جاءِ جي مالڪ کي مرمت لاءِ خط


ماروئڙا  ڳوٺ ڪراچي
5 آگسٽ 2019ع

محترم ايوب
اسلام عليڪم:

احوال ته ھن سال لڳاتار بارش جي ڪري، اوھان جي جاءِ جي حالت خراب ٿي رھي آھي. گذريل ٽن سالن کان وٺي جاءِ جي مرمت نه ٿي آھي. ڇت مان پاڻي ٽمندو رھي ٿو. جنھن ڪري ڀتين ۾ سيرون پئجي رھيون آھن. 

ھن سال جي زوردار بارش جي ڪري ڀتين ۾ پيل ڏار وڌيڪ ويڪرا ٿيندا پيا وڃن، جنھن ڪري ڇت ڪرڻ جو انديشو آھي. گھر جي پوسل ۽ سم جي ڪري فرنيچر کي نقصان ٿي رھيو آھي. مون کي سخت تڪليف آھي. مھرباني ڪري جيترو جلد ٿي سگھي، جاءِ جي مرمت ڪرائيندا، ٻئي حالت ۾ آءُ خود مرمت ڪرائي اوھان جي مسواڙ مان پئسا ڪاٽيندس.

اطلاع لاءِ
عرض ڪندڙ مسواڙي
سانوڻ خان




Back to Index

Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت