Posts

ذوالحج جا روزا

Image
احڪامِ روزه مؤلف حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله -------- ذوالحج جا روزا -------   (1) ارشادنبوي ﷺ آهي : عَنۡ أَبِي هُرَيْرَةَ قَالَ قَالَ رَسُوۡلُ اللہِ صلى الله عليه وسلم قَالَ   مَا مِنْ أَيَّامٍ أَحَبُّ إِلَى اللَّهِ أَنْ يُتَعَبَّدَ لَهُ فِيهَا مِنْ عَشْرِ ذِي الْحِجَّةِ يَعْدِلُ صِيَامُ كُلِّ يَوْمٍ مِنْهَا بِصِيَامِ سَنَةٍ وَقِيَامُ كُلِّ لَيْلَةٍ مِنْهَا بِقِيَامِ لَيْلَةِ الْقَدْرِ   (ترمذی شریف کتاب الصوم مسلم شریف کتاب الصوم باب صوم عشر ذی الحجۃ ج 1 ص 372   ) ”حضرت ابو هريرة ؓ   کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته ڏينهن مان ڪنهن به ڏينهن ٻانهي جي عبادت ڪرڻ الله پاڪ کي ايتري محبوب ۽ پسنديده نه آهي جيتري قدر عشره ذي الحج ۾ محبوب آهي 

ايّام بِيض جا روزا

Image
احڪامِ روزه مؤلف حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله -------- ايّام بِيض جا روزا -------   (1) ارشاد نبوي ﷺ آهي : عَنۡ اَبِیۡ ذَرٍّ رضہ قَالَ    قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صلى الله عليه وسلم يَا أَبَا ذَرٍّ إِذَا صُمْتَ مِنَ الشَّهْرِ ثَلاَثَةَ أَيَّامٍ فَصُمْ ثَلاَثَ عَشْرَةَ وَأَرْبَعَ عَشْرَةَ وَخَمْسَ عَشْرَةَ (ترمذی شریف کتاب الصوم باب ماجاء فی صوم ثلاثۃ من کل شھر ج 1 ص 95۔ سنن نساءی شریف کتاب الصوم باب فی صیام ثلٰثۃ ایام من الشھر ج 1 ص 329۔ سنن ابن ماجۃ کتاب الصیام باب ماجاء فی صیام ثلاثۃ ایام من کل شھر ص 123۔ مسند احمد بن حنبل ج 4 ص 165۔ ج 5 ص 27 و 28۔ فتاویٰ عالمگیریۃ کتاب الصوم الباب الثالث ج 1 ص 201) ”حضرت ابو ذر غفاري ؓ   کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن مون کي فرمايو ته اي ابو ذر جڏهن تون مهيني جا ٽي روزا رکين ته پوءِ تون تيرهين، چوڏهين، پندرهين تاريخ جا روزا رکندو ڪر . “

هر مهيني ۾ ٽي نفلي روزا رکڻ ڪافي آهن

Image
احڪامِ روزه مؤلف حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله -------- هر مهيني ۾ ٽي نفلي روزا رکڻ ڪافي آهن -------   (1) ارشاد نبوي ﷺ آهي : عَنْ أَبِي قَتَادَةَ، اَنَّ رَجُلٌ أَتَى النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم فَقَالَ كَيْفَ تَصُومُ   فَغَضِبَ رَسُولُ اللَّهِ صلى الله عليه وسلم مِنۡ قَوۡلِہٖ فَلَمَّا رَأَى عُمَرُ    غَضَبَهُ قَالَ رَضِينَا بِاللَّهِ رَبًّا وَبِالإِسْلاَمِ دِينًا وَبِمُحَمَّدٍ نَبِيًّا نَعُوذُ بِاللَّهِ مِنْ غَضَبِ اللَّهِ وَغَضَبِ رَسُولِهِ ‏.‏ فَجَعَلَ عُمَرُ    يُرَدِّدُ هَذَا الْكَلاَمَ حَتَّى سَكَنَ غَضَبُهُ فَقَالَ عُمَرُ يَا رَسُولَ اللَّهِ   صلی اللہ علیہ وسلم كَيْفَ بِمَنْ يَصُومُ الدَّهْرَ كُلَّهُ قَالَ لاَ صَامَ وَلاَ أَفْطَرَ - 

شوال المڪرم جا ڇهه روزا

Image
احڪامِ روزه مؤلف حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله -------- شوال المڪرم جا ڇهه روزا ------- ارشاد نبوي ﷺ آهي : عَنْ أَبِي أَيُّوبَ الأَنْصَارِيِّ   ؓ   أَنَّ رَسُولَ اللَّهِ صلى الله عليه وسلم قَالَ   مَنْ صَامَ رَمَضَانَ ثُمَّ أَتْبَعَهُ سِتًّا مِنْ شَوَّالٍ كَانَ كَصِيَامِ الدَّهْرِ ‏ (مسلم شریف کتاب الصوم باب استحباب صوم ستۃ ایام من شوال اتباعاً لرمضان ج 1 ص 369۔ سنن ابن ماجۃ کتاب الصیام باب صیام ستۃ ایام من شوال) ”حضرت ابو ايوب انصاري رضھ کان روايت آهي پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته جنهن شخص رمضان المبارڪ جا روزا رکيا ان کان پوءِ شوال المڪرم جي مهيني ۾ ڇهه نفلي روزا رکيا ته ان جو اهو عمل هميشه روزي رکڻ جي برابر آهي . “ هن حديث شريف مان معلوم ٿيو ته جيڪو شخص رمضان المبارڪ جي روزن کان پوءِ شوال المڪرم جا ڇهه روزا رکي ته ان کي پوري سال جي روزن رکڻ جو ثواب ملندو يعني اهي ڇهه روزا پوري سال جي روزن رکڻ جي برابر آهن . شوال المڪرم جي ڇهن روزن جي لاءِ ضروري نه آهي ته اهي عيد الفطر کان پوءِ فورن ٻئي ڏينهن کان ئي رکڻ شروع ڪيا وڃن ۽ هي به ضروري نه آهي ته اهي رو

مُحرم جي عام ڏينهن ۾ روزن جي فضيلت

Image
احڪامِ روزه مؤلف حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله -------- مُحرم جي عام ڏينهن ۾ روزن جي فضيلت ------- ارشاد نبوي ﷺ آهي : عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ   رضى الله عنه    قَالَ قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صلى الله عليه وسلم ‏ أَفْضَلُ الصِّيَامِ بَعْدَ رَمَضَانَ شَهْرُ اللَّهِ الْمُحَرَّمُ وَأَفْضَلُ الصَّلاَةِ بَعْدَ الْفَرِيضَةِ صَلاَةُ اللَّيْلِ (مسلم شریف کتاب الصوم باب فضل صوم المحرم ج 1 ص 368) ”حضرت ابوهريرة رضھ کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته رمضان المبارڪ جي روزن کان پوءِ بهترين روزا الله پاڪ جي مهيني يعني محرم الحرام جي مهيني جا روزا آهن ۽ فرض نماز کان پوءِ سڀ کان بهترين نماز رات (يعني تهجد) جي نماز آهي . “ هن حديث شريف ۾ محرم الحرام جي مهيني جي نسبت الله پاڪ جي طرف ڪئي وئي آهي ان سان هن مهيني جي عظمت ۽ شرف و فضيلت کي ظاهر ڪرڻ مقصود آهي ورنه ته سڀئي مهينا الله پاڪ جا ئي مهينا آهن ۽ فتاويٰ عالمگيري ۾ تحرير آهي ته محرم الحرام جو روزو رکڻ مستحب آهي. (فتاويٰ عالمگير ڪتاب الصوم الباب الثالث ج 1 ص 202) فهرست   Index

ڏهين محرم سان گڏ نائين تاريخ جو به روزو

Image
احڪامِ روزه مؤلف حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله -------- ڏهين محرم سان گڏ نائين تاريخ جو به روزو -------   (1) ارشاد نبوي ﷺ آهي : عَنِ ابْنَ عَبَّاسٍ رضہ قَالَ حِينَ صَامَ رَسُولُ اللَّهِ صلى الله عليه وسلم يَوْمَ عَاشُورَاءَ وَأَمَرَ بِصِيَامِهِ قَالُوا يَا رَسُولَ اللَّهِ إِنَّهُ يَوْمٌ تُعَظِّمُهُ الْيَهُودُ وَالنَّصَارَى فَقَالَ رَسُولُ اللَّهِ صلى الله عليه وسلم لَءِنۡ بَقِیۡتُ اِلیٰ قَابِلٍ لَاَصُوۡمَنَّ الۡمَنَابِعَ۔ (مسلم شریف کتاب الصوم باب صوم یوم عاشوراء ج 1 ص 367 ) ”حضرت ابن عباس ؓ   فرمائي ٿو ته جنهن وقت پاڻ ڪريم ﷺ جن عاشوري (يعني ڏهين محرم الحرام) جو روزو رکيو ۽ 

عاشوري جي روزي جي فضيلت

Image
احڪامِ روزه مؤلف حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله -------- عاشوري جي روزي جي فضيلت -------   (1) ارشاد نبوي ﷺ آهي : عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ ـ رضہ قَالَ مَا رَأَيْتُ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم يَتَحَرَّى صِيَامَ يَوْمٍ فَضَّلَهُ عَلَى غَيْرِهِ، إِلاَّ هَذَا الْيَوْمَ يَوْمَ عَاشُورَاءَ وَهَذَا الشَّهْرَ ‏ يَعْنِي شَهْرَ رَمَضَانَ ۔ (بخاری شریف کتاب الصوم باب صیام یوم عاشوراء ج 1 ص 368۔ مسلم شریف کتاب الصوم ج 1 ص 367۔ سنن ابن ماجۃ کتاب الصیام باب صیام یوم عاشوراء ص 125 ) ”حضرت عبدالله ابن عاس ؓ   کان روايت آهي ته مون نه ڏٺو ته پاڻ ڪريم ﷺ جن ڪنهن فضيلت واري روزي جو گهڻو زياده اهتمام ۽ فڪر ڪندا هجن سواءِ هن ڏينهن يعني يوم عاشوراء جي ۽ سواءِ هن رمضان جي مهيني جي . “