Posts

Showing posts with the label Poetry

غزل - وفا عنايت رستماڻي

Image
هن سنڌ سموريءَ تي احسان قلندر جا، تون مان نه رڳو ڪيئي مهمان قلندر جا . هي وڻ به نچن پيا ٿا مستي ۾ لڏن پيا ٿا، منظر به ڏسون ڪهڙا سڀ شان قلندر جا . جي جان ڏئي پنهنجي بي جان بڻيا آهن، سي جان قلندر جا بي جان قلندر جا . نعرا به هڻا پيو ٿو پرچم به لڏايان ٿو، پُختا ٿا ٿين شايد ايمان قلندر جا . وفا عنايت  رستماڻي

”منقبت قلندر شهباز“ - يامين غمگين ٻٻر

Image
    ڇا شان لکان تنهنجو   اي شهباز قلندر ! آ تنهنجي نه عظمت جو ڪو انداز قلندر ! غوّاص آهين بحر شريعت ۽ طريقت، معلوم ڪرين ٿو تون ڳجها راز قلندر ! آ شان ڪيو تنهنجو خداوند تعاليٰ، دنيا جي ولين ۾ سرافراز قلندر ! اوڀر اتر اولهه ۽ ڏکڻ زير ۽ بالا، هر هنڌ سندءِ شان جو آواز قلندر ! مستيءَ ۾ اچي باهه ۾ رقص ڪيو تو، تون آهين رههِ عشق ۾ جانباز قلندر ! سيوهڻ کي ملي تنهنجي اچڻ ساڻ سعادت، ٿي سنڌ ڪري تو تي سدا ناز قلندر ! من مست ٿي مولا جي محبت ۾ وڄن ٿا، درگاهه تي وحدت جا سوين ساز قلندر ! هيءَ خلق سموري آ سندءِ در تي سوالي، آ ربّ ڏنو توکي هي اعزاز قلندر ! يامين کڻي آيو آ فرياد اوهان وٽ، غمگين جو مڃ عرض ۽ ايلاز قلندر ! جي ملڪ جا اڳواڻ انهن کي ڏي هدايت، چرٻٽ جي اچن چال کان هو باز قلندر ! يامين غمگين ٻٻر

قلندر - اسلم منصور دائود پوٽو

Image
سنڌ سان پيار چاهيون ٿا قلندر ! وطن جو وقار چاهيون ٿا قلندر محبت ۽ امن گهرون ٿا اسين، ايڪي جو اظهار چاهيون ٿا قلندر ! اسان شاهه ڀٽائي جي دعا سان، سنڌ ۾ سڪار چاهيون ٿا قلندر ! سنڌ مان غربت جي خاتمي لاءِ . اسين روزگار چاهيون ٿا قلندر ! ويرانين ۽ اجڙيل بهارن ۾ اسين، گل و گلزار چاهيون ٿا قلندر ! هوائن جي هٻڪارن سان اسين، موسمِ بهار چاهيون ٿا قلندر ! سنڌين جو ڪوس بند ڪرڻ لاءِ، هوشوءَ جي للڪار چاهيون ٿا قلندر ! امن جي پيغام ڏيڻ جي لاءِ، پڙهڻ اشعار چاهيون ٿا قلندر ! ماڻهپي ۽ محبتن جي لاءِ اسلم، شفقتون سهڪار چاهيون ٿا قلندر ! اسلم منصور دائود پوٽو

سخي دربار تنهنجو در قلندر! - عاشق دادوي

Image
سخي دربار تنهنجو در قلندر ! نظر پنهنجي اسان تي ڌر قلندر ! رسولِ پاڪ جي گلشن جو گل هين، ولين اوليائن ۾ املهه هين، ڪري پرواز عرشن تي پڳل هين، شهيد ڪربلا جي رنگ رنگيل هين، تنهنجو رهبر علي حيدر قلندر ! اسان جي دانهن سڻ سيد سيوهاڻي، نڪي بجلي نڪي آ دال پاڻي، ٿيا بدتر آهيون قيدن کان هاڻي، هڻن گوليون ٿا دهشت گرد تاڻي، صفايو ظالمن جو ڪر قلندر ! پنهنجيءَ ڌرتيءَ تي ويڳاڻا ڦرون ٿا . ڳڀي ڳولا ۾ ٿي ساڻا ڦرون ٿا، ڪڏهن ٿاڻا ڪڏهن گهاڻا ڦرون ٿا، ٿي چريا چپ ڪري سياڻا ڦرون ٿا، وسيلو واهرو ٿي ور قلندر ! ڪري پرواز پروانا پڇن ٿا، مچي مچ تي نچي نانگا نچن ٿا، عجب مشاق ۽ عارف اچن ٿا، سدائون دادوي عاشق هڻن ٿا، ڏي دلبر دان جهوليون ڀر قلندر ! سخي دربار تنهنجو در قلندر ! نظر پهنجي اسان تي ڌر قلندر ! عاشق دادوي

منهنجي منزل پيار قلندر - غلام حيدر ”گهائل“ لغاري

Image
منهنجي منزل پيار قلندر، ٻيڙو منهنجو تار قلندر ! ڇالئه ڀُلبو ڇالئه رُلندو، تنهنجو پيروڪار قلندر ! جيون سارو اجڙيل آهي، تون تقدير سنوار قلندر ! مون کي تنهنجي ٻاجهه کپي ۽، محبت آ درڪار قلندر ! نس نس تنهنجو نانءُ سمايل، توکي سڏيان هر وار قلندر ! تنهنجي در تي آيو آهيان، قدمن ۾ ويهار قلندر ! قدرت جا سڀ رنگ هتي هن، پيارو هي سنسار قلندر ! ڌاريا بُڇڙا ٿيئڻا آهن، ڀونءَ جا دعويدار قلندر ! “ گهائل” جو بس عرض اهو آ، سنڌ جي لهجان سار قلندر ! غلام حيدر ”گهائل“ لغاري

منقبت - دانش ملاح دادوي

Image
سخي شهباز در تنهنجي جهڪيل سارو جهان ڄاتم، ورائين ڪين ٿو خالي سخاوت هي عيان ڄاتم ! شريعت جو طريقت جو تون واقف آن حقيقت جو، الاهي راز جو تو ۾ سمايل داستان ڄاتم ! سوا لک اوليا آهن هتي مدفون سيوهڻ ۾، انهن ۾ تنهنجي اي سائين چٽو نالو نشان ڄاتم ! قلندر ٻيا به ٻڌجن ٿا جن تنهنجو مقام آهي، مٿان تو مير مروندي خدا کي مهربان ڄاتم ! ستايل ڪيئي سورن جا ڏٺم درگاهه تنهنجي ۾، انهن جي روح لئه راحت سندءِ هي آستان ڄاتم ! زيارت ٿو ڪيان تنهنجي لهن ٿا من تان مونجهارا، اوهان جي ياد کي مرشد حيات جاودان ڄاتم ! هئي جا ظلم جي ننگري ڪئي تو پاڪ ڏوهن کان، سچو اسلام جو توکي قلندر پاسبان ڄاتم ! سخي لجپال تون هر حال مون تي ڀال ڪر پنهنجا، سڻو احوال دانش جا اوهان کي رازدان ڄاتم !   دانش ملاح     دادوي

ميلي ۾ به اڪيلو - عبدالجبار ”جوش“

Image
تنهنجي ميلي ۾ به اڪيلو آيو آ ڪو شخص اويلو ڇرڪي بيٺل سواريءَ کان ٿو . يا ته ڊڄي ڪنهن مارئي کان ٿو مست قلندر لعل قلندر تنهنجي اُجري ننگري اندر جاءِ ڪٿي ڪا تاڙي پيو ٿو . خيالن جي کٽ واڻي پيو ٿو . هن کي ماني ڀور کپي ٿو . پاڻي يا ڪجهه اور کپي ٿو ! راهه مسافر اُلجهي پيو آ يا گهر پنهنجو ڀُلجي پيو آ . هن کي ڪو گهر ٻار به هوندو پٺ تي الڪو ڌار به هوندو . ها پر مون کي اِيئن لڳي ٿو . ڀاءُ سڳو پيو جيئن لڳي ڪو . آهي ڌرتي ديس به ساڳيو . ٽوپي اَجرڪ ويس به ساڳيو . سنڌڙيءَ جا شهباز قلندر هن کي ڏي آواز قلندر . ”جوش“ نه هن کي هوش نه هُن کي . هن سان ڪائي ويڌن آهي . تنهنجي ميلي ۾ به اڪيلو . آيو آ ڪو شخص اويلو . عبدالجبار ”جوش“

غزل - ساجد چانڊيو

Image
قلندر تنهنجي نگريءَ ۾ سڄو سنسار مي رقصم، اسان جي پرت مي رقصم، اسان جو پيار مي رقصم . منهنجي رڳ رڳ ۽ منهنجو روح سؤ بار مي رقصم، منهنجي دل پاڻ مي رقصم ۽ ڌڙڪڻ ڌارمي رقصم . اکين ۾ آرزو ۽ التجا اظهار مي رقصم، ڌما ڌم ديد مي رقصم ۽ دم ديدار مي رقصم . اڃارا ۽ بکارا سڀ يقينن ڍاپجي ويندا، قلندر مست کي آهي، ڪٿي انڪار مي رقصم . اکين کي چين ملندو آ، دکي دل جهومندي آهي، دلاسا ڏيندو آهي حيدري حبدار مي رقصم . متان مايوس ٿي پئي ڪو، متان ڪو دل ڪري ننڍڙي، بلاشڪ آ قلندر جو، بلند معيار مي رقصم . اسان جي سنڌ جو آهي مٿيرو مان او “ساجد ” ، رهيو آ هت سدائين پيار جو وهنوار مي رقصم . ساجد چانڊيو

بحضور حضرت لعل شهباز قلندر رحه : خاور قبولائي

Image
قلندر تنهنجي نگريءَ تي اچن ٿا تنهنجا ديوانا، اُتر کان، لاڙ کان ڪاڇي ڪنڌيءَ کان مست مستانا . تنهنجي در تي ملنگ تنهنجا سڀيئي آ سوند آهيون، ڀري ڏي جهوليون گنج مان پنجن پاڪن جا پروانا . ڌمالون ٿا هڻن تنهنجي صحن ۾، عَلَمَ جي هيٺان، ڪيئي فنڪار تنهنجي شان جا ڳائيندي دوگانا . قلندر لعل تنهنجا ڀال، ٿيا ها بودلي سان جيئن، ائين ئي پنهنجي ديوانن اڄوڪن کي به ڏي معنيٰ . اسان کي سنڌ جو اونو سدائين ٿو رهي لعلڻ، بخاريءَ ڳالهه وانگر ڪيئن سهنداسين ڀلا طعنا . عليءَ اولاد مان آهين، قلندر لعل سيوهاڻي، تڏهن ٿي مست خاور هت نچن ٿا ڏاڏا ۽ نانا . خاور قبولائي

سخي لعل شهباز قلندر : همراز ڀٽي

Image
سخي لعل شهباز قادر قلندر، لڳي تنهنجو نعرو ٿو جهر جهنگ قلندر ! نبي جو به دلبر علي جو به دلبر، حسيني ۽ حسني برابر قلندر ! جهان ۾ بڻيا ڪل قلندر اڍائي، مليو سنڌڙيءَ کي سراسر قلندر ! مڪان لا مڪان تي آ پرواز تنهنجو، تون آلِ پيغمبر قلندر قلندر ! اُتر، لاڙ، ڪاڇي سڄي سنڌ وارن، سڀن تي ڪرم جي نظر ڌر قلندر ! سنڌوءَ کي سڪائڻ جا سعيا ٿين پيا، هلي آ اچي ڪر ڪا واهر قلندر ! هجي سنڌ سائي ٿين ڊيم رد سڀ، صدائون هي پوريون سگهو ڪر قلندر ! ستارن جي جهرمر به شرمائجي ٿي، ڏسي تنهنجي ميلي جا منظر قلندر ! الائي ته ڪهڙي جهٽيو باز بڇڙي، اڏايم امن جو ڪبوتر قلندر ! هي همراز تو سان سلي سور ڪهڙا؟ تون ڄاڻين ٿو بهتر کان بهتر قلندر ! همراز ڀٽي