ڪمپيوٽر


ڪمپيوٽر هڪ اهڙي اليڪٽرانڪ مشين (Electronic Machine) آهي، جيڪا معلومات (Data) کي حاصل ڪري سگهي ٿو، محفوظ (Save)    ڪري سگهي ٿو ۽ ان تي عمل(Process) ڪري اسان کي نتيجو ڏيکاري سگهي ٿو. ان جي ذريعي اسان معلومات (Data) جي ٻيهر ڳولا ۽ ان ۾ مٽاسٽا به ڪري سگهون ٿا.

اٽڪل ٽي هزار سال اڳ چين جي باشندن ڳڻپ لاءِ هڪ ننڍڙو اوزار ٺاهيو هو، جنهن کي هو ايباڪس (Abacus) چوندا هئا. اهو ڪاٺ جو هڪ فريم هو، جنهن ۾ انگن کي تسبيح جي داڻن وانگر ڪجهه سرن ۾ پوئي ڇڏبو هو ۽ هو انهن ذريعي تمام سولائيءَ سان انگن اکرن جو حساب ڪتاب ڪري وٺندا هئا. ان کان پوءِ جيئن ته انساني گهرجن ۾ واڌارو ايندو ويو، ته حقيقت ۽ جاکوڙ جي ميدان ۾ به ترقي ٿي.

اهڙيءَ طرح 1642ع ۾ فرناس جي هڪ نوجوان هڪ اهڙي مشين ايجاد ڪئي، جيڪا سَوَن هزارن تائين گڏ ڪري ٿي سگهي. انهيءَ جو نالو بليز پاسڪل (Blaise Pascal) هو، ۽ سندس ايجاد ڪيل مشين جو نالو ڪيلڪيوليٽر (Calculator) هو، ۽ اها مشين، ڪمپيوٽر جي شروعاتي شڪل هئي.

جرمنيءَ جي هڪ رياضي دان وليم لائينس 1671ع ۾ پاسڪل کان وڌيڪ بهتر مشين ايجاد ڪري ورتي، جيڪا جوڙ، ضرب ۽ ونڊ به ڪري ٿي سگهي، انهيءَ ايجاد ماڻهن کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو. ان کان پوءِ ساڳئي رياضي دان دنيا کي ثنائي سرشتي سان روشناس ڪرايو. ڪمپيوٽر انهيءَ سرشتي هيٺ ڪم ڪري ٿو.

مطلب ته، اهڙيءَ طرح حساب ڪتاب ۽ انگن اکرن جي ڪم کي آسان بنائڻ لاءِ جدوجهد جاري رهي، ۽ 1881ع ۾ فرانس جي هڪ انجنيئر جوف ميري جيڪورڊ، بجليءَ جي آڏاڻن (Power Looms) جا ڪارڊ پنچ ڪرڻ جو سرشتو ٺاهيو، ۽ اهو ئي سرشتو پوءِ ڪمپيوٽنگ طريقي طور استعمال ٿيڻ لڳو. انهيءَ دوران 1882ع ۾ برطانيه جي هڪ رياضي دان چارلس بي بيج انهيءَ ميدان ۾ وڌيڪ بهتريءَ جي حالت پيدا ڪئي ۽ هڪ پاڻيهي ڪم ڪندڙ مشين ايجاد ڪئي، جيڪا تمام تڪڙو ڪم ڪندي هئي. اها ئي مشين حقيقت ۾ ڪمپيوٽر جي ايجاد جو سبب بڻي.

آمريڪي سائنسدان هرمن هولرٿ  بجليءَ تي هلندڙ ڪمپيوٽنگ اوزار ايجاد ڪيو. ان کان پوءِ حساب ڪتاب جي اوزارن کي بهتر کان بهتر بنائڻ جون ڪوششون جاري رهيون، ۽ نيٺ پهريون بجليءَ تي هلندڙ ڪمپيوٽر اينالاگ (Analog) ڪمپيوٽر ايجاد ٿيو. هي قد بت ۾ وڏو، تمام گهڻيون ناليون، ضرورت کان وڌيڪ گرم ٿيڻ ۽ ايئرڪنڊيشن جي ضرورت هئي. انهيءَ ڪمپيوٽر تي پنجويهه هزار لفظ ڇاپي سگهبا هئا. جيڪو هڪ آمريڪي سائنسدان بش ايجاد ڪيو.

1940ع ۾ هڪ ٻيو ڪمپيوٽر ايجاد ٿيو، جيڪو ماپ جي لحاظ کان تمام وڏو هو. ان ۾ به گرميءَ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ايئرڪنڊيشنڊ جي ضرورت هئي ۽ ان جي بندوبست لاءِ تمام گهڻي خرچ جي ضرورت هئي جيڪو هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي کڻي وڃڻ به تمام گهڻو ڏکيو هو.

هوورڊ ايڪن 1944ع ۾ هڪ ٻئي آمريڪي سائنسدان اليڪٽرو ميڪينڪل ڪمپيوٽر ايجاد ڪيو، ۽ ان جو نالو "Mark-1" رکيو ويو. هي سڀ کان پهريون ۽ مناسب ڪمپيوٽر هو جنهن ۾ تمام گهڻي صلاحيت، يادگيري، ماپ ۾ به گهٽ ۽ دنيا جو پهريون ڊجيٽل ڪمپيوٽر هو.

1960ع ۾ هاڻوڪو جديد ڪمپيوٽر ايجاد ٿيو جيڪو تمام عمدو، هر قسم جي ماحول ۾ ڀروسي وارو، تمام گهڻي ڄاڻ ۽ هدايتون محفوظ ڪرڻ جي گنجائش هئي.

1970ع کان 1980ع ۾ مائيڪرو پروسيسزر ۽ مائڪرو ڪمپيوٽر جي ايجاد شروع ٿي، جنهن سان ڪمپيوٽر جو استعمال انتظامي سطح کان سواءِ ذاتي سطح تائين پهچي ويو. هن وقت ڪمپيوٽر ايترو ننڍو ٿي ويو آهي جو اسين ان کي ڪلڪيوليٽر وانگر پنهنجي کيسي ۾ رکي سگهون ٿا جنهن کي مائڪرو ڪمپيوٽر چيو ويندو آهي.

ڪمپيوٽر جا تمام پرزا انساني دماغ جيان قائم ڪيا ويا آهن، ان لاءِ هن جو سمورو عمل انساني دماغ سان ملي جلي ٿو. ان جي وچ به بلڪل انساني سوچ جيان بي مثال آهي.

جيڪڏهن ڪا تمام مشڪل، الجهيل سوال يا موضوع ان جي حوالي ڪيون ته هي بلڪل انسان جيان سوچ ويچار ڪندو، جيئن انساني دماغ سوچ ويچار يا غور فڪر ڪري ٿو. ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته ذهين ماڻهو کي ڪنهن نتيجي حاصل ڪرڻ ۾ دير لڳي ٿي. ليڪن ڪمپيوٽر هڪ سيڪنڊ ۾ سڄي صورتحال جو جائزو وٺي بلڪل درست نتيجو حاصل ڪري ٿو جو اسان حيران ٿي وڃون ٿا.

ڪمپيوٽر جي ڪم ڪرڻ جو طريقو انساني ڪم سان مطابقت رکي ٿو، جهڙيءَ طرح انساني دماغ جي پنج حصا آهن اهڙيءَ طرح ڪمپيوٽر جا به پنج حصا ٿين ٿا، پهريون حصو سوچڻ، انگ اکر گڏ ڪرڻ ۽ اطلاع فراهم ڪرڻ جي آهي، جنهن کي ان پٽ (Input) چئجي ٿو. عام طور تي ڪمپيوٽر کي ڪي بورڊ Key board کان معلومات ۽ هدايت فراهم ڪئي وڃي ٿي ۽ ان کان ئي ڪمپيوٽر جي عمل جو آغاز ٿئي ٿو.

ٻيو حصو ياداشت ۽ ذخيري ڪرڻ جو آهي، هن حصي ۾ ڪمپيوٽر هدايتون، اطلاع ۽ معلومات جو ذخيرو محفوظ ڪري ٿو ۽ ضرورت پوڻ تي ان کي استعمال ڪري ٿو، هر ڪمپيوٽر ۾ ياداشت ۽ حافظي جي گنجائش الڳ الڳ هوندي آهي ۽ ان کي ان گنجائش جي بائٽ جي صورت ۾ ظاهر ڪيو وڃي ٿو. هر اکر لاءِ هڪ بائٽ جي ضرورت هوندي آهي، ياداشت لاءِ تمام گهڻي بائٽ جي ضرور هوندي آهي.

ڪمپيوٽر جو ٽيون حصو تجربي ۽ عمل جو آهي، چوٿون ڪنٽرول جو ۽ پنجون آئوٽ پٽ (Out Put) آهي.

ڪمپيوٽر جون ٻه اصطلاحون تمام گهڻيون مشهور آهن. جنهن کان بغير هو ڪم ڪري نه ٿو سگهي. هڪ هارڊويئر ۽ ٻيو سافٽ ويئر چيو ويندو آهي. هارڊ ويئر ڪمپيوٽر جي اندرئين مشيني پُرزن کي چيو ويندو آهي ۽ سافٽ ويئر ڪمپيوٽر تي ڪنهن به قسم جي ڪم ڪرڻ کي چيو ويندو آهي. سافٽ ويئر هر پروگرام لاءِ الڳ الڳ هوندا آهن.

ڪمپيوٽر واقعي انقلابي ايجاد آهي. هي هر معاملي ۾ اسان جي رهنمائي ڪري ٿو، اسان کي ذهني مسئلن ۽ محنت مشقت کان بچائي ٿو، هي هزارين هدايتون هڪ سيڪنڊ ۾ وصول ڪري ٿو. ان جا نتيجا به صحيح ۽ درست هجن ٿا. ڪمپيوٽر انسان جيان ٿڪاوٽ محسوس نٿو ڪري، هي وڏي عرصي تائين بغير ڪنهن رنڊڪ يا خرابيءَ جي عمل ڪري سگهي ٿو.

مطلب ته ڪمپيوٽر انساني زندگيءَ ۾ هڪ انقلاب پيدا ڪري ڇڏيو آهي، آمريڪا ۽ يورپ جا ڪجهه ملڪ ته ڪمپيوٽر جو دفاعي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ لڳا آهن. اڄ ڪلهه هي تمام بني نوع انسان جي ضرورت بنجي چڪو آهي. ان جو استعمال ايتري قدر عام ٿي چڪو آهي جو بازارن ۾ دوڪاندار پنهنجو حساب ڪتاب هن ذريعي ئي ڪن ٿا، ڪارخانن ۽ فيڪٽرين ۾ هن جو استعمال تمام گهڻو پکڙجي چڪو آهي. هن جي ذريعي موسم جون پيش گويون به ڪيون وڃن ٿيون.

ڪمپيوٽر جي ايجاد سان انساني محنت ۽ وقت جي بچت ٿي وئي آهي، هاڻي وڏا وڏا ڪم گهٽ خرچ ۽ گهٽ قيمت ۾ پورا ڪيا وڃن ٿا. اڄ ڪالهه ڪمپيوٽر جو استعمال زندگيءَ جي هر شعبي ۾ ٿي رهيو آهي. ڪمپيوٽر بي پناهه ترقي ڪئي آهي، اعليٰ درجي جي ڪمپيوٽرن دنيا جي مختلف حصن کي پاڻ ۾ ملائي ڇڏيو آهي.

ڪمپيوٽر ۾ هر زبان ۾ ڇپائي جو ڪم به ٿئي ٿو. پاڪستان جا سرڪاري توڙي نجي ادارا به ڪمپيوٽر جو فائدو وٺي رهيا آهن. تمام ادارن ۾ رڪارڊ رکڻ ۽ محفوظ ڪرڻ جو ڪم به ڪمپيوٽر ڪري رهيو آهي.

دراصل هن صدي کي ڪمپيوٽر جي صدي چيو وڃي ته غلط نه ٿيندو.

Comments

You May Like

You May Like

WhatsApp

Archive

Show more