جنرل ھوش محمد شيدي صفحو 8
Page # 8
سنڌ جي آزاديءَ لاءِ
انھن جنگين جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته سنڌي دلير ھئا، پر سندن شڪست جا ڪارڻ اھي ھئا ته ھڪ
پاسي کين منظم فوج ۽ فوجي سکيا ڪانه ھئي، ۽ ٻئي پاسي پنھنجن ئي غداري ڪري سنڌ کي
انگريزن جو غلام بڻايو. اھا ئي تاريخ، سنڌ جي ھر ايندڙ نسل کي ھوشوءَ جھڙن سورمن
جي دليري، ذھانت ۽ وطن پرستيءَ جو سبق ڏيندي رھندي.
23
مارچ 1843ع، سنڌ جي سورمي جنرل ھوش محمد جي شھادت جو ڏينھن آھي. انگريزن سان جنگ ۾
شھيد ٿيل سپاھين کي دٻي واري ھنڌ تي دفنايو ويو ھوندو پر اھڙي ڪا به ثابتي نٿي ملي
ته شھيد ھوشوءَ کي ڪٿي سپرد خاڪ ڪيو ويو. چيو وڃي ٿو ته شھيد ھوشوءَ جي تربت، حيدرآباد
واري پڪي قلعي ۾ آھي. ڪي روايتون آھن ته ھوشوءَ جي قبر دٻي واري ھنڌ تي آھي. ان ڏس
۾ متضاد راءِ آھي، جنھن جو فيصلو ڪرڻ ھن وقت ڪنھن به محقق جي وس ۾ ناھي. سوچڻ جي
ڳالھ آھي ته ڇا انگريزن ۾ ايتري اخلاقي بلندي ھئي ته ھوشوءَ کي ھڪ جنرل واري اعزاز
سان دفنائڻ لاءِ سندس ميت 8 ميل پري کان کڻي حيدرآباد ۾ پڪي قلعي ۾ آيا ھجن! حيدرآباد
جي قلعي ۾ جنھن قبر لاءِ چيو وڃي ٿو ته اھا شھيد ھوشوءَ جي آھي، خبر ناھي ته ھاڻي
اھا سلامت ھجي به، يا نه، پر اڳ جڏھن اھا قبر صحيح حالت ۾ ھئي. تڏھن ان جي ڪتبي تي
لکي ھو، One of the Meer's
Soldiers
(ميرن جو ھڪ سپاھي). ھاڻي چئي نٿو سگھجي، ته ميرن جو اھو سپاھي ھوشو ھو يا ٻيو ڪو!
ڪي قومون، پنھنجي
گمنام سپاھين جي قبرن مان اُتساھ وٺنديون آھن، ھتي اسان وٽ ھڪ سچو وطن پرست سورمو
۽ سپاھي ته آھي پر ان جي قبر گمنام آھي. ليڪن اھو گمنام قبر وارو سپاھي ھوشو، سنڌ
جي ھر نسل ۾ آزاديءَ جا اڌما ۽ اتساھ پيدا ڪندو رھندو.
Comments
Post a Comment