امتحان دوران لوڊ شيڊنگ بابت ايڊيٽر ڏانھن درخواست


بخدمت جناب ايڊيٽر صاحب
روزاني 1 ـ س  ـ و
ڪراچي

جناب اعليٰ!

سائين اسان جا امتحان ھلي رھيا آھن تنھن ڪري چند سٽون، پنھنجي نامور اخبار جي ڪالمن ۾ شائع ڪري اسان شاگردن ۽ شاگردياڻين تي احسان ڪندا.

سائين عرض آھي ته مئي مھيني ۾ اسان جا امتحان ٿي رھيا آھن. ان مھيني ۾ ڪراچي ۾ گھڻي گرمي ٿيندي آھي ۽ K.E.S.C وارن جو اھو حال آھي جو وري وري بجلي بند ڪري اسان جي پڙھائي ۽ لکائيءَ جو ستيا ناس ڪري ڇڏيندا آھن.

سائين توھان جي نامور اخبار وسيلي K.E.S.C وارن کي گذارش ٿي ڪجي ته امتحانن دوران شھر جي بجلي بند نه ڪئي وڃي. اسان شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اميد آھي ته اختياري وارا اسان جي ڳالھ ٻڌي ان تي عمل ڪندا ۽ اسان کي شڪريو جو موقعو ڏيندا.


تاريخ
18 مئي 2019ع
فقط
ڪراچيءَ جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون





Back to Index

Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت