ريلوي اسٽيشن ماستر جي نالي ريل گاڏيءَ ۾ خاص گاڏي لاءِ گُھر


ڪراچي سٽي ريلوي اسٽيشن.
خدمت ۾ جناب اسٽيشن ماستر صاحب

جناب اعليٰ:

عرض ته اسان جي خاص 30 شاگردن جي ٽيم، موھن جو دڙو گھمڻ لاءِ لاڙڪاڻي وڃڻ جو پروگرام رٿيو آھي. اسان ھتان 20 جون تي نڪرنداسين. مھرباني ڪري 20 جون تي بولان ميل ۾ سيڪنڊ ڪلاس جي ھڪ بوگي اسان لاءِ مخصوص ڪرائجو، جنھن ۾ 30 ڄڻن جي سيٽن جي گنجائش ھجي.

انھي سان گڏ ريلوي کاتي طرفان شاگردن لاءِ جيڪا ڀاڙي جي رعايت مليل آھي. انھي رعايت جي به اسان سان مھرباني ڪئي وڃي ان جي لاءِ ريلوي طرفان مقرر ڪيل فارم ڀري جناب ھيڊ ماستر صاحب جي تصديق سان، ھن درخواست سان گڏ خدمت ۾ عرض رکجي ٿو.

تاريخ: 3 جون 2018ع



اوھان جو مخلص،
نورل شاگرد اين. جي. وي
ھاءِ اسڪول ڪراچي.





Back to Index

Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت