امتحان ۾ نقل ڪرڻ جا نقصان


عام طور تي ڏٺو ويو آهي ته امتحان ۾ شاگردن جي نفسيات جو لحاظ نٿو رکيو وڃي. شاگرد جو ذهن اڃا پختو نه ٿيو آهي. ان ۾ ڪوبه ڪم عملي طرح ڪري ڏيکارڻ جي بدران طوطي وانگر رٽي جو هنر زياده پيدا ڪيو وڃي ٿو. ان کان سواءِ شاگرد جو ذهن پاڪ ۽ صاف هوندو آهي ۽ اهو به هن سماج جو هڪ فرد آهي.

اسان جي سماج جو پورو اثر شاگرد جي ذهن تي پوي ٿو ۽ اسان جي سماجي ۽ اقتصادي پريشانين جو اثر جيڪو عام ماڻهن تي ٿئي ٿو. هن سان شاگرد جو ذهن متاثر ٿيڻ کان رهي نٿو سگهي. ان کان سواءِ سڄو سال جيڪو پڙهايو وڃي ٿو، ان کي شاگرد ذهني طور تي سمجهڻ کان قاصر رهي ٿو ۽ فقط رٽو لڳائي ياد ڪري سگهي ٿو. جي سندس رٽيل امتحان ۾ اچي ويو ته واه واه ۽ جي نه آيو ته هو نقل جو سهارو وٺي ٿو ۽ اهو بلڪل ڀلجي وڃي ٿو ته هو پنهنجي نا اهلي ۽ نالائقي جي سرٽيفڪيٽ تي دستخط ڪري رهيو آهي، جيڪو کيس سماج ۾ به شرمندو ڪندو ۽ نه ئي کيس ڪا سٺي ملازمت ملي سگهندي ۽ نه ئي پنهنجا فرض صحيح طور تي ادا ڪري سگهندو. ڇو ته هو جو نقل ڪري ٿو ان جي مطلب کان واقف ئي ناهي. نقل ڪري ڊگري حاصل ڪرڻ جو مطلب اهو آهي ته جيئن ڪنهن گڏهه تي ڪتاب رکيا وڃن.

گڏهه کي اها خبر ناهي ته هن جي مٿان علم جو خزانو رکيو ويو آهي يا ڪو ٻيو سامان! اهو ئي ساڳيو حال نقل ڪري پاس ٿيڻ واري جو آهي. هن وٽ به ڊگري ۽ سرٽيفڪيٽ آهن، پر علم جي دولت کان محروم آهي. اهڙي طرح نقل ڪرڻ وارا زندگيءَ ۾ ڪاميابي جي بدران جهالت جي اوندهه ۾ پيا هوندا آهن ۽ تعليم، تعليمي درسگاهن ۽ پنهنجن قابل احترام استادن کي بدنام ڪندا آهن.

Comments

You May Like

You May Like

WhatsApp

Archive

Show more