Posts

پرانے دور کے والدین – نئے دور کے بچے

Image
پرانے دور کے والدین – نئے دور کے بچے فاروق احمد انصاری     ·       والدین اپنے بچوں سے اچھے نتائج چاہتے ہیں تاکہ وہ بچوں کی کارکردگی پر فخر کرنے کے ساتھ دوستوں اور رشتے داروں میں اپنے بچوں کی تعریف کرسکیں۔ ·       اسکولوں کے پرنسپلز اور ماہرینِ نفسیات سے بات کی گئی تو یہ سامنےآیا کہ والدین کی بچوں سے حد سے زیادہ توقعات بچوں کو ذہنی دباؤ کا شکار کردیتی ہیں، جس سے ان کی تعلیمی کارکردگی متاثر ہوتی ہے۔ ·       بچوں کو تعلیم حاصل کرنے کے ساتھ ساتھ کتابوں سے باہر کی زندگی گزارنے کی مہارتیں بھی سیکھنی ہوتی ہیں۔ ·       اگر والدین یہ چاہیں کہ جیسے انہوں نے اپنا بچپن گزارا یا پڑھائی کی، بچہ بھی ویسے ہی کرے تو اس سے مسئلہ سنگین ہوسکتاہے۔ ·       اگر بحیثیت والدین آپ اپنے بچوں کوکچھ سکھاناچاہتے ہیں تو آپ کو رول ماڈل بننا پڑے گا۔

اعتڪاف جو بيان

Image
احڪامِ روزه مؤلف حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله -------- اعتڪاف جو بيان ------- رمضان المبارڪ ۽ خاص طور تي ان جي آخري ڏهاڪي جي اعمالن مان هڪ اهم ترين عمل اعتڪاف ڪرڻ به آهي. اعتڪاف جي حقيقت هي آهي ته هر طرف کان يڪسوئي ۽ سڀني کان الڳ ٿي ڪري صرف الله پاڪ سان دل جو تعلق لڳائجي ۽ ان جي دروازي تي انسان ڪري پوي. ۽ سڀني کان الڳ ۽ جدا اڪيلائي ۾ ان جي عبادت ۽ ان جي ذڪر و فڪر ۾ مشغول رهي، ۽ ان جي عبادت جي لاءِ بهترين وقت رمضان المبارڪ ۽ خاص طور تي ان جو آخري عشرو ئي ٿي سگهي پيو تنهنڪري ان کي اعتڪاف جي لاءِ منتخب ڪيو ويو آهي .

رمضان ڪريم

Image
احڪامِ روزه مؤلف حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله -------- رمضان ڪريم ------- ڇا سحري ڪرڻ نيت جي قائم مقام آهي؟ مسئله: اگر ڪوئي شخص انهيءَ ارادي سان سحريءَ جي وقت اٿيو ته روزو رکندو ۽ کاڌائين پيتائين، مگر لفظن ۾ نيت نه ڪيائين ته تڏهن به روزو درست ۽ صحيح آهي ڇو جو نيت ارادي ڪرڻ جو نالو آهي، ۽ اگر سحريءَ جي وقت اٿي ڪري کاڌو کاڌائين ۽ هي ارادو نه هجي ته اڄ مون کي روزو نه آهي رکڻون ته سحري ڪرڻ اهو به روزي جي نيت ئي آهي. ۽ رمضان المبارڪ جي روزن جي نيت نصف نهار شرعي کان پهريون پهريون ڪري سگهجي ٿي ليڪن شرط هي آهي ته صبح صادق کان پوءِ ڪجهه به کاڌو پيتو نه ويو هجي. (الجوھرۃ النیرۃ کتاب الصوم ج 1 ص 104۔ مراقی الفلاح ص 374۔376)

روزي افطار ڪرڻ جي دعا

Image
احڪامِ روزه مؤلف حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله -------- روزي افطار ڪرڻ جي دعا ------- ارشاد نبوي ﷺ آهي : عَنۡ مَعَاذ، بۡنِ زُھۡرَۃَ اَنَّہٗ بَلَغَہٗ اَنّ النَّبِیَّ صلی اللہ علیہ وسلم   اِذَا اَفۡطَرَ قَالَ اَللّٰھُمَّ لَکَ صُمۡتُ وَعَلیٰ رِزۡقِکَ اَفۡطَرۡتُ۔ (سنن ابو داؤد شریف کتاب الصوم باب القول عند الافطار ج 1 ص 321۔ 322۔ فتاویٰ عالمگیریۃ کتاب الصوم الباب الثالث ج 1 ص 200) ”حضرت معاذ بن زهره تابعي رحه کان روايت آهي ته اهو چوي ٿو ته مون تائين اها ڳالهه پهتي آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن جڏهن روزو افطار ڪندا هئا ته چوندا هئا : اَللّٰھُمَ لَکَ صُمۡتُ وَعَلیٰ رِزۡقِکَ اَفۡطَرۡتُ (اي الله پاڪ مون تنهنجي لاءِ روزو رکيو ۽ تنهنجي رزق سان روزو کوليو ۽ افطار ڪيو . ) فهرست   Index

روزي افطار ڪرائڻ جو ثواب

Image
احڪامِ روزه مؤلف حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله -------- روزي افطار ڪرائڻ جو ثواب ------- ارشاد نبوي ﷺ آهي : عَنۡ زَیۡدِ بۡنِ خَالِدٍ قَالَ قَالَ رَسُوۡلُ اللہِ صلی اللہ علیہ وسلم   مَنۡ فَطَّرَ صَاءِماً اَوۡجَھَّزَ   غَازِیًا فَلَہٗ مِتۡلُ اَجۡرِہٖ (بیھقی شعب الایمان ج 4 ص 240۔ مسند احمد بن حنبل ج 5 ص 192۔ ترمذی شریف کتاب الصوم رقم الحدیث 807۔ سنن ابن ماجۃ کتاب الصام باب فی ثواب من فطر صاءماً) ”حضرت زيد بن خالد ؓ   کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن ارشاد فرمايو ته جنهن شخص ڪنهن روزيدار کي روزو افطار ڪرايو يا ڪنهن مجاهد کي جهاد جي لاءِ تيار ڪيو ۽ سامان ڏنو ته ان کي روزيدار ۽ مجاهد جيترو ئي ثواب ملندو . “ فهرست   Index

ڪهڙيءَ شئي سان روزو افطار ڪرڻ بهتر آهي؟

Image
احڪامِ روزه مؤلف حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله -------- ڪهڙيءَ شئي سان روزو افطار ڪرڻ بهتر آهي؟ -------   (1)   ارشاد نبوي ﷺ آهي : عَنۡ سَلۡمَانَ بۡنِ عَامِرٍ   قَالَ قَالَ رَسُوۡلُ اللہِ صلی اللہ علیہ وسلم   اِذَا کَانَ اَحَدُکُمۡ صَاءِماٍ فَلۡیُفۡطِرۡ عَلیٰ التَّمَرِ فَاِنۡ لَمۡ یَجِدِ التَّمَرَ   فَعَلیٰ الۡمَاءِ فَاِنَّ الۡمَاءَ طَھُوۡرٌ۔ (ترمذی شریف کتاب الصوم باب ماجاء یستحب علیہ الافطار ج 1 ص 87۔ 88 سن ابن داؤد شریف ج 1 ص 235۔ سنن ابن ماجۃ کتاب الصیام باب ماجاء علی ماستحب الفطر ص 123) ”حضرت سلمان بن عامر ؓ   کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته جڏهن توهان مان ڪنهن کي روزو هجي ته اهو کارڪن سان روزو افطار ڪري ۽ اگر کارڪون نه هجن ته پوءِ پاڻيءَ سان ئي روزو افطار ڪري، ان ڪري جو پاڻيءَ کي الله پاڪ طهور (يعني پاڪ ڪرڻ وارو) بڻايو آهي . “

افطاريءَ ۾ جلدي ۽ سحريءَ ۾ دير ڪرڻ گهرجي

Image
احڪامِ روزه مؤلف حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله -------- افطاريءَ ۾ جلدي ۽ سحريءَ ۾ دير ڪرڻ گهرجي -------   (1) ارشاد نبوي ﷺ آهي : عَنۡ اَبِیۡ ھُرَیۡرَۃَ   قَالَ قَالَ رَسُوۡلُ اللہِ صلی اللہ علیہ وسلم    قَالَ اللہُ تعالیٰ اَحَبَّ عِبَادِیۡ اِلَیَّ اَعَجَلۡھُمۡ فِطۡرًا۔ (ترمذی شریف کتاب الصوم باب ماجاء فی تعجیل الافطار ج 1 ص 88) ”حضرت ابو هريره ؓ   کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن ارشاد فرمايو ته الله پاڪ جو ارشاد آهي (يعني حديث قدسي آهي)ته پنهنجي ٻانهن مان مون کي اهي ٻانهان زياده محبوب ۽ پسنديده آهن جيڪي روزي افطار ڪرڻ ۾ جلدي ڪندا آهن (يعني سج لهڻ کان پوءِ بلڪل دير نه ڪندا آهن ۽ اهو ئي مسنون طريقو آهي ۽ بلاوجه روزي افطار ڪرڻ ۾ تاخير نه ڪرڻ گهرجي . )