اخبارون پڙهڻ مان فائدا


نين ڳالهين کي ڄاڻڻ ۽ دنيا جي حالتن کان باخبر رهڻ انسان جي فطرت رهي آهي. قديم دور جا ماڻهو دنيا جي حالتن کي ڄاڻڻ لاءِ سير ۽ سياحت ڪندا هئا، ڇو ته سير ۽ سياحت ڪرڻ سان به معلومات ٿئي ٿي. دنيا جڏهن وڌندي ويجهندي وئي ته اخبار آئي. ماڻهن ڄاڻ وڌائڻ لاءِ اخبارون پڙهڻ شروع ڪيون.

سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي تيز رفتاري، دنيا جا وڌندڙ مسئلا ۽ معاملا، دنيا جي پاڻ ۾ ڇڪتاڻ، نون وسيلن جي ڄاڻ ۽ انساني تعلقات جي ضرورت اڄ سڄي دنيا کي هڪ ڪري ڇڏيو آهي. انهن ۾ اخبارن ۽ ٽي وي جو اهم ڪردار آهي. هاڻي ريڊيو جو دور پراڻو نظر اچي ٿو. اخبارن ۽ ٽيليويزن کان علاوه ڊش انٽينا ۽ سيٽلائٽ، انٽرنيٽ اهڙو ته ڪم ڪري ڇڏيو آهي جو سڄي دنيا جي معلومات منٽن ۾ ملي وڃي ٿي ۽ ان کان سواءِ فون ۽ موبائيل فون ته دنيا کي مٺ ۾ ڪري ڇڏيو آهي.

انهن شين هوندي به اخبار کي وڏي اهميت حاصل آهي. ٽي وي وغيره جا پروگرام اسان ٻڌي ۽ ڏسي سگهون ٿا پر اخبار اهڙي چيز آهي جا بار بار اسان پڙهي سگهون ٿا.

هي اهڙو دور آهي جو اخبارن ۾ نه رڳو خبرون هونديون آهن بلڪ سياسي، معاشرتي، اقتصادي، مذهبي ۽ تعليمي مسئلا ۽ معاملا هوندا آهن ۽ انهن تي تبصرا پڻ هوندا آهن.

اخبارن ۾ هر طرح جا اشتهار هوندا آهن جيئن روزگار، شادي، ڪاروبار، ڏيتي ليتي وغيره. ان ڪري اخبارون پڙهڻ مان وڏا فائدا آهن.


Comments

You May Like

You May Like

WhatsApp

Archive

Show more