ڌماڪو ڊاٽ ڪام - راجه عمران ابڙو
بخشو پنهنجي اسسٽنٽ ريئو جي منهن ۾ زوردار ٿڦڙ هڻي ڪڍي، ريئو جي اکين اڳيان،
تارا نچي ويا هن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ڪنهن سندس منهن تي ڌمڪ هڻي ڪڍيو هجي، ٻن منٽن
کان پوءِ سندس اکين جي روشني بحال ٿي ۽ دماغ ۾ سوجهرو ٿي ويس.
”باس
مون ڇا ڪيو؟“ هن منهن خراب ڪندي بخشوءَ کان پڇيو.
”ڪا
ڳالهه ناهي ريئو، توکي مون ٿڦڙ ائين ئي خوشيءَ مان هنئين.“
”باس
توهان جو هٿ آهي يا لوهار جو هٿوڙو.“
”اڄ
مان بيحد خوش آهيان، ڪجهه به ڪري سگهان ٿو، اڄ کان پوءِ مان امير ٿيڻ وارو آهيان.“
”ڪم
ٿيڻ جي صورت ۾.“
”ها
اهو ئي ته ڪرڻ وڃي رهيا آهيون.“ بخشو ٽهڪ ڏيندي چيو.
هو پنهنجي باس طرفان ڏنل هڪ اسائنمينٽ مڪمل ڪرڻ وڃي رهيا هئا، اهو هڪ
خطري وارو ڪم هو. هنن جي باس اهو ڪم خوش اسلوبيءَ سان مڪمل ڪرڻ جي صورت ۾ کين
جهجها ڏوڪڙ ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو، ايڊوانس طور انهن کي اها 1936ع جي ماڊل جي ڪار ڏني
هئي، جيڪا انهن کي واردات ۾ به استعمال ڪرڻي هئي، ان جو نالو ڪيڊي لڪ هو، پر ان ۾ ڪنهن
به قسم جي ڪيڊي لڪ جي خوبي نه هئي.
هڪ وڏي ٽبيل پويان ننڍي ڪرسيءَ ۾ ڦاٿل ٿلهي بدن وارو باس چهري جي رنگ جهڙي
عينڪ هٿ ۾ پڪڙي لاٿي ته اوندهه ۾ ٻه ننڍڙا تارا ٽمڪڻ لڳا، سوير ته بلڪل اونداهي لڳي
پئي هئي، هو ٻئي هن جي سامهون ادب سان ٻانهون ٻڌي بيٺا هئا.
”توهان
ٻئي مونوٽ گهڻن سالن کان ڪم ڪري رهيا آهيو؟“ هن کهري آواز ۾ هنن کان پڇيو.
”ٻارنهن
سالن کان باس.“ انهن ٻنهي ڪورس ۾ ورندي ڏني.
”ڪيترا
دفعا ڪامياب ڪم ڪيو اٿوَ؟“
”ڪاميابي
نصيب نه ٿي آهي باس.“ بخشوءَ وراڻيو.
”ها
باس ڪاميابي حاصل ڪرڻ ۾ لاڳيتو ناڪامي نصيب ٿي آهي.“ رئيو چيو.
”تنهن
هوندي به مون توهان جي ڪيتري مدد ڪئي آهي؟“
”تمام
گهڻي باس توهان اسان کي تمام گهڻو قرض ڏنو آهي، ان جو وياج وڌندو ٿو رهي، هن وقت
اسان نڪ تائين قرض ۾ ٻڏل آهيون.“
”توهان
جو اهو سمورو قرض معاف ٿي سگهي ٿو.“
”ڇا
واقعي باس؟“ هنن حيران ٿيندي پڇيو.
”ها
وياج سميت پر هڪ شرط تي.“
”اسان
کي هر شرط منظور آهي، جيڪڏهن ائين ٿئي ته.“
”توهان
کي هڪ ڪم ڪرڻو آهي، اهو ڪم ڪامياب ٿيڻ جي صورت ۾ توهان جو سمورو قرض معاف ٿي
ويندو، گڏوگڏ تمام گهڻو انعام به ملندو، ايترو گهڻو جيترو توهان سوچي به نه ٿا
سگهو.“
”توهان
اسان تي اعتماد ڪري سگهو ٿا باس.“ بخشو خوش ٿيندي چيو.
”سوچي
وٺو ڇو ته ڪم ٿورو ڏکيو آهي.“
پوءِ انهن ڪم ٻڌي حامي ڀري ڇڏي ”قرض به لهي وڃي مالا مال به ٿي وڃون.“ ايڏي
وڏي آفر هنن کي اڳ ڪڏهن به نه ٿي هئي، هنن اهو ڪم ڪرڻ جي حامي ڀري ڇڏي.
هو ٻئي رين ڪوٽ ۾ هئا، بخشو جي عمر پنجيتاليهه سال هئي، هن جي ڏاڙهي ۾ ڪارا
گهٽ اڇا وار وڌيڪ هئا، نڪ پڪوڙي، اکين تي نظر جو چشمو چڙهيل هيس، هو بدنام ڏوهاري
هو، ريئو تمام سمارٽ هو، هن جي عمر چوويهه سال هئي، شڪل ۾ خوبرو هو، کيس عمر ۽
تجربي ۾ وڌيڪ هجڻ سبب باس چوندو هو، پر بخشو کي هن ۾ ڪابه سٺي ڳالهه نظر نه ايندي
هئي، هو هر وقت هن مان ڪاوڙ ڪڍندو رهندو هو.
”ريئو!“
هو هن سان مخاطب ٿيو ”ليپ ٽاپ تي ڏس اسان ان جاءِ کان اڃان ڪيترو پري آهيون؟“
ريئو ڪڇ ۾ رکيل ليپ ٽاپ تي نظر وڌي ۽ ان جا بٽڻ هلائڻ لڳو.
”باس
هن وقت اسان جاءِ کان هڪ ڪلوميٽر پري آهيون ۽ جيڪڏهن اهي ئي حالتون رهيون ۽ اسان
جي ڪيڊي لڪ ائين ئي ڊوڙندي رهي ته اسان ڪلاڪ کن ۾ اتي پهچي وينداسين.“
”ڪلاڪ
۾؟“
”جي
باس.“
”پر
ايتري دير ڇو مان ڊوڙندي هڪ ڪلوميٽر اڌ ڪلاڪ ۾ پار ڪري ويندو آهيان.“
”پر
باس اسان جي ڪيڊي لڪ جي اسپيڊ منڊي گڏهه جي رفتار کان ڪنهن به صورت ۾ وڌيڪ ناهي.“
ريئو کلندي چيو.
”او
يو فول، تو مون کي منڊو گڏهه چيو.“ اهو چئي بخشؤ هن جي منهن ۾ ٺونشو وهائي ڪڍيو،
وري هن جي اکين اڳيان تارا نچي ويا.
”پر
باس مون ته ڪيڊي لڪ جي تعريف پئي ڪئي.“
”پوءِ
تو هن جي اسپيڊ متعلق غلط ڳالهه ڇو ڪئي؟“
”اهو
ته ليپ ٽاپ ٻڌايو هو.“
”هن
جي اهڙي تهڙي،“ بخشو هٿوڙو کڻي ليپ ٽاپ تي وهائي ڪڍيو، ان جي اسڪرين ٽڪرا ٽڪرا ٿي
ويئي، هن وري اسٽيئرنگ تي هٿ مضبوط ڪري ان کي هيڏانهن هوڏانهن ڦيرائڻ لڳو.
ٿوري دير کان پوءِ گاڏيءَ جهٽڪا ڏيڻ شروع ڪيا.
”هن
وقت اهو زلزلو ڪيئن اچي ويو؟“ بخشو حيران ٿيندي چيو.
ٿوري دير کان پوءِ گاڏيءَ جي انجڻ کڙ کڙ ڪري بيهي رهي. انهن ٻنهي ٻاهر نڪري
ان جي انجڻ کي کوليو ته ان مان دونهان نڪري رهيا هئا.
”اوهو
هن کي هينئر ئي خراب ٿيڻو هو، واردات وارو پلان ڊانوان ڊول ٿي ويندو.“
”نه
ٿيندو باس.“
”اهو
تون ڪيئن ٿو چئي سگهين؟“
”اهو
ائين ته اسان ٽيڪسي ڪري ان جاءِ تائين پهچي سگهون ٿا.“
”بيوقوف
اسان وٽ ٽيڪسي جي ڪرائي جيترا پئسه هجن هان ته ڪيڊي لڪ ۾ وائر مڪس پيٽرول نه وجهون
هان.“
”پوءِ
ڇا ڪيون باس؟“
”ڪجهه
نه ڪجهه ته ڪرڻو پوندو.“ بخشو ٽوپي لاهي
گنج کنهدي چيو.
”ڇونه
ڪنهن کان لفٽ وٺون؟“ هن کيس صلاح ڏني، بخشو ٻن سيڪنڊن تائين سوچيو، پوءِ چيائين
”جلدي ڪر ڪنهن کي روڪ جيستائين مان ڪيڊي لڪ مان سامان ڪڍي ٿو وٺان.“
بخشو ٽوپي پائي گاڏي جي ڊگيءَ ڏانهن ويو، ريئو ڪا گاڏي روڪڻ لڳو، اها هڪ
مصروف شاهراه هئي، سوين گاڏيون گذري رهيون هيون، پر هن لاءِ ڪابه نه رڪي.
”ڪيڏانهن
ويندؤ؟ نيٺ هڪ ڪار واري ڪار روڪي هنن کان پڇيو.
”اها
اسٽيٽ آف آرٽ ريڊ بلڊنگ آهي نه، ان جي ڀر ۾ ڪيٽين بيڪري جي پويان آصف خان جي ذاتي
رهائشي عمارت آهي، اتي وڃڻو آهي.“ ريئو گاڏي واري کي ٻڌايو.
”اتي
ڇا لاءِ ويندؤ؟“
”اهو
پنهنجو دهشتگردي لاءِ، اسان کي اسائنمينٽ مليل آهي.“
”دراصل
اسان کي اها عمارت بم ڌمڪامي سان اڏائڻي آهي.“ بخشو هن جي حمايت ۾ چيو.
گاڏي واري ٻن منٽن تائين کين ڏٺو ۽ سوچيو ”ٻنهي جو ذهني توازن ٺيڪ ناهي، ڪنهن
پاڳل خاني مان ڀڄي نڪتا آهن.“
”اتي
وڃڻ لاءِ لفٽ ڇو ٿا وٺو؟“ هن کين چيو ”هتان ويجهو آهي پنڌ وڃي سگهو ٿا.“ ائين چئي
هن گاڏي اڳتي وڌائي ڇڏي.
”توکي
لفٽ ناهي ڏيڻي ته ڳالهه ڪر نه، باقي اجايا احوال ڇو ٿو ڪرين بيوقوف انسان! ”بخشو
روڊ تان پٿر کڻي ان جي گاڏي طرف اڇليو.
”ريئو
لڳي ٿو ائين ڪم نه ٿيندو.“
”پوءِ
ڪيئن ٿيندو باس؟“
”مون
وٽ هڪ پلان آهي، تون هيڏانهن اچ.“
اهي هڪ پيرسن سائيڪل سوار کي جهلي، کائنس سائيڪل کسي، کيس ڌڪو ڏيئي فرار ٿي
ويا.
بخشو سائڪل هلائيندي پٺيان ويٺل ريئو کي چيو ”ڪيئن ريئو! سواري چڱي هلي
ويئي آهي نه؟“
”ها
باس“ هن ورندي ڏني ”پر توهان جي ٽنگن ۾ ساهه هجي هان ته اسان رڍ جي رفتار کان وڌيڪ
هلي وڃون هان.“
اهي ان جاءِ تي پهتا ته ڏٺائون اتي سيڪيورٽي لڳي پيئي هئي، هر شخص جي
تلاشي وٺي پوءِ اندر ٿي ڇڏيائون.
”باس
لڳي ٿو ته انهن کي اسان جي اچڻ جي خبر پئجي چڪي آهي جو سيڪيورٽي رکي ويئي آهي.“
”پوءِ
ڇا ٿيو؟“
”ڇا
ٿيو ..... پڪڙجي پياسين ته ......... باس واپس هلون؟“
”واپسي
جا دروازا اسان جي لاءِ بند آهن، اسان ڪم ڪري ئي واپس موٽنداسين نه ته نه، اسان پڪڙجي
نه ٿا سگهون، تون مون سان گڏ اچ.“
اهي ٻئي سائيڪل ڇڏي عمارت جي ويجهو ويا، ريئو جي دل دهل وانگر وڄي رهي
هئي، اهي ٻئي لائين ۾ بيهي رهيا.
”باس
مون کي ڊپ ٿو لڳي.“
”ڇو
ٿو ڊپ لڳيئي مان آهيان نه، مان سڀ سنڀالي وٺندس.“
”ته
پوءِ هي توهان وٺو.“ هن بم واري ڳوٿري هن کي ڏيئي ڇڏي، اهو ڏسي بخشؤ کي هن تي سخت
خار لڳي، ڪجهه ڊپ به لڳس، هر ڪو تلاشي ڏيندو اندر ٿي ويو.
هلندي هلندي هنن جو به وارو آيو، هڪ سيڪيورٽي عملدار بخشؤ جي تلاشي وٺڻ لڳو،
هن جي هٿ ۾ ڳوٿري هئي، هو پگهرجي ويو. هيڏانهن هوڏانهن واجهائڻ لڳو، سيڪيورٽي
عملدار سندس ٽنگن ۾ هٿ هنيو ته هن جي نظر ڀرسان بيٺل هڪ ٻئي سيڪيورٽي عملدار تي
پئي، اهو شڪل مان صفا ويل پئي لڳو، هن تلاشي دوران هڪ موالي کان سگريٽ کسي پاڻ
پيتو هو، ان سگريٽ ۾ چرس ڀريل هو، هينئر اهو عملدار هوا ۾ اڏامي رهيو هو.
بخشو جي بند ٿيندڙ راهن مان هڪ راهه کلي پئي، هن اها ڳوٿري هن جي هٿ ۾ ڏني
”ٻه منٽ جهل تلاشي ڏئي پوءِ وٺانء ٿو.“
”ها
ٺيڪ آهي.“ ان سيڪيورٽي عملدار چيو.
اهو سڀڪجهه تلاشي وٺندڙ عملدار نه ڏسي سگهيو، تڏهن بخشو ڪليئر ٿي ويو،
پويان ريئو مان به ڪجهه نه مليو، ٻئي عمارت ۾ داخل ٿي ويا، عمارت ۾ داخل ٿيڻ وقت
اهي تمام گهڻو خوش هئا.
ريئو هن جا هٿ خالي ڏسي رڙ ڪئي ”باس.“
”ڇا
هي بيوقوف آهستي نه ٿو سڏي سگهين.“
”باس
اها بم واري ڳوٿري ڪٿي آهي؟“
”ڪهڙي
ڳوٿري؟“ بخشو حيران ٿيندي چيو.
”اها
ئي جنهن ۾ پاڻ بم وجهي کڻي آيا هئاسين.“
”اها
ته تو وٽ هئي بيوقوف.“
”نه
اها مون وٽ ناهي، مون توهان کي ڏني هئي، توهان ڪيڏانهن ڪئي؟“
”تو
مون کي ڪڏهن ڏني هئي؟“
”ها
باس ياد ڪيو، قطار ۾ بيهڻ شرط مون اها توهان جي هٿ ۾ ڏني هئي.“
”او
هو مري وياسين.“ هن کي جڏهن ياد آيو ته هن مٿي تي هٿ هنيو.
”اها
مون جهڙتي دوران هڪ سيڪيورٽي عملدار کي ڏني هئي.“
”پوءِ
جلدي ڪيو، هن کان هلي وٺي اچون.“
”اچ.“
ٻئي ٻاهر آيا، بخشو کيس پري کان اهو سيڪيورٽي عملدار ڏيکاريندي چيو ”اهو
صفا ويل آهي نه، هن جي هٿ ۾ پڪڙيل اها ڳوٿري اسان جي آهي، وڃ هن کان اها وٺي اچ.“
”باس
مان؟“ رئيو ڳيت ڏيندي چيو.
”ها
تون جلدي ڪر.“
”پر
باس هن کي اها توهان ڏني هئي، هو مون کي ڪيئن ڏيندو؟“
”ڏيندو
تون وڃ.“
ريئو کي خوف وڪوڙي ويو، پر هن بخشو جي حڪم جي تعميل ڪندي ان سيڪيورٽي
عملدار ڏانهن وک وڌائي، هن جون ٽنگون ٿڙڪي رهيون هيون ”ڪٿي ان عملدار جهلي ڳوٿري ڏسي
ورتي ته ٿيندا ٻيڙا پار، جيل ۾ ويٺو چڪي پيهندس.“ اهي ئي پور پچائيندي هو اڳتي وڌيو.
”جناب.“
هن جي ويجهو پهچي هن کيس سڏ ڪيو.
”ها
ٻڌايو.“ ان سيڪيورٽي عملدار هن ڏانهن ڏٺو.
”اها
ڳوٿري منهنجي آهي.“ هن ان ڳوٿري ڏانهن اشارو ڪيو.
”تنهنجي
آهي؟“ سيڪيورٽي عملدار غور سان اول هن کي پوءِ ڳوٿري ڏانهن ڏٺو.
”جي
ها منهنجي آهي، مون ئي اوهان کي جهلڻ لاءِ ڏني هئي، مهرباني ڪري مون کي واپس ڏيو.“
”اڙي
ڪوڙ ٿو هڻين، هيءَ تنهنجي ناهي، هيءَ ڪنهن ٻئي همراهه مون کي امانت ڪري رکڻ لاءِ ڏني
هئي.“
”سائين
يقين ڪيو مون ئي ڏني هئي.“
”تنهنجو
مطلب آهي تو مون کي امانت طور ڏني هئي.“
”ها
سائين.“
”۽ هينئر توکي هي واپس ڏيان؟“
”ها.“
”اڙي
تون مون کي بيوقوف ٿي سمجهين؟“
”نه
سائين سمجهان ڇا ٿو پر يقين آهي، منهنجو مطلب آهي توهان کان وسري ويو هوندو.“
”تنهنجو
مطلب آهي اهو تون همراهه آهين، جنهن اها ڳوٿري امانت طور ڏني هئي؟“
”ها
هاڻ توهان سمجهيو آهي.“
”۽ تنهنجو مقصد آهي ته هيءَ ڳوٿري مان تنهنجي حوالي ڪري ان همراهه
جيڪا مون وٽ امانت رکي ان ۾ خيانت ڪريان؟“
”نه
ان ۾ خيانت نه ٿيندي ڇو ته اها مون ئي اوهان کي ڏني هئي امانت طور هاڻي جيڪڏهن
توهان مون کي هي واپس ڪندؤ ته اها خيانت نه ٿيندي، اها سؤ سيڪڙو ايمانداري ٿيندي.“
هن کيس سمجهائڻ چاهيو پر هن کي اصل ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو.
”اڙي
هٽ هتان.“ ائين چئي هن لت کڻي زور سان هن جي ڪک ۾ هنئي، لانگ بوٽ واري ڪِڪ ڪک ۾
کائيندي هو ٻٽو ٿي ويو، مشڪل سان هو بخشؤ وٽ واپس پهتو.
”باس
مون توبهه ڪئي ........ منهنجي پيءُ جي توبهه.“ هن ڪنجهندي ڳالهايو.
”اڙي
بيوقوف تو کي هن سان ڳالهائڻ نه آيو هوندو، هي ڏس مان ڪيئن ٿو وٺي اچان هن کان اها
ڳوٿري.“ اهو چئي هن کي ڌڪو ڏيئي هو ان سيڪيورٽي عملدار ڏانهن ويو، هن جي ڀرسان
پهچي هن به کيس اهو ئي عرض ڪيو جيڪو ريئو ڪيو هيس، هن کيس نه سڃاتو.
”شڪل
گم ڪر پنهنجي“. چئي هن کيس ريئو کان به زوردار لت وهائي ڪڍيس، هو ٻه گز پرتي وڃي ڪريو، پيٽ ۾ لوهي شيخون چڀيندي محسوس ڪيائين،
جڏهن سور جون سٽون گهٽ ٿيس، تڏهن سوچيائين ”هي مُئو نشي ۾ آهي، هي ائين ڳوٿري واپس
نه ڪندو، رهندو هڻي اسان جا آنڊا ڪڍي ڇڏيندو، ڪا چال هلڻي پوندي.......“ اهو سوچي
هن کي هڪ خيال آيو. هن اهڙي ئي هڪ ٻي خالي ڳوٿري کڻي ان ۾ ڪن ڪچرو وجهي ڳري ڪري هن
ڏانهن ويو، هو ساڳي حالت ۾ بيٺو هو، هن جي ڀر وارو عملدار ساڳي طرح سان ئي ماڻهن
جي تلاشي وٺي رهيو هو. هو هن جي بلڪل ڀرسان پهچي بيهي رهيو. هن جي نظر آس پاس ڦري
رهي هئي، هڪ دفعو هن کي به ڏٺائين پر هن منهن ڦيرائي ڇڏيو، پوءِ جڏهن هن ٻئي پاسي ڏٺو
ته هن جلدي ۾ کانئس اها ڳوٿري کسي، ٻي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيائينس، پوءِ هو ريئو ڏانهن
آيو، هن جي پيٽ ۾ مس وڃي فرحت ٿي هئي، هلڻ چلڻ جي قابل ٿيو هو.
”هي
ڏسي بيوقوف مان هن کان ڪيئن ڳوٿري وٺي آيس. توکي هن سان ڳالهائڻ به نه پئي آيو،
صفا ڄٽ آهين، مون سان گڏ رهڻ جي قابل ناهين.“
”پر
باس.........“
”هاڻ
بڪواس بند ڪر هل پنهنجو ڪم ڪريون.“
”باس
اڃان ڇا ڇا گذرندو پاڻ تي؟“
”پٽ
هيءَ ته اڃا شروعات آهي.“
”ڇا
باس توهان جو مطلب آهي اڃا اسان پادر کائينداسين.“
”نه
منهنجو مطلب آهي ته تون ڪوبه فڪر نه ڪر، پنهنجي منزل ويجهو آهي، جيڪڏهن تون ائين
ئي محنت جاري رکي ته اسان پنهنجي منزل تائين تمام جلد پهچي وينداسين، پوءِ ان جو
جيڪو ڦل ملندي تنهن سان پنهنجي سڄي زندگي مزي سان گذرندي.“
”ييس
باس يو آر رائيٽ.“
”هان
هل مٿي هلون.“
هو ٻئي عمارت جي سيڪنڊ فلور تي پهتا، اتي ٿورا ماڻهو موجود هئا، بخشو ماڻهن
کان نظر بچائي هڪ هنڌ ڳوٿري رکي ڇڏي، پوءِ ڏٺائين بم ڦاٽڻ ۾ ويهه منٽ هئا.
”ريئو
ڀڄ هتان.“
ٻئي ڀڄندا ڏاڪڻ لهي ويا، ڊڪي ٻاهر پهتا، ٻئي سهڪي رهيا هئا.
”شڪر
آهي ڪم ته ٿي ويو، هاڻ هي عمارت ۽ هي ڪم بخت ماڻهو هوا ۾ اڏامي ويندا.“ بخشو ٿڌو
ساهه کڻندي چيو.
”مبارڪ
هجي باس.“
”اٽ
از آل ماءِ ڪريڊٽ چريا.“
”واپس
هلون باس؟“ ريئو ٿڌو شوڪارو ڀريندي هن کي چيو.
”ٿورو
آرام ڪريون، ڪهڙي جلدي آهي، بم ڦاٽڻ ۾ اڃا ارڙهن منٽ آهن.“
”انڪل
هي توهان جي آهي.“ ڪنهن ڇوڪري انهن کي سڏ ڪيو.
اهو آواز ٻڌي هنن هڪ جهٽڪي سان پوئتي ڏٺو، هڪ ڏهن ٻارنهن سالن جو ڇوڪرو
بيٺو هو، هن جي هٿ ۾ اها ڳوٿري هئي، جنهن کي اهي مٿي ڦٽي ڪري آيا هئا.
”هي
توهان جي آهي، توهان کان مٿي ڪري پئي هئي.“
اها ڳوٿري ڏسي ٻنهي جي سنڌ سنڌ مان ڪِيڪ نڪري ويئي، ڇوڪرو کين اها ڳوٿري ڏيئي
واپس هليو ويو.
”بيوقوف
تو اهو ڇا ڪيو، ڪنهن محفوظ جاءِ تي ڳوٿري رکڻ بجاءِ ان ڇوڪري کي ڏيئي آيو هئين.“
هن ريئو کي مٿي تي ٻه ٽي ٿڦڙون وهائي ڪڍيون، هن جو وجود ڏڪي رهيو هو، کيس الڪو هو
ته ڪٿي بم ڦاٽي نه پوي.“
”باس
مون ڪجهه نه ڪيو آهي اهو ته
........“
”۽ تو کان ڪجهه ٿيندو به نه، اچ هلون.“ بخشو اٿندي چيو.
”پر
ڪيڏانهن باس؟“ ريئو به اٿي پيو.
”هي
بم واپس رکڻ لاءِ.“
”عمارت
۾؟“
”ها
بيوقوف جلدي ڪر.“
هو ٻئي ڀڄندا عمارت جي ويجهو پهتا ۽ هڪ ٻئي طرف کان عمارت ۾ داخل ٿيا،
بخشو سيلف ڊفينس طور اهو بم ريئو جي حوالي ڪري ڇڏيو، هن اهو بم پنهنجي پاسي واري
کيسي ۾ وجهي ڇڏيو، ٻئي ساڳي جڳهه تي پهچي ويا.
”ريئو
ٻڌ! هاڻ ڪنهن به قسم جي غلطي نه ٿيڻ گهرجي.“
”اوڪي
باس!“
”هي
ڏس هينئر ماڻهو اسان ڏانهن ڏسي رهيا آهن، تون سامهون وڃي پنهنجي پوزيشن وٺ، جيئن
ئي ماڻهن جو ڌيان هيڏانهن هوڏانهن ٿيندو ته مان توکي اشارو ڪندس، تون پنهنجو ڪم ڪري
ڇڏجانءِ، پوءِ مان سيٽي وڄائيندس ته اسان هتان ڊوڙي ڀڄي وينداسين.“
”اوڪي
باس.“
”وڃ
ڦٽا ڦٽ.“
هو اتي بيهي رهيو، ريئو ٻي ڪنڊ وٽ هليو ويو، ٻه منٽ ٿيا ته بخشو کي تمام
سٺو موقعو نظر آيو، ماڻهو انهن ڏانهن بلڪل متوجهه نه هئا، هن ريئو کي اشارو ڪيو،
هن کيسي ۾ هٿ وجهي ڳوٿري ڪڍي هيڏانهن هوڏانهن ڏسي اها هڪ ٽيبل جي هيٺان رکي ڇڏي،
بخشو سيٽي وڄائي، ٻنهي وٺي ڊوڙ پاتي، ڀڄندي ڀڄندي عمارت مان نڪري هڪ لمحي ۾ ان
عمارت کان ڏور هليا ويا، بخشو ٽائيم ڏٺو، بم ڦاٽڻ ۾ ڏهه منٽ هئا.
هن هڪ زوردار نعرو هنيو.
”ڇا
ٿيو باس؟“ ريئو هن کان پڇيو.
”پاڻ
ڪامياب ٿي وياسين ريئو!“
”ييس
باس!“
انهن گرمجوشيءَ سان هڪ ٻئي سان هٿ ملايو.
”هاڻ
جلد واپس هل، هلي باس کي اها خوشخبري ٻڌايون ۽ کيس پنهنجو واعدو ياد ڏياريون.“
اهي ٻئي واپس هلڻ لڳا.
ڪافي دير کان پوءِ ريئو هن کان پڇيو ”باس هينئر اها عمارت تباهه ٿي چڪي
هوندي؟“
بخشو گهڙي ڏسندي وراڻيو ”نه اڃان هڪ منٽ اٿس.“
هن ايترو چيو ته ٽِڪ ٽِڪ ٿيڻ لڳي.
”باس
توهان جي گهڙي ٽِڪ ٽِڪ ڪندي آهي ڇا؟“
”خبر
نه آهي، اڳ ته ڪانه ڪندي هئي!“
”پوءِ
هينئر ڇو ٿي ڪري؟“
”اهڙي
ٽِڪ ٽِڪ گهڙي نه پر بم ڦاٽڻ وقت ڪندا آهن.“
”پوءِ
هتي بم ڪاٿي آهي؟“
”ڏس
بيوقوف اها ٽِڪ ٽِڪ ڪٿان ٿي اچي؟“
”بيهو
مان سمجهان ٿو هتان ٿي اچي.“ ريئو ائين چئي پنهنجي پاسي واري کيسي ۾ هٿ وجهي ڪا
شئي ڪڍي.
اهو ڏسي بخشو کان رڙ نڪري ويئي ”اڙي اهو ته ڳوٿري وارو بم آهي.“
”نه
باس هي اهو ڳوٿري وارو بم ناهي هي ٻيو ٿي سگهي ٿو ڇو ته هن تي ڳوٿري چڙهيل ئي ناهي.“
”ته
ان جو مطلب تون عمارت ۾ خالي ڳوٿري رکي آيو هئين........ بيوقوف .........
Comments
Post a Comment