Posts

Showing posts with the label Molana Abdul Ghafor Qasmi

مولانا عبدالغفور قاسمي - جوهر بروهي - هيرو لال ونڌين جي

Image
مولانا عبدالغفور قاسمي Molana Abdul Ghafor Qasmi (تعارف ۽ خدمتون) ---------------------- جوهر بروهي هيرو لال ونڌين جي ---------------------- جوڳي جڳ ڇڏي، پُريا پورب پنڌ ڏي لاهوتي لطيف چئي هليا لعل لڏي والله يدعواليٰ   دار السلام، صاحب سڀن سڏي هَئي هئي هن هڏي همه کي حيران ڪيو، (ڀٽائي) پر اهو ڊسمبر جو مهينو هو. وقت جي ولي ۽ حضرت لاهوري جي فيض جو نمائيندو. صاحب ولايت عزيمت اسان جي دور جا شيخ محترم سائين محمد حسن صاحب شاهپور چاڪر وارا وڇڙي ويا. سنڌ اندر هزارن دلين جي ڌرتي ڌڏي ويئي. ساڃاهه وندن جي ساهن ۾ سڏڪا ۽ اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا وڻجارن وري، پرهه پڳه ڇوڙيا اوليون پسي ان جون پيئڙم ڳچ ڳري ويندس ماءِ مري ساري سامونڊين کي “ڀٽائي” هن واقعي کان ڪجهه ڪلاڪ پوءِ اوچتو اوچتو بظاهر بنا ڪنهن بيماري جي اصل هشاش بشاش منهنجو ننڍو ڀاءُ عبدالڪبير اختر وڇڙي ويو. اسان جي گهر ۾ قيامت ڀرپا ٿي وئي. هو نه رڳو اديب ۽ شاعر هو. پر مدرسي ۽ مسجد جي ڪم ۾ منهنجو ٻانهه ٻيلي ۽ منهنجي ادبي ڪم جو ساٿاري هو. هن حادثي نه رڳو دل کي بي ترتيب ڪري ڇڏيو. پر حوصلو ته ڇهيون ڇهيون ٿي ويو.

مولانا عبدالغفور قاسمي - حافظ محمد شريف ڀٽي نوابشاهه

Image
مولانا عبدالغفور قاسمي Molana Abdul Ghafor Qasmi (تعارف ۽ خدمتون) ---------------------- حافظ محمد شريف ڀٽي نوابشاهه ---------------------- شيخ الحديث سائين عبدالغفور قاسمي رحه جو وڇوڙو .. اڀرندي پرين جي نه پسنديون جاني جدا ٿي وئين ٻٽا پائي بَک گهوريان توتان لک جي موٽي پوين مٺڙا هي ڪائنات جيڪا فنا جي مٺ   ۾ بند آهي، اها پنهنجي رفتار سان اصلي ماڳ ڏانهن سفر ۾ مصروف آهي. هر شيءِ فنا ٿيڻي آهي، بقا فقط رب جي ذات کي آهي. انبياء ڪرام به موت کان آزاد نه آهن. موت اٽل حقيقت آهي.   اللھ یتوفی   الانفس حین موتھا الله ئي آهي جيڪو اسان جي روحن کي قبضي ۾ ڪري ٿو

مولانا عبدالغفور قاسمي - حافظ محمود راجه

Image
مولانا عبدالغفور قاسمي Molana Abdul Ghafor Qasmi (تعارف ۽ خدمتون) ---------------------- حافظ محمود راجه ---------------------- شيخ الحديث مولانا عبدالغفور قاسمي سجاولي سجاول شهر صوبو سنڌ ۽ سڄو ملڪ پاڪستان مسلم امت هڪ جيد بزرگ عالم دين عظيم شيخ الحديث ۽ مجاهد شخص جي زندگي جي برڪات کان محروم ٿي ويا. انا لله وانااليه راجعون شيخ الحديث مولانا عبدالغفور صاحب قاسمي (المعروف سائين قاسمي) جي نالي کان ڪير ناواقف هوندا؟ سائين قاسمي صاحب جي پيدائش 1361هه مطابق 1942ع ۾ سجاول شهر جي ويجهو گجو ڳوٺ ۾ ٿي. سائين قاسمي صاحب جا استاد مولانا نور محمد سجاولي، مولانا عبدالله ميمڻ ... مولانا محمد نور، مولانا حبيب الله سمون صاحب هئا. سائين قاسمي صاحب دورو حديث جو بنوري ٽائون ڪراچي جي مدرسي عربيه اسلاميه ۾ پڙهيو.

مولانا عبدالغفور قاسمي - مولانا محمد يعقوب خاصخيلي ميرپورخاص

Image
مولانا عبدالغفور قاسمي Molana Abdul Ghafor Qasmi (تعارف ۽ خدمتون) ---------------------- مولانا محمد يعقوب خاصخيلي ميرپورخاص ---------------------- استاذ العلماء موت جي قانون کان ڪو نبي پير پيغمبر يا ولي به بچي نٿو سگهي، نه عالم نه جاهل نه نيڪ نه بد نه مومن نه ڪافر نه شاهه نه گدا پنهنجي پنهنجي وقت تي سڀئي ويا ۽ سڀني کي وڃڻو آهي، پر وڃڻ وارن مان ڪجهه اهڙا خوش بخت به هوندا آهن، جن جي ڪري زندگي انهن جي قدمن جا نشان ڳوليندي انهن جي نور مان روشني حاصل ڪندي آهي، ڪيترائي ماڻهو زندگي مان دار بقا ڏي راهي ٿين ٿا مگر دنيا جي نقشي تان خواب وانگر ميسارجيو وڃن جڏهن ته ڪي مردان حق ۽ اصاحب عزيمت اهڙا به آهن جيڪي بعد از مرگ به زنده رهن ٿا. سندن حياتي جو هر لمحو آئينده انسان لاءِ قنديل بڻجيو وڃي ۽ انهن جا اقوال ۽ ارشادات جو هر لفظ دلين ۾ ايمان ۽ ايقان جو شعلو فروزان ڪندو رهي ٿو، شرافت انهن تي ناز ڪندي آهي، محبوبيت انهن کي ڏسي ڏسي پنهنجا وار نسواريندي آهي، علمي معاشرو انهن جي وڻندڙ ۽ من موهيندڙ وجود سان گل و گلزار  بڻجيو وڃي ڦٽيل دليون انهن جي ديدار سان دارون هٿ ڪندا آهن، بيوس