انسانيت ھدايت جي تلاش ۾ - نور احمد لُنڊ - صفحو 2
انسانيت
ھدايت جي تلاش ۾
نور
احمد لُنڊ
صفحو 2
انسان جڏھن ھن
رنگا رنگي ۽ طلسماتي دنيا ۾ اک کولي ٿو ته ھُو. پنھنجي چوڌاري ھڪ نگارخانھءِ حيرت
کي ڏسي ٿو. سطح زمين جون حدود فراموش وسعتون، اڻ کٽ فضا، سامھون ھڪ خوفناڪ سمنڊ
جنھنجي وسعت جو ڪو انت ڪونھي، ساڄي، کاٻي دھشت انگيز ديوھيڪل پھاڙن جو عظيم سلسلو،
مٿي ري ٿوڻين، ري ٿنڀين ھڪ معلق ۽ مھيب ڇت، افق جي ھن پار کان ھر روز صبح جو ھڪ آتشين
انگاري جو نمود ۽ ھر شام شفق جي جھوليءَ ۾ ان جو غروب ٿيڻ، ڪائنات جا دلفريب و
دلڪش ۽ خوفناڪ و دھشتناڪ منظر، ڪھڪشان جون رنگينيون ۽ چنڊ جو ساغِر نور. ھي اھو
طلسم آھي جنھن کي جڏھن انسان ڏسي ٿو ته سندس اکيون کليل جون کليل رھجي ٿيون وڃن.
ھُو حيراني ۽ سوچ ويچار جي عالم ۾ گم ٿي وڃي ٿو ته ڪائنات جو ھي عقل کي حيران ڪندڙ
سلسلو ڇا آھي. زمين ڪٿان آئي. سج ڪٿان اچي ٿو ۽ ڪاڏي وڃي ٿو. ھي چنڊ، ھي تارا، ھي
درياھ، چشما، ڍنڍون، جھنگ، ٻيلا ۽ سمنڊ ڪيئن وجود ۾ آيا. ھي اھي سوال آھن جيڪي بار
بار انسان جي سامھون اچن ٿا ۽ ھر دفعي ھن کي ھڪ نئين حيرت جي عالم ۾ ڇڏي وڃن ٿا ۽
ھُو اڃا تائين اھو مسئلو حل ڪري نه سگھيو آھي.
حافظ شيرازي ان
صورتحال جي عڪاسي ھنن لفظن ۾ ڪري ٿو:
’’درد ہر طرف کہ رفتم جذ حیرتم ینفزود،
فریاد زین بیابان و زراہ بی نھایت‘‘
معنيٰ: (جيڏانھن به
نظر کنيم ۽ ويس ته سواءِ حيرت ۾ واڌاري ٿيڻ جي ڪجھ معلوم نه ٿيم. اھڙي بي انت صحرا
۽ اڻ کٽ رستي تي ھلڻ بعد دانھن نڪريو وڃي.)
در اصل ھي اھو
مقام آھي جتان مختلف مذھبي، اقتصادي، سياسي ۽ سائنسي فلسفن ۽ نظرين جنم ورتو آھي ۽
اڄ مختلف فلسفن ۽ نظرين جو ھڪ سيلاب آھي جنھن ۾ ماڻھو انڌا ڌنڌ لڙھندا ٿا وڃن پر
انسان اڄ تائين پنھنجي وجود جي تخليق ۽ اسرار جي راز کي سمجھي نه سگھيو آھي. اڄڪلھ
نظريا (ISMS) چو طرف فيشن جو ڏيک ڏيئي رھيا آھن جيڪي امن
آڻڻ جي بدران مورڳو فساد جا ڪارڻ بڻجي پيا آھن. زندگي ھڪ سرار راز ۽ ڳجھ آھي. علم
(Science) ۽ حڪمت (Philosophy) جي سمورين ترقين جي باوجود ھي راز ھن مھل
تائين بي نقاب ۽ بي حجاب نه ٿي سگھيو آھي. ھر شخص پنھنجي طبيعت ۽ صلاحيت مطابق
زندگيءَ جي راز کي سمجھڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آھي. ماديت پرستن جو چوڻ آھي ته سڄي
ڪائنات جو اصل مصدر ۽ منبع مادو آھي. مادي کي تبديل ۽ تحليل ڪيو ويو ته ھي حيرت ۾
وجھندڙ جھان وجود ۾ آيو. مادي تصورِ حيات (Materialistic
Concept of Life) کي
مڃيندڙن جو چوڻ آھي ته انسان فقط پنھنجي طبعي جسم (Physical body) سان عبارت آھي جيڪو طبعي قوانين موجب وجود ۾ اچي ٿو. انھيءَ ئي
قانون موجب سرگرم عمل رھي ٿو ۽ انھيءَ مطابق ئي آخرڪار ختم ٿي وڃي ٿو. ھن فلسفي
ماديت يا دھريت جا پوئلڳ ظاھري حواسن ذريعي معلوم ٿيندڙ اجسام کي حقيقت سمجھي، ان
کانسواءِ فھم ۾ نه ايندڙ ۽ نامعلوم اشياءَ جي وجود کان انڪار ڪري زندگي ۽ انسان
سان واسطو رکندڙ ڳالھين کي مادي جون مختلف صورتون سمجھي ساري معلومات کي ان تائين
محدود ڪيو ويٺا آھن ۽ انھيءَ ئي بيناد تي زندگي گذارڻ جا مختلف فلسفا ۽ نظريا
جوڙيا اٿن جيڪي پنھنجي جوھر ۾ اڻ مڪمل ته چئي سگھجن ٿا پر استحصالي نھ. جيڪي
پنھنجي (جوھر) ۾ اڻ مڪمل ته چئي سگھجن ٿا پر استحصالي نه. اشتراڪيت (Communism) جي حامين جو خيال آھي ته دنيا جي ڪروڙين اربين انسانن جي غربت،
جھالت، پست حاليءَ جو ڪارڻ جاگيرداري ۽ سرمايادارانه نظام آھي. انھيءَ نظام ھيٺ ھڪ
اقليتي گروھ يعني مستقل مفاد عنصرن جو ھڪ ٽولو ھڪ وڏي اڪثريت يعني عوام جو استحصال
ڪري ٿو لھٰذا ملڪ جي جملي پيداوار جي ذريعن، پئسي ۽ ورھاست تي پورھيت عوام جي
نمائندھ حڪومت جو اختيار ٿيڻ گھرجي جيڪي ان جي اھڙيءَ طرح ورھاست ڪن جيئن بک، بيروزگاري، جھالت سڀ ختم ٿي وڃن. ھن نظرئي جي
حمايت ۾ اشتراڪي (Communist) ماده پرست فلسفي کان مدد وٺن ٿا. جڏھن جو
انھن جي مقابلي ۾ جاگيردارانه ۽ سرمايه دارانه نظام جا حامي چون ٿا ته زبردستي نجي
ملڪيت کي ختم ڪرڻ سان ۽ ھٿرادو طريقي سان ماڻھن کي ھڪجھڙو يا برابر ڪرڻ سان تصادم
جو خطرو آھي ڇاڪاڻ ته سندن خيال موجب واپار، ھنر، زراعت، صنعتڪاري وغيرھ جھڙن ترقي
پسند شعبن مان شخصي دلچسپي ختم ٿي وڃڻ ڪري انھن شعبن ۾ تنزلي ۽ جمود جو امڪان
زيادھ وڌي وڃي ٿو ۽ شخصي دلچسپي جي خاتمي سبب شخصي آزادي به ختم ٿيڻ جا امڪان آھن.
سرمائيدارانه نظام جا حامي پنھنجي موقف جي دليل طور اھو به چون ٿا ته دنيا جا ترقي
يافته ملڪ گھڻو ڪري سرمائيدارانه نظام وارا آھن. جيڪڏھن اھو نظام خراب ھجي ھا ته اھي
ملڪ ڪيئن ترقي ڪري سگھن ھا؟ مطلب ته ھر ڌُر پنھنجن دليلن ۽ فلسفن جي جواز ۾ پنھنجا
دليل پيش ڪري ٿو. ھرڪو پنھنجي نظرئي ۽ خيال جي واڌاري يا بچاءَ لاءِ پاڻ کي سياسي،
علمي سائنسي، نظرياتي ۽ دفاعي طور مسلم ڪري رھيو آھي. اھو ئي سبب آھي جو اڃا تائين
انساني خيال ۽ عمل ۾ وحدت ۽ يڪرنگي پيدا نه ٿي سگھي آھي. ھن حوالي سان رھبر سنڌ
محترم سائين جي ايم سيد لکن ٿا ته (جزوي حل جدا جدا نالن ۾ عارضي عرصي لاءِ مستعمل
رھڻ کان پوءِ تاريخ جي ڪسوٽيءَ تي پرکجڻ بعد ازخود بيڪار بنجيو پون. جيستائين
مختلف مذھبي، سياسي ۽ اقتصادي نظرين جي اختلاف مٽائڻ لاءِ حل ڳولي نه ڪڍيو ويو آھي
دنيا ۾ دائمي امن ۽ اتحاد قائم ٿيڻ مشڪل پيو نظر اچي.)
لاجواب
ReplyDeleteThank you
Delete