انگريز ته ڏکڻ ايشيا مان هليو ويو، پر
ان جون يادون روايتون ۽ اصول جن کي شايد هو وساري چڪو هجي، مگر اسان اڃان تائين انهن
کي سيني تي سجائي ڦري رهيا آهيون، اسان جي ملڪ کي آزاد ٿئي ڪافي عرصو گذري چڪو آهي،
مگر اسان اڃا تائين تعليمي ميدان ۾ بنيادي تبديليون ڪري نه سگهيا آهيون. دنيا ۾
تعليمي ميدان ۾ وڏيون تبديليون ٿي رهيون آهن پر اسان جو تعليمي نظام اڃان اتي ئي آهي.
برطانيه جي اڳوڻي وزير تعليم مسٽر لارڊ ميڪالي پنهنجي نئين اسڪولي نظام
تعليم جو نعرو ائين لڳايو ته:
هن تعليم جو مقصد آهي ته نسل هندستاني ۽ ذهن انگلستاني ٿيندو. انهيءَ پروگرام 99 نوانوي سيڪڙو ذهني طرح ماڻهو پيدا ڪيا آهن.
اسان وٽ لارڊ ميڪالي جو بڻايل تعليمي
نظام هلي رهيو آهي. اسان جي تعليمي نظام جي زوال جا ڪجهه سبب آهن. ڪجهه حقيقتون آهن،
جن کي لڪائي نٿو سگهجي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهن سببن کي ظاهر ڪيون انهن
سببن جو جائزو وٺون جيڪي نظام تعليم جي پستيءَ جو باعث آهن.
اسان وٽ ٽيليويزن ۽ ريڊيو کان اهو ڪم نه
ٿو ورتو وڃي جيڪو ٻين ملڪن ۾ ميڊيا کان تعليم لاءِ ورتو وڃي ٿو. اسان وٽ ريڊيو ٽي
وي تي گانا، ڊراما پيش ڪيا وڃن ٿا. جيڪي به اڪثر غير معياري ۽ فحش هجن ٿا.
نصاب موزون نه آهي، نين حالتن جي
تقاضائن مطابق نه آهي، مدي خارج آهي، جنهن سان اسان جي نسل جي صحيح رخ ۾ رهنمائي
نٿي ٿئي. آباديءَ ۾ اضافو جنهن تيز رفتاريءَ سان ٿي رهيو آهي، ان جي نسبت سان
تعليمي سهولتون ميسر نه آهن. جنهن ڪري شاگرد انفرادي توجه حاصل ڪرڻ کان قاصر آهي،
استاد کي ايترو وقت نه آهي ته هو شاگردن تي انفرادي ڌيان ڏي، ماحول جو وڏو اثر ٿئي
ٿو، اسان وٽ ماحول تعليمي نه آهي، لائبررين جي کوٽ آهي.
استادن جو تقرر سفارش ۽ رشوت جي بنياد
تي ٿئي ٿو. ان ڪري نااهل استادن جي ڀرمار آهي، جيڪي ڪم چور ۽ محنت کان پري ڀڄندڙ آهن.
تعليم کاتي کي ٻين کاتن جي نسبت سهولتون تمام گهٽ آهن، انهن جون پگهارون تمام گهٽ آهن،
ان لاءِ استاد سائيڊ بزنس يا وري ٽيوشن ڏي ڌيان ڏين ٿا. اڄ جو استاد علم بجاءِ
دولت جو پوڄاري بڻجي چڪو آهي، هو درس تدريس کي ڪاروبار ۽ ڌنڌو سمجهي ٿو. اهڙا
استاد ٽيوشنن جو سدائين ڳولا ۾ هوندا آهن.
استادن جون يونينون آهن، جيڪي سدائين هڙتال
لاءِ تيار هونديون آهن، پهريون حربو ڪلاسن جو بائيڪاٽ هوندو آهي، انهن جا عهديدار هڪ
ٻئي خلاف سازشون ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي جا ترا ڪڍڻ ۾ پورا هوندا آهن.
ڪاپي عام جام آهي، استاد خود ڪاپي
ڪرائين ٿا ۽ پنهنجي من پسند شاگردن کي پوزيشنون وٺي ڏين ٿا. بورڊ ۾ مارڪون وڪرو
ٿين ٿيون، مارڪن جي وڪري ڪري بورڊ جا معمولي ڪلارڪ بنگلن ۾ رهن ٿا ۽ عاليشان گاڏين
۾ گهمن ٿا.
اسڪولن جا آفيسر به سفارشي ۽ نا اهل
مقرر ٿين ٿا، جيڪي گهر ويٺي امتحان جون شيون صحيح ڪن ٿا. منٿليون وٺن ٿا. باقاعده
ڪرسيءَ جو ريٽ مقرر آهي. اهي شاگردن جي مستقبل سان کيڏن ٿا، قوم کي تباهه ڪن ٿا.
عجيب ۽ دلچسپ صورتحال هي آهي ته هر دور
۾ تعليم جو کاتو اڪثر اڻ پڙهيل يا وري غير واسطيدار ماڻهن کي ڏنو وڃي ٿو. جن کي ٻه
اکر به لکڻ نٿا اچن اهي اسڪولن جي استادن جي ڪهڙي نگراني ڪندا ڪهڙي دلچسپي
ڏيکاريندا.
ٻهراڙيءَ ۾ اسڪولن جي جاين تي وڏيرن ۽
پوليس وارن جو قبضو آهي. اسڪول يا گودام آهن يا وڏيرن جون اوطاقون، انهن جا رکرايل
انگوٺي ڇاپ ماستر آهن جي انهن جا ڪاروا ۽ ڪمدار آهن.
ڪا به مضبوط تعليمي پاليسي نٿي جوڙي
وڃي، ڀلا اڻ پڙهيل حڪمران ڪهڙي تعليمي پاليسي جوڙيندا. ان ڪري حالت اها آهي جو
اسان جي شاگردن کي ناچڻين، رانديگرن، اداڪارن جا نالا ياد هوندا پر پنهنجو سبق انهن
کي ياد نه هوندو. هو اجايو گهمن ڦرن ٿا، رلن ٿا، اجايو وقت وڃائين ٿا ۽ امتحانن ۾
ڪاپي ڪري، استادن ۽ بورڊ وارن کي پئسا ڏئي پاس ٿين ٿا.
اقوام متحده جي رپورٽ مطابق ترقي پذير
يا ترقي يافته ملڪ کي پنهنجي تعليم جي شعبي تي گهٽ ۾ گهٽ 5 سيڪڙو قومي آمدنيءَ جو
رکڻ کپي، جڏهن ته اسان جي ملڪ جو صرف هڪ ڏهائي پنج سيڪڙو بجيٽ تعليم لاءِ رکيل آهي
۽ هي قليل رقم ڪٿي پوري ٿئي ٿي. اهو به هڪ سوال آهي.
پاڪستاني معاشري ۾ خواندگي جي شرح تمام
گهٽ آهي، ان لاءِ جو والدين جي اڪثريت جاهل آهي. هي پنهنجي ٻارن تي پوريءَ طرح
ڌيان نٿا ڏين، والدين جي عدم دلچسپي به اثر انداز ٿئي ٿي.
تعليمي ادارن ۾ سياسي پارٽين جا ليڊر ۽
ڪارڪن مداخلت ڪن ٿا. جنهن سان تعليمي نظام تي اثر پوي ٿو. امتحانن جو نظام ناموزون
آهي. پيپر عام آئوٽ ٿين ٿا، جنهن ڪري حقدار ۽ ذهين ٻار جي حق تلفي ٿئي ٿي ۽ نااهل
ٻار سٺن گريڊن ۾ اچن ٿا.
ضروري آهي ته ميڊيا، نصاب ڏي ڌيان ڏنو
وڃي نالائق استادن کي نوڪري کان خارج ڪيو وڃي، عوامي امتحانن جي نظام کي درست ڪيو
وڃي، ۽ اهڙو تعليمي نظام قائم ڪيو وڃي. جنهن سان سٺا شهري پيدا ڪري سگهجن ٿا.
Comments
Post a Comment