڻي خوبصورت ۽ رنگين آهي پر بهار جي موسم سڀني موسمن کان وڻندڙ ۽ خوبصورت آهي، بهار جي موسم سال ۾ هڪ ڀيرو ايندي آهي جيڪا سياري جي سخت سردي پوڻ کان پوءِ شروع ٿيندي آهي ۽ اڍائي مهينن تائين هلندي آهي.

جيڪڏهن بهار جي موسم ۾ باغ ۾ لنگهي وڃبو ته، اتي جو عجيب نظارو ڏسي روح کي راحت ۽ دل کي ڏاڍي فرحت محسوس ٿيندي آهي، ۽ خالق اڪبر جي ساراهه دل تي تري ايندي آهي. جيڪي وڻ، ٻوٽا ۽ گل ڦل ڪالهه ڪوماڻل ۽ سُڪل بيٺا هئا، سي اڄ ڪهڙي نه ساوڪ ۽ سبزي ۾ رنگين گلن سان جهرمر لايو بيٺا آهن!

نه رڳو گلن ڦلن جو نظارو سهڻو، پر باغ جو هرهڪ وڻ، ڪک ۽ ڪانو مطلب ته باغ ۾ جيڪي ڪجهه پوکيل آهي سو حَسين پيو نظر ايندو آهي. باغ جا رستا صاف ۽ شيشي وانگر چمڪندڙ، وري اندر گلن جون ٻاريون، پوري انتظام سان ڊرائنگ جي قانون موجب جدا جدا نمونن جون ٺهيل هونديون آهن. جن ۾ ساوا ۽ سهڻا ٻوٽا رنگا رنگي گلن سان ٽڙيو بيٺا هوندا آهن، جن کي ڏسي خوشيءَ ۾ دل پيئي بهار بهار ٿيندي آهي.

وڻن تي پکين جون ٻوليون ۽ لوليون ۽ ٽارين تي ٽپندي نچندي تنوارو هڪ قسم جو عجيب نظارو پيو ڏسڻ ۾ ايندو، اهو نظارو ڏسي روح کي راحت ۽ دل کي فرحت نصيب ٿيندي آهي. قسمين قسمين ميوا وڻن ۾ لٽڪندي ۽ هوا جي جهوٽن ۾ جهومندي نظر ايندا.

وڻن جي پنن تي پوئين رات ۾ پيل ماڪ جا ڦڙا ائين پيا معلوم ٿيندا آهن، جيئن سائي چادر تي اڇا موتي جڙيل هوندا آهن. هڪڙي پاسي چنبيلي، موتيو، مگرو ۽ گلاب ٻئي پاسي وري گل خوشبو، سورج مکي، سوسن ۽ نرگس جي سونهن، وڻندڙ ورونهن ۽ نوجوانن جي ٽولين جون ٽوليون ۽ جوڙين جون جوڙيون، باغ ۾ گهمندي ڦرندي نظر اينديون آهن. باغ جي هٻڪار ۽ گلن جي خوشبوءِ مغز کي معطر ڪري ڇڏيندي آهي. مطلب ته ڌڻي سڳوري انسان لاءِ بهار جي موسم به واه جي نعمت خلقي آهي.

Comments

You May Like

You May Like

WhatsApp

Archive

Show more