علم اها اڻکٽ دولت آهي، جيڪا ڪڏهن به
ختم نٿي ٿئي، بلڪ علم جيترو وڌيڪ پڙهبو يا پڙهائبو ايترو ان ۾ وڌيڪ واڌارو ٿيندو رهندو
آهي. علم انسان کي اوندهه مان ڪڍي سوجهري ۾ آڻي ٿو. ائين چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه
ٿيندو ته علم انسان جي ٽين اک آهي.
حديث شريف ۾ آهي ته:
· علم پينگهي کان
قبر تائين حاصل ڪريو.
· علم حاصل ڪرڻ لاءِ
چين وڃڻو پئي ته وڃو.
· علم حاصل ڪرڻ هر
مرد ۽ عورت تي فرض آهي.
هنن حديثن مان علم جي اهميت جو اندازو
لڳائي سگهجي ٿو. علم نه هئڻ ڪري ماڻهو بي سمجهه ۽ جانور جهڙو آهي. علم واري ماڻهوءَ
کي هر هنڌ ۽ هر جاءِ تي وڏو مان ۽ مرتبو ملندو آهي.
هن دنيا جيڪا به ترقي ڪئي آهي سا علم جي
ذريعي ڪئي آهي. پري نه وڃجي بلڪ پنهنجي وطن ۾ ڏسجي ته اسان ڪٿي آهيون ۽ دنيا ڪٿان
کان ڪٿي پهچي وئي آهي، اسان جي ملڪ ۾ ڦرمار، ڌاڙا، چوريون، رشوت، ملاوٽ، بي
ايماني، چور بازاري مطلب ته ڪهڙي برائي ناهي! اهو سڀ علم جي گهٽتائي ۽ نه هئڻ جي
ڪري ٿي رهيو آهي.
اسان جي ملڪ جي آباديءَ جو وڏو حصو اڻ
پڙهيل آهي. دنيا جون سمجهدار قومون ۽ قبيلا پنهنجي ملڪ جي عوام کي علم سان مالا
مال ڪنديون آهن، جڏهن قوم علم سان ٽمٽار ٿي ويندي آهي ته اها قانون جي پوري
پوئواري ڪندي آهي ۽ جتي قانون هوندو اهو ملڪ جلد دنيا جي سڌريل ملڪن سان ڪلهو ڪلهي
۾ بيهي رهندو آهي.
دنيا جي دولت ۽ ڌن کي هر وقت تباهي ۽
برباديءَ جو ڊپ هوندو آهي، دولتمند کي ڪو به طاقتور کيس ڪنگال ڪري سگهي ٿو، پر علم
اها مايا ۽ ملڪيت آهي جو ڪو به ڪنهن کان ڦري نٿو سگهي.
ان ڪري اچو ته اهڙو ڪم ڪريون جو اسان کان
ڪير به ڦري ۽ ڦٻائي نه سگهي.
Comments
Post a Comment