دوست جي خط جو جواب


فقير جو پڙ حيدرآباد
1 فيبروري 2019ع

سدا خوش ھجو
دوست مھربان عمر خان
اسلام عليڪم:

اوھان جو پريت نامو شفا جو پيغام بنجي آيو، ۽ انھي کي پڙھي ايتري ته خوشي ٿي جيڪا بيان ڪرڻ کان ٻاھر آھي اوھان جي دلداري ۽ ھمت افزائي جي ڪري منھنجي اڌ بيماري ته ھلي ويئي ۽ منھنجي دل ۽ دماغ ۾ حيرت انگيز سگھ ۽ سرھائي محسوس ٿي. اوھان جي سچي دوستي ۽ دلي تعلق جيڪا منھنجي دل تي مُھر ھنئي آھي، انھي احسان کي سڄي زندگي ۾ ڪڏھن به نه وساري سگھندس. ادا سائين! اخلاص ۽ محبت زندگيءَ جو روح آھن. جن جي وسيلي دوستيءَ جو رشتو مضبوط رھي ٿو.

الله تعاليٰ جي فضل سان ۽ اوھان ڀائرن جي دُعا سان ھاڻي ڪافي صحت ۾ اضافو ٿي رھيو آھي. البت اڃا ڪمزوري باقي آھي اوھان جي دعوت اکين تي، جيئن ھيءَ ڪمزوري ختم ٿئي ته خدمت ۾ اچي حاضر ٿيندس.

اوھان جو پيارو دوست
يوسف




Back to Index

Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت