موهن جو دڙو – تاريخي سير


سير ۽ سياحت ڪرڻ انساني فطرت آهي، درحقيقت زندگي ۽ سماج جو سڄو حسن حرڪت ۾ برڪت سان آهي، اصل ۾ جيڪي ماڻهو سير سياحت نٿا ڪن، اهي سست ٿيو ٿا وڃن اهي پنهنجي پاڻ تي وزن آهن. سير ڪرڻ مان نه فقط معلومات ۾ واڌارو ٿئي ٿو، بلڪ صحت تي هن جو چٽو اثر پوي ٿو.

اسان جو پنهنجو وطن سير ۽ سياحت لاءِ اهم هنڌ آهي. ٻاهريان ماڻهو هتي سير سياحت ڪرڻ لاءِ ايندا آهن، جيئن آزاد ڪشمير جا جبل ۽ واديون، مري، ڪوئيٽا صوبه سرحد جا ڪجهه جابلو علائقا، گورک هل اسٽيشن، ڪارونجهر جو جبل، کيرٿر جبل، هڙاپه، موهن جو دڙو، مڪلي، ڀنڀور وغيره.

هڪ ڏينهن اسان دوستن صلاح ڪئي ته موهن جو دڙو جو سير ڪريون سو سڀ تيار ٿي ريلوي اسٽيشن تي پهتاسين. اسٽيشن تان لاڙڪاڻي جون ٽڪيٽون وٺي ريل گاڏي ۾ سوار ٿياسين. اٽڪل ستن اٺن ڪلاڪن ۾ لاڙڪاڻي پهچي وياسين. لاڙڪاڻي مان ٽيڪسي ڪري موهن جو دڙو پهتاسين.

هتي جو نقشو هي هو ته گهٽيون ويڪريون ٺهيل هيون، گهر پڪين ۽ ڪچين سرن جا ٺهيل هئا. گندي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ناليون ٺهيل هيون. گهر ويڪرا ڪشادا ۽ هوادار بنيل هوا. اتي اسان کي مجسمه به ڏسڻ ۾ آيا زالن ۽ مردن جا بت ۽ ان کان سواءِ ڍڳن ۽ ٻين جانورن جا مجمسه به نظر آيا. عجائب گهر ۾ گهڻيون شيون نظر آيون. اهي ماڻهو ٽامو ۽ چانديءَ جو استعمال ڪندا هئا، چاندي ۽ ٽامي جا ٺهيل ٿانو ۽ اوزار اسان ڏٺا. عورتن جا زيور به هتي ڏسڻ ۾ آيا.

اهي ماڻهو آڳوٺي، هار، واليون ۽ چوڙيون عورتن کي پارائيندا هئا. ان کان سواءِ شڪار ۽ دشمن کي ناس ڪرڻ لاءِ ٽامي جا تير ڪمان، خنجر ۽ ڪهاڙيون به ڏٺيوسين. اها سنڌ جي پنج هزار سال پراڻي تهذيب آهي، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌي پنج هزار سال پهرين به هڪ سڌريل ۽ سمجهدار قوم هئي.

اسان سڄو ڏينهن موهن جو دڙو تي سير ڪندا رهياسين پر ڏينهن ائين پورو ٿي ويو ڄڻ ڪو ڪلاڪ اسان هتي گهمياسين. اسان جو اڃا به گهمڻ جو ارادو هو پر وقت اسان کي ساٿ نه ڏنو. پوءِ ٽيڪسي ڪري لاڙڪاڻي جي اسٽيشن تي پهچي ريل گاڏي ۾ چڙهي پنهنجي گهر پهتاسين. هي اسان جو اهو هڪ يادگار ۽ دلچسپ سفر هو.

Comments

You May Like

You May Like

WhatsApp

Archive

Show more