ڀيڻ ڏانھن خط (علم حاصل ڪرڻ لاءِ)


لطيف آباد حيدرآباد
28 جولاءِ 2019ع

سدا خوش ھجين.
منھنجي پياري ڀيڻ مريم.
اسلام عليڪم:

احوال ته ھتي سڀ خير آھي اوھان ڏانھن به ڌڻي تعاليٰ خير ڪيو ھوندو ادي! ڪاش! تون پڙھيل ھجين ھا، جو منھنجو خط پاڻ پڙھي سگھين ھا.  ادي! علم ھڪ وڏو خزانو آھي. اھو جھڙو مردن لاءِ ضروري آھي. تھڙو عورتن لاءِ به. پنھنجي نبي ڪريم ؐ فرمايو آھي ته ”علم ھر مرد ۽ عورت تي فرض آھي.“ علم کان سواءِ انسان خدا کي به نه ٿو سڃاڻي سگھي، انھي کان سواءِ ٻار جي تعليم ۽ تربيت جو ڪم به ماءُ تي آھي. اڻ پڙھيل ماءُ ۾ ڪھڙي اميد رکي سگھجي ٿي؟

اڃا به وقت نه ويو آھي، علم سکڻ جو ڪوشش ڪريو . مون کي پڪ آھي ته تون منھنجي خيالن سان شريڪ ٿينديئن. پنھنجي مائٽن کي منھنجا پيار ڏجان.

 ھاڻي خط پڙھائڻ لاءِ به توکي ٻين جي محتاجي ڪڍڻي پوندي.

تنھنجي پياري ڀيڻ
زينب




Back to Index

Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت