جنرل ھوش محمد شيدي صفحو 2
Page # 2
اڻويھين صديءَ جي
وچ ڌاري، جڏھن آمريڪا ۾ گھرو لڙائي ھلي رھي ھئي، تڏھن غلام شيدين کي غلامي ختم ڪرڻ
جي آسري تي فوج ۾ ڀرتي ڪيو ويو ھو. اٽڪل ڏيڍ لک شيدي فوج ۾ کنيا ويا. آمريڪن کي
انھن سان ڪا اھڙي ھمدردي نه ھئي، پر بدلجندڙ حالتن ھيٺ شيدين کي آزاد ڪرڻ ضروري
سمجھيو ويو. 1863ع ڌاري، آمريڪا ۾ شيدين جو رجمينٽون ٺاھيون ويون ھيون.
ھوڏانھن سنڌ ملڪ ۾
پڻ، جنھن تي ان کان 20 سال اڳ 1843ع ۾، انگريز قبضو ڪري چڪا ھئا، اتي ھڪ شيدي سنڌ
جي آزاديءَ جي جنگ وڙھندي، ھن ڌرتيءَ ڪارڻ سِر ڏنو. اھو سورمو ھوش محمد قمبراڻي
ھو، جيڪو (ھوشو شيدي) جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. انگريزن سان ويڙھ ۾ پنھنجي بي مثال
دليريءَ جي ڪري ھو افسانوي ڪردار بڻجي ويو آھي. سنڌ جي ھن سورمي جي زندگيءَ جو
احوال پورو نٿو ملي. سنڌ جي تاريخ ۾ ھوشوءَ بابت فقط ڪي اشارا ملن ٿا. اندازو آھي ته
ھوشوءَ جا بزرگ، غلامن جي بازار ۾ وڪرو ٿي يا ڪنھن بادشاھ پاران تحفي جي شڪل ۾ سنڌ
ملڪ پھتا ھوندا ۽ پنھنجي وفاداري ۽ محنت سبب ھن ديس جو حصو بڻجي ويا. ھوش محمد به،
پنھنجي والد وانگر مير فتح علي خان جي حويليءَ جو ملازم ھو. ساڳي وقت ھو جنگ جي
ميدان جو به ماھر ھو. سندس پئدائش بابت يقين سان ڪجھ نٿو چئي سگھجي، پر جيئن ته ھو
مير فتح علي خان جي پٽ مير صوبدار جو ساٿي ۽ ھم عمر ھو، تنھن ڪري اندازو آھي ته 1801ع
۾ پيدا ٿيو ھوندو.
مير صوبدار جو ھم
عمر ۽ گھريلو شخص ھئڻ ڪري ٻنھي ۾ دوستي ھئي. انھيءَ ڪري ھوشو سدائين مير صوبدار جو
وفادار رھيو. ايتري قدر جو جڏھن مير صوبدار پنھنجي چاچي جي خلاف بغاوت ڪئي، تڏھن به
ھوشوءَ سندس ساٿ ڏنو. مير صوبدار اڳتي ھلي پنھنجي چاچي سان صلح ڪيو ھو، پر سندس
سازش جاري ھئي. ان موقعي تي ھوشوءَ ثابت ڪيو ته ھو سچو وطن پرست آھي. انگريزن جڏھن
سنڌ تي حملو ڪيو ته انھن جي نظر اھڙن شھزادن تي ھئي، جيڪي اقتدار جي لالچ ۾ اچي
سندن ساٿ ڏين. انگريز، مير صوبدار کي به پاڻ سان ملائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ھوشوءَ،
مير صوبدار کي ڏاڍو سمجھايو ته انگريز، سنڌ جا دشمن آھن ۽ انھن جي سازش ۾ نه اچڻ
گھرجي، پر مير صوبدار نه مڙيو. ھوشوءَ کيس چيو ته (سنڌ کي خطرو آھي. ھن موقعي تي
سڀ ويڇا وساري ڇڏ ۽ پنھنجي چاچي جي مدد ڪر.)
مير صوبدار جي
چوڌاري خوشامدي درٻاري جمع ٿيا ھئا. انگريزن کيس حڪومت ملڻ جا خواب ڏيکاريا ھئا.
ڪافي وقت کان انگريزن جي خواھش ھئي ته سنڌ ۾ پير ڄمائين. ان ڪري 1843ع ۾ انھن، سنڌ
جي ميرن کي دڙڪو ڏنو ته سندن تيار ڪيل ٺاھ تي صحيحون نه ڪيون ويون ته ان جو نتيجو
خراب نڪرندو. ميرن ان ٺاھ تي ڳالھيون مس شروع ڪيون ته 11 جنوري 1843ع تي انگريزن
حملو ڪري (امام ڳڙھ) وارو قلعو فتح ڪري ورتو، جيڪو خيرپور جي ميرن جو ھو. ان وقت
سنڌ جا مير پاڻ ۾ وڙھيل ھئا. مير نصير خان حيدرآباد جو حاڪم ھو ۽ سندس سوٽ مير
صوبدار نه صرف مخالف ھو، پر اندروني طور انگريزن جي مدد به ڪري رھيو ھو.
Comments
Post a Comment