رشوت ۽ ان جي روڪ ٿام


رشوت مان مراد ان رقم جو ناجائز حاصل ڪرڻ آهي، جيڪا پنهنجي فرض جي خلاف ناجائز ڪمن لاءِ ورتي وڃي ٿي:

قرآن شريف ۾ ارشاد آهي ته:

وَتُدْلُواْ بِهَا إِلَى الْحُكَّامِ

حاڪم کي رشوت نه ڏيو

جتي اسان رشوت وٺڻ کي ڏوهاري چئون ٿا ان کان وڌيڪ ڏوهاري رشوت ڏيڻ وارو آهي ۽ ظاهر آهي ته رشوت ڏيڻ وارو ئي ان برائيءَ جو ذميوار هجي ٿو.

مجرم ۽ حاڪم جي حيثيت ۾ زمين آسمان جو فرق آهي، ڏوهاري هڪ قسم جي تڪليف ۾ مبتلا هوندو آهي ۽ پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪري ان تڪليف کان بچڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ليڪن حاڪم اهڙي ڪنهن به تڪليف ۾ نه هوندو آهي، جنهن جي باعث ان کي رشوت ڏئي فوري طور نجات حاصل ڪرڻ جي ضرورت پيش اچي، رشوت وٺڻ واري حاڪم کي محض حرام خوري جي عادت پئي ٿي.

هن زماني ۾ رشوت ستاني جي غليظ عادتن ملڪن ۽ حڪومتن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. مالدار طبقي جو هي خيال آهي ته هو برسر اقتدار طبقي کي رشوت ڏئي غريبن ۽ شريفن تي ظلم ڪن ٿا ۽ خود پنهنجي ڏوهن کان صاف بچي وڃن ٿا. اهڙي حالت ۾ جڏهن رشوت ان حد تائين عام هجي، اتي مذهب، قانون ۽ معاشرتي نظام جي ڪهڙي ضرورت آهي، تاريخ جا ورق شاهد آهن بنگال جي جعفر ۽ دکن جي صادق انگريزن کان رشوت وٺي ننڍي کنڊ کي صدين لاءِ غلاميءَ ۾ ڏئي ڇڏيو.

رشوت وٺڻ وارن ڪامورن، وزيرن يا حاڪمن جو شمار غدارن ۾ ٿئي ٿو، جنهن ملڪ ۾ حڪمران خود راشي هجن اهو ڪڏهن به ترقي نه ٿو ڪري سگهي، اتي هر قسم جي ڪاروبار ۾ رڪاوٽ پيدا ٿي وڃي ٿي، نه واپار ۾ خير و برڪت رهي ٿي نه ملازمت ۾، عوام پنهنجي حڪومت کان بد دل ٿي وڃي ٿو.

جنهن ملڪ ۾ وڏا وڏا حاڪم رشوت وٺڻ لڳن اتي ننڍن اهلڪارن جو ذڪر ئي ڇا ڪجي، اهي بي خوف ٿي رشوت خوريءَ جي حق ۾ دليل ڏين ٿا ۽ چون ٿا ته اسان ته غريب ڪلارڪ آهيون، جڏهن وڏا وڏا امير وزير لکن روپين جي رشوت وٺن ٿا ته اسان غريب جيڪڏهن پنج روپيا ورتا ته ڪهڙي قيامت آئي.

رشوت ستاني جي روڪ ٿام جو پهريون طريقو ته اهو اهي ته هر شخص پنهنجي ذاتي فائدي کي پنهنجي حڪومت جي قانون تي قربان ڪري ڇڏي، ليڪن جڏهن حڪومت هي اندازو ڪري ته ان قسم جي فضا پيدا ٿيڻ ناممڪن آهي، پوءِ ان جو فرض آهي ته هي اهو معاملو خفيه ايجنسين جي حوالي ڪري ۽ جيڪي ماڻهو مجرم ثابت ٿين انهن کي عبرتناڪ سزائون ڏين نه ته ان مادي ۽ غير روحاني دنيا جو خدا حافظ آهي. پنهنجو فائدو ڪير آسانيءَ سان ڇڏي سگهي ٿو. ان ڪري ته چور بازاري بند ٿيندي نه رشوت ستاني.


Comments

You May Like

You May Like

WhatsApp

Archive

Show more