ماحولياتي آلودگي


پاڪستان جو سڀ کان وڏو ۽ اهم مسئلو پاڻي ۽ ماحول جي آلودگي آهي، ڪجهه اهڙيون صنعتون جن جو پاڻي جي آلودگي ڦهلائڻ ۾ نمايان حصو آهي. ان لاءِ قانون سازي ڪرڻ ۽ سخت قانون بڻائڻ تمام ضروري آهن ته جيئن پاڻي ۾ خطرناڪ صعنتي گندگي کي شامل ڪرڻ کان روڪي سگهجي.

 تحفظ ماحوليات اداره جو سڀ کان اهم ۽ پهريون ڪم هي هجڻ گهرجي ته نئين قائم ٿيندڙ صنعتن کي آلودگي کان پاڪ ڪرڻ يا ان ۾ آلودگي جي روڪٿام جو مناسب انتظام هجڻ کي يقيني بڻائين ته جيئن پاڪستان ۾ هوا، پاڻي ۽ ٻين قدرتي جزن کي ماحولياتي آلودگيءَ کان بچايو وڃي.

پاڪستان جو مستقبل يعني ايندڙ نسل صحتمند هجي ۽ ملڪ زياده کان زياده ترقي ۽ خوشحاليءَ جي راهه تي هلي سگهي، هي هڪ قومي فرض آهي.

انسانن، جانورن، پکين وغيره لاءِ پاڻي جو صاف هئڻ ۽ ماحول جو آلودگيءَ کان پاڪ هئڻ ضروري آهي، ايندڙ سالن ۾ اسان جا اڻ مڪمل پاڻيءَ جي وسيلن جي منصوبن ۽ گندي پاڻيءَ جي نيڪال جي ناقص نظام تي وڌيڪ ڪروڙين ماڻهن جو وزن وڌي ويندو، ايندڙ چند ڏهاڪن ۾ پاڪستان جي آدمشماري ٻيڻي ٿي ويندي، يعني 21 کان 30 ڪروڙ ٿي ويندي. آبادي جي اضافي جي موجوده شرح مطابق اهو تعداد ٻيڻو ٿي ويندو.

اهڙي طرح انهيءَ عرصي ۾ گند ڪچرو به ٻيڻو ٿي ويندو. جنهن کي نابود ڪرڻ لاءِ وڏي پئماني تي انتظام ڪرڻا پوندا، خيال آهي ته 2020ع تائين اٽڪل ساڍا اٺ ڪروڙ پاڪستاني شهري علائقن ۾ رهائش پذير هوندا. جن کي روزانا 75 لک ايڪڙ فوٽ پاڻيءَ جي ضرورت هوندي. جڏهن ته ڳوٺاڻي علائقن ۾ 2020ع تائين پاڻي جي گهريلو استعمال جي سطح 50 لک فوٽ تائين ٿي سگهي ٿي، جنهن جو انحصار ڳوٺن ۾ پاڻيءَ جي گهريلو استعمال ۾ بچت جي عادتن ۾ تبديل ٿيندو.

ٻئي طرف پاڻيءَ جو اهو مقدار جو زرعي ضرورتن لاءِ استعمال ٿيندڙ پاڻي کان سواءِ هوندو. ان ۾ به وڏي اضافي جو اندازو لڳايو ويو آهي، جيڪڏهن گندي پاڻي جو ڪو جوڳو بندوبست نه ڪيو ويو ۽ ان کي ٻيهر قابل استعمال بڻائڻ لاءِ لاپرواهيءَ جو موجوده رجحان جاري رهيو ته اندازو آهي ته چوٽيهه سو ملين گيلن روزانو گندو پاڻي دريائن ۽ سمنڊ ۾ وهي ويندو.

ماحولياتي آلودگيءَ جي مسئلي کي وڏي شدت سان محسوس ڪيو ويو آهي ۽ ماحول جي بقا ۽ بهتريءَ لاءِ مختلف ادارا قائم ڪيا ويا آهن، 1992ع ۾ ان مسئلي تي برازيل ۾ 172 کان وڌيڪ ملڪن جي سربراهن جو سربراهي اجلاس ٿيو، جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته عالمي مفڪر ان مسئلي جي سنگيني کي شدت سان سمجهن ٿا.

حڪومتي سطح تي ان سلسلي ۾ هيٺين تجويزن تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي.

1)                         طويل مدتي منصوبن ۾ پرائمري تعليم کان اعليٰ تعليم تائين تمام ادارن ۾ ماحول جي تحفظ جا سبق شامل ڪيا وڃن.

2)                         تمام نون تعميراتي منصوبن جهڙوڪ خصوصي شاپنگ سينٽر ۽ ڪثير منزله عمارتن ۾ پارڪنگ لاءِ مناسب انتظامن کي لازمي قرار ڏنو وڃي.

3)                         ترت هنگامي قدمن ۾ سڀ کان اهم ٽريفڪ طرف ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. ٽرانسپورٽرن کي سمجهايو وڃي ته دونهون ماحول لاءِ شديد نقصانڪار آهي ۽ ان کي ٽريفڪ جي قانونن، ضابطن جو سختيءَ سان خيال ڪيو وڃي.

4)                         پاڪستاني شهرن جي ماڻهن کي زهر آلود پاڻي، دونهين ۽ گوڙ گهمسان کان هميشه لاءِ ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ مناسب تدبيرون اختيار ڪيو وڃن.

5)                         گهڻي کان گهڻا وڻ لڳايا وڃن ۽ سرڪار پاران ان جي سرپرستي ڪئي وڃي.

عام ماڻهن کي به ماحولياتي آلودگيءَ جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ کپي ۽ ان معاملي ۾ حڪومتي سطح تي ٿيندڙ ڪوششن ۾ به هٿ ونڊائڻ کپي. گند ڪچري کي ڦهلائڻ کان پاسو ڪيو وڃي.



Comments

You May Like

You May Like

WhatsApp

Archive

Show more