نئين دور جا نوان سبق (سبق ڏهون) - ادل سومرو
سبق ڏهون پ ـــ پاڻي پاڻيءَ جي ڪهاڻي تمام پراڻي آهي. پاڻيءَ سان اسان سڀني جي پڪي دوستي آهي ۽ ان کانسواءِ اسان جو چاڙهو ڪونهي. جڏهن اُڃ لڳندي آهي تڏهن پاڻي پيئبو آهي. ڪي ماڻهو وري خوامخواه پاڻي پيئندا ۽ هاريندا آهن. پاڻي جيئن ته قدرت طرفان اسان کي مفت عنايت ٿيل آهي، تنهن ڪري اسان کي اُن جو قدر ڪونهي. مفت جي شين جو قدر ڪونه ٿيندو آهي . پئسي وارا ماڻهو، اونهاري ۾ اُڃ لڳڻ مهل قسمين قسمين ٿڌا رنگين شربت واپرائي پنهنجي اُڃ اُجهائيندا آهن. گرميءَ سبب برف پوش پهاڙن ڏانهن تفريح ڪرڻ هليا ويندا آهن ۽ ڏوڪڙن کي پاڻيءَ وانگر خرچ ڪندا آهن. پورهيت ماڻهو ڪارين اُسن ۽ هڏ هڻندا آهن ۽ پگهر ۾ پاڻي ٿي ويندا آهن. اُڃ لڳڻ مهل کين ٻاڙو پاڻي نصيب ٿيندو آهي. گهڻي محنت ڪرڻ اُنهن جي حالت اسان جن پرائمري اسڪولن جهڙي ٿي ويندي آهي. پورهيت وانگر پرائمري اسڪول به هر قسم جي سهولت کان محروم هوندو آهي. پرائمري اسڪولن ۾ اڪثر ڪري بجلي نه هوندي آهي تنهن ڪري ٻارڙا ويچارا اونهاري ۾ پگهر ۾ غوطا کائيندي سبق پڙهندا آهن، جنهن ڪري کين ڪجهه به سمجهه ۾ نه ايندو آهي. وري جڏهن ٻارڙا اسڪول جي سينور لڳل مٽن مان ٻاڙو پا