سنڌ جا هنر


هونئن ته سنڌ صوبو زرعي صوبو آهي. سنڌ جي وڏي آبادي زراعت سان وابسته آهي. ان هوندي به سنڌ جي ماڻهن هنرن تي توجه ڏنو آهي.

سنڌ جي ڳوٺن، واهڻن ۽ شهرن ۾ ڇٻيون، رسا، نوڙيون، وڃڻيون، فراسيون، سوسيون، اڳٺ، گريبيون، مٽيءَ جا ٿانو، جنڊي ۽ ڪاشيءَ جو ڪم ٿيندو آهي. سنڌ ۾ ڪاشيءَ جو ڪم قديم دور کان ٿيندو ٿو اچي. موهن جو دڙو ۽ ڀنڀور مان ڪاشيءَ جا ٿانو ۽ سرون مليون آهن، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته ڪاشيءَ جو ڪم سنڌ ۾ آڳاٽي دور کان ٿيندو پيو اچي.

ڪاشيءَ جي ڪم ۾ سنڌ جا ڪاريگر دنيا جي بهترين ڪاريگرن ۾ شمار ٿين ٿا. انهن ڏوراهين ڏيهه وڃي پنهنجي هنر جا جوهر ڏيکاريا آهن. ڪاشيءَ جا ٺهيل ٿانو ۽ سرون ڏوراهين ڏيهه موڪلي ناڻو ڪمايو وڃي ٿو.

اهڙي طرح جنڊي جو ڪم به سنڌ ۾ ٿئي ٿو. اهو ڪم ڪاٺ تي ڪيو ويندو آهي. اهو ڪم هندورن، گلدستن، رانديڪن ۽ ٻين شين تي ڪيو ويندو آهي. گهڻو ڪري اهو ڪم هالن ۽ خانوٽ ۾ ڪيو وڃي ٿو.

سنڌ جي علائقي ٿر ۾ لوئيون، کٿيون ۽ گج ٺاهيا وڃن ٿا. ٺٽي ۾ لونگيون، ريشمي کيس ۽ پٽ جي ڌاڳي مان رومال اهڙا نفيس ٺاهيا وڃن ٿا، جيڪي ماڻهو خريد ڪري هڪ ٻئي کي سوکڙيءَ طور تي ڏيندا آهن.

نصر پور به ڳوٺاڻي هنرن جو مرڪز رهي آهي، جتي فراسيون، سوٽي کيس، سوسيون، اڳٺ ۽ ٻيو مال چٽو ٺهي ٿو. بوبڪ ۾ غاليچا ٺاهيا وڃن ٿا ڇاڪاڻ ته ڪوهستان ڀرسان اٿس، جتان رڍن مان اُن آسانيءَ سان ملي وڃي ٿي.

دادوءَ جي ڪيترن ڳوٺن ۾ مٽيءَ جا ٿانوَ ٺاهيا وڃن ٿا، هتي جون گهگهيون مشهور آهن.

سنڌ جي ڪيترن واهڻن ۽ شهرن ۾ اجرڪون ٺهن ٿيون، خاص ڪري نصرپور جون اجرڪون مشهور آهن، ان کان سواءِ سنڌ ۾ ٽوپيون به ٺاهيون وينديون آهن، اهي گهڻو ڪري ڪوهستان ۾ ٺاهيون وڃن ٿيون ۽ ٻين علائقن ۾ جوڙيون وڃن ٿيون.

سنڌ جي هنرن جي واڌاري لاءِ حڪومت سنڌ کي کپي ته انهن ڪاريگرن کي قرض ڏئي ته اهي پنهنجو ڪاروبار وڌيڪ وڌائي ڏيهه لاءِ پر ڏيهي ناڻو ڪمائڻ جهڙا ٿين ۽ پاڻ به پنهنجن پيرن تي بيهي رهن.

Comments

You May Like

You May Like

WhatsApp

Archive

Show more